ڪردار ”جهان خان“
جيئن ته جهان آرا ، شهزادي جي هم عمر هئي، انهيءَ ڪري بادشاهه جي حڪم سان لطيف مالهي پنهنجي نياڻي کي جهان خان سان گڏ راند روند ڪرڻ لاءِ محلات ۾ موڪلي ٿو، جتي اهي ٻئي گڏ راند روند سان گڏ مڪتب ۾ تعليم به وڏي چاهه سان حاصل ڪن ٿا. انهيءَ دوران منجھن پيار ۽ پريت وارو جذبو