شيخ عبداالله عبدالواسع ”عبد“ (1910ع_1983ع)
(1)
هي آسمان هي بلندي تي نيلگون چـــــــــادر،
ها ماهه ومهر جنهين تي مدارِ شام و سحر
سمجھاڻِي: هن بيت ۾ شاعر قادر جي قدرت جون نشانيون بيان ڪندي چوي ٿو ته هي آسمان جيڪو ڌرتيءَ مٿان ڇت بڻجو بيٺو آهي. ان جي بلندي تي نيري رنگ جي چادر ڍڪيل آهي ۽ ان تي سج ۽ چنڊ جي روشني نمودار ٿئي ٿي. خود انهيءُ نظام سان صبح ۽ شام جي جو تعلق آهي.
(2)
هي صبح جنهنجي ڏجي جُوي نور سان تشبيهه،
هي شام جنهنجي ڏجي زلف حور ســـان تشبيهه.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته هي صبح جو نظام نور جي وهندڙ ندي جي مثل آهي ۽ شام جو وقت حور جي ڪارن وارن سان ڀيٽجي ٿو. اهي ٻئي نظارا الله پاڪ پنهنجي قدرت سان خلقيا آهن.
(3)
شفقِ جي خون شهيـــــــــدِ ادايِءِ شيرين جــــــــــو،
هي ابر دونهن ڪنهين دل کيل ۽ غمگين جو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته سج جي لهڻ وقت جيڪا شفق جي ڳاڙهاڻ ظاهر ٿئي ٿي سا پرين جي شهادت جي خون جو رنگ آهي ۽ هي ڪارو ڪڪر ڪنهن ڏکويل دل جي دونهين جي تصوير آهي.
(4)
هي برق جـــــــــا ٿي تجليءِ حسن جي تنـــــــــوير،
هي مينهن عاشق گريان جي حال جي تصوير.
سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاعر فرمائي ٿو ته آسمان ۾ جيڪا کنوڻ چمڪندي آهي اها به حسن جي تجلي جي روشني آهي ۽ مينهن وري عشق جي ڦٽيل جي پنهنجي حال تي ڳوڙهن ڳاڙهڻ جي تصوير آهي.
(5)
زمين هي، قدر ٿيو جنهن جو آسمان کان بلند،
جلي ٿو چرخ چهارم به جنهن تي مثل سپند..
سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاعر چوي ٿو ته آسمان توڙي جو بلند آهي پر زمين جو رتبو ان کان وڌيڪ آهي.ان شان کي ڏسي چوٿون آسمان به گاهه جيان سڙي رهيو آهي.
(6)
هـــــي سبزه زار زمين تي، زمر دين چادر،
هي آبشار، هي چانديءَ جو چشمئه ڪوثر.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته هيءَ زمين جنهن تي ساوڪ اهي ۽ سائي چادر وڇايل آهي، ان ۾ جيڪا رونق آهي ۽ جبلن مان وهندڙ آبشارن جو پاڻي چاندي جيان صاف آهي اهو جيئن ته آبِ ڪوثر آهي.
(7)
هي برف سان ڍڪيل چوٽيون ڪوهســـــارن جون،
هي تن تي رانديون شعاعن جون، ماهه پارن جون.
سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاعر چوي ٿو ته هن ڌرتي تي برف سان ڀريل چوٽيون ۽ انهن تي پوندڙ سج جا ڪرڻا ڌڻيء جي وڏائي جا اهڃاڻ آهن.
(8)
هوا هي ڏئي ٿي ٻهاري جا مرغزارن ۾،
هي روشني جا نظر ٿي اچي ستارن ۾
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته هي هوا جيڪا باغن مان گذري ٿي ۽ رات جو آسمان ۾ نظر ايندڙ ستارن جي روشني الله پاڪ جي قدرت جو هڪ دلڪش منظر آهن.
(9)
نسيم صبح، هي مستي جو عاشقن کي پيام،
هواءِ شام، هي ڪنهن شوخ جو حسيـــن خرام.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته صبح جي وقت لڳندڙ ٿڌڙي هير ڄڻ عاشقن کي مستيءَ جو پيغام ڏئي ٿي ۽ شام جي وقت جي هوا ڄڻ ڪنهن دلربا نازنين جي ناز و ادا آهي.
(10)
هي نرم نرم صدا، شاعرِ عزل خوان جي،
هي مست ناز ادا، ساقيءِ بــــــــــهاران جي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته غزل پڙهندڙ شاعر جو هي نرم ۽ دل ۾ پيهي ويندڙ آواز. ساقي جي مست ۽ ناز و ادا جي دلربا جيان آهي.
