تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

شاهه عبدالڪريم (1623_1538)

(1)
مُورک مُور نه ٻُجھڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪَن،
ڪٽر جنين اکــــين ۾، سي ڪيئن پرين پَسَنِ؟
سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو فرمائي ٿو ته نادان ۽ بي سمجھ انسان ڪڏهن به اها ڳالهه نه سمجھندا آهن ۽ نه وري محبوب حقيقي جي جلوي جو مشاهدو ڪري سگھندا. ڀلي انهن کي مختلف طريقن سان سمجھائجي تڏهن به نه سمجھندا. ڇاڪاڻ ته انهن جي اکين تي پردو آهي. اُهي پنهنجي محبوب کي ڪيئن ٿا پروڙي سگھن.

(2)
پاٺيون جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکـــــــــڙيون،
جَرُ ڪَجَرُ جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پَسَنِ
سمجھاڻي: جيڪڏهن محبوب جي محبت ۾ تون روئي ڌوئي اکيون صاف نه ڪندين ته ديدار نه ڪري سگھندين. جنهن جي اکين ۾ ٻيائيءَ جو ڪنو پاڻي ۽ ڪن ڪچرو پيو آهي، سي حقيقي محبوب جو جلوو ڪيئن ڏسي سگھندا.

(3)
سَڄَڻُ ساعت هڪڙي، جي ٿئي اکيئيون ڌار،
ته ڪر سڀِ ڄــــــــمار، ڏٺــوســـــــــين نه ڪڏهن.
سمجھاڻي: شاهه ڪريم هن بيت ۾ فرمائي ٿو ته محبوب جيڪڏهن هڪڙي گھڙي به نظر کان پري رهي ته ايئن محسوس ٿئي ٿو ته اها جدائي جي گھڙي وڏي عرصي جو وڇوڙو آهي. جا گھڙي الله پاڪ جي ذڪر کان غفلت ۾ گذري ٿي ته ڄڻ سڄي عمر جي عبادت نامڪمل ٿئي ٿي ۽ افسوس ٿئي ٿو
(4)
هينيون نه حاضُرِ جَنِ، پرين نه اکڙين ۾،
ٺَلهَا ڍنڍا سکڻا، هئــــــين جاڙ جِيئَــــــــــنِ
سمجھاڻي:اهي طالب جن جي دل محبوب جي طرف مائل نه آهي يعني عبادت به دنيا جي شين م اٽڪيل آهي ۽ محبوب کي اکين سان نٿا ڏسن، اهي خالي ۽ ڍانڍي (ڏار پيل) دلي وانگر آهن جيڪو ظاهر ۾ ته صحيح آهي پر ڪم جهڙو نه آهي. انهن انسانن جي زندگي بي مقصد آهي جيڪي ضرورت وقت ڍانڍي مٽ وانگر ڦريو وڃن.
(5)
مجازي موهي، ڪڏهن ويندءِ نڪـــــــري،
اکڙيون تو هي، مڇـــــڻ وهي وِســـــــــهي.
سمجھاڻي: هي دنيا فاني آهي ۽ هن دنيا جي فريبن ۾ ڦاسي اصل مقصد انسانيت کي هٿن مان نه ڇڏڻ گھرجي. حقيقت ۾ ظاهري آسائشون ۽ لذتون فاني آهن. دنيا اُڃ جو مثال آهي جنهن جو اصل وجود ڪو به ناهي. ان ڪري اصل حقيقت کي سمجھڻ لاءِ اندر جي اک کان ڪم وٺُ. متان تون هن فاني دنيا ۾ اکيون اڙائياعتبار ڪري ويهي رهين.