(11)
سڀئي هي قدرتِ قادر کي آشڪار ٿا ڪن،
اسان کي پنهنجي ڌڻيءَ ڏي وٺي ٿا هــــــلن.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اهي سمورا نظارا، ڏيک ۽ جلوا الله پاڪ جي قدرت کي ظاهر ڪن ٿا. اسان کي ان ۾ قدرت جا چٽا دليل نظر اچن ٿا. جنهن ڪري اسين پنهنجي رب کي راضي ڪرڻ ۾ اڳتي وڌون ٿا ۽ پنهنجي مالڪ ڏانهن رجوع ڪرين ٿا.
شرط
(1)
مسلمان! جيڪي ڪجھ تون چاهين، سو برابر ٿي پوي،
چيز بد تر به چوڻ تنهنجي سان بهـــــــــتر ٿي پـــــــــــــــــــــوي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي مسلمان! جيڪڏهن تنهنجو ڪامل ايمان آهي ته جيڪو ڪجھه تون چاهين سو ٿي سگھي ٿو ايتري قدر جو تنهنجي چوڻ سان خراب شيءِ به سٺي ٿي پوي ٿي.
(2)
خاڪ کي مٺ ۾ رکين جي ته اها زر ٿي پوي،
سنگريزه جي کڻين هٿ ۾ ته گـــــوهر ٿي پوي.
سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاعر چوي ٿو ته اي مسلمان! تون پنهنجي دين تي ثابت قدم رهين ته تنهنجي مٺ ۾ رکيل خاڪ به سوني ٿي پوندي ۽ اگر هٿ ۾ پٿريون کڻندين ته اهي ناياب موتي ٿي پوندا.
(3)
لوهه اڻ گھڙئي تي ڦيرائين جي هٿ تون پنهنجا،
بااليقين لوهه جو سو ٽڪرو به زيور ٿي پـــــــوي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي مسلمان! تو ۾ عزم ۽ استقامت جي اهڙي ته قدرت آهي جيڪڏهن تون اڻ گھڙيل لوهه تي هٿ ڦيرائين ته اهو لوهه به زيور ٿي سگھي ٿو.
(4)
تنهنجو الطاف جي غمخواري ڪري ساڻ اياز،
ته سو هم قسمتِ محمود و سڪندر ٿي پـــوي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته جيڪڏهن تون اياز جهڙي غلام جي مٿان پنهنجي شفقت جو هٿ رکين ته انجو نصيب بدلجي سگھي ٿو ۽ سندس بخت، محمود ۽ سڪندر جيان ٿي سگھي ٿو.
(5)
ذره هيچ تي پرتوَ فگني جي تون ڪــــــــرين،
ته سو ذرو به اُڏي شمس جو همسر ٿي پوي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته اي مسلمان! تون پنهنجي عظمت کي ڏس تون جيڪڏهن ڪنهن ڪمتر کان شيءِ تي نظر ڪرين ته اها شيءِ اڏامي وڃين سج جي برابر ٿيندي.
(6)
جي وڃين نڪري تون ڪنهن جھنگ يا ويرانيءَ ۾،
ته سو ويرانو عدن باغ جو هــــــــــڪ گھر ٿي پـــــوي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته اي مسلمان! جيڪڏهن تون جھنگ يا ويراني هليو وڃين ته اهو ويرانو جنت جو باغ بڻجي وڃي. پر شرط اهو آهي ته خلوص ۽ سچائي سان محنت ڪري.
(7)
تيز طوفان ۾ جي روشن جي ڪرين تون ڪو چراغ،
ته جھــــــــــــــڪو ان جي اڳيان ماهِ مــــــــــنوّر ٿي پــــــوي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي مسلمان! تون اها هستي آهين جو جيڪڏهن تون طوفان ۾ ڏيئو ٻارين ان جي اڳيان چمڪندڙ چنڊ جي چانڊاڻ به جھڪي ٿي پوي.
(8)
هي زميــــــــــن ڇا ۽ انهيءَ تي رهڻ وارا ڇا،
تنهنجو تابع ته قمر، شمس ۽ اختر ٿي پوي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي مسلمان! تنهنجي ايڏي ته عظمت آهي جو فقط نه زمين پر زمين تي رهندڙ مخلوق تنهنجي تابع ٿي سگھي ٿي. هي سج ، چنڊ ۽ تارا تنهنجا فرمانبردار ٿي سگھن ٿا.
(9)
الغرض تنهنجو ارادو جيڪي چاهي سو ٿئي،
تنهنجا الفاظ چون جيڪي سو اڪثر ٿي پوي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي مسلمان! تون اها هستي آهين جو جنهن ڳالهه جو ارادو ڪندين ته اها ٿي پوندي ۽ جيڪي لفظ پنهنجي وات مان چوندين اهي ٿي پوندا.
(10)
ها مگر شرط اهو آهه ته واپار ڪــــــــــــرين،
ديس پرديس گھمين، دفع هي ادبار ڪرين.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿي ته اي مسلمان! تون پنهنجي تقدير بدلائي سگھين ٿوپر شرط اهو آهي ته تون واپار ڪرين ۽ ڏيهه ڏيهه گھمي پنهنجي بدنصيبي ختم ڪر