(6)
ڌڪين ڌاتِ پئو، هيئڙو لوههَ سنداڻ جيئن،
سنڀاري کي سڄڻين ورڇي تان نه وِئــــــــــو.
سمجھاڻي: پنهنجي پرينءَ جي ياد ۾ ڏک ۽ تڪليفون ايئن لڳن ٿيون جيئن لوهار ڌاتوءَ کي سنداڻ تي رکي ڪُٽيندو آهي. محبوب جي طرفان اسان جي دل تي ڪيترائي ڀيرا چوٽون لڳيون آهن. پر سنداڻ ڪڏهن بيزار ٿي لوهار سان شڪايت نه ڪئي آهي ۽ عشق ۾ آيل تڪليفن کي دل خوشي سان قبول ڪري ٿي.
(7)
جي جاڳندي مَنَ ۾، ستي پڻ سيئي،
مَن پريان نيئي، پڳهــــــــيو پاڻ ڳَري.
سمجھاڻي: مون کي پنهنجو محبوب جاڳ توڙي ننڊ ۾ ياد آهي ۽ ٻيڙي جي رسي وانگر ٻڌي قابو ڪري پاڻ ڏي ڇڪي رهيو آهي. ان ڪري محبوب کان جدائي ممڪن ئي نه آهي. آئون هن جي ياد ۾ هر وقت مصروف آهيان.
(8)
پاڻياري سِرِ ٻَهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيـــو آهي روح ۾.
سمجھاڻي: جيئن پاڻي ڀريندڙ عورت جي مٿي تي ٻه دلا هڪٻئي مٿان ايئن رکيل هوندا آهن جو انهن ۾ وٿي نه هوندي آهي، جيئن آبي پکي پاڻيءُ ۾ ترندو آهي ته پاڻي ۽ پکي هڪ ٻئي سان مليل هوندا آهن. بلڪل اهڙي طرح مون ۾ محبوب سمايل آهي ۽ مان محبوب ۾ سمايل آهيان ۽ اسان جي رڳ رڳ ۽ روح پاڻ ۾ سمايل آهن.
(9)
وَرُ سان سُڃي ويڙِ، جتي سڄڻُ هيــــڪڙو،
سو ماڳوئي ڦير، جتي ڪُوڙ ڪُماڙوئين.
سمجھاڻي: هڪ الله لوڪ انسان کي اها جاءِ نه ٿي وڻي جتي انسان ته گھڻا هجن پر سڀ دغاباز ۽ دولاب سان ڀريل هجن. اهو نااهل ماڻهن وارو ماڳ مٽائي ڇڏ. مون لاءِ ويرانو بهتر آهي. جتي صرف اڪيلوالله هجي.
(10)
ڇاڇر ڇڳيرن، گھور نه اچي گھاتوئيــن،
اکيون انين سنديون، کڏا ڪرئون پُڇَنِ.
سمجھاڻِي: شاعر ماڻهن جي اجائي زندگي گذارڻ جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته اهي ماڻهو جيڪي تانگھي پاڻي ۾ تڙڳي رهيا آهن. انهن کي ٽوٻن جيان اونهي سمنڊ جي ڪا به خبر ناهي. هنن جو اکيون صرف تري ۾ پيل پاڻيءَ جون لاهيون چاڙهيون جانچي رهيون آهن.
(11)
هنجهه تتيئين هوءِ، اونهـــي ۾ اوڙاهه جو،
اي ڪانيرو ڪوءِ، ڇاڇرِ ۾ ڇيرون ڪري.
سمجھاڻي: هنجه پکي پنهنجو کاڌو انهي پاڻيءَ مان ڳولي ٿو. پر ان جي برعڪس ڪانيرو جيڪو ڪارو ۽ گندو پکي آهي، اهو به آبي پکي آهي پر ان جي خوراڪ مردا جانور آهن. جيڪي مٿاڇري تي نظر اچن ٿا. شاعر هن بيت ۾ ڪانيرو کي دنيادار انسان سان تشبيهه ڏئي ٿو ۽ هنج مان مراد اهو انسان آهي جنهن جي نظر گھرائي تي آهي. ڪانيرو دنيا کي سڀ ڪجھ سمجھي ٿو ۽ کاڌو حاصل ڪرڻ لاءِ لامارا ڏئي ٿو جيڪو انسانيت جي ابتڙ آهي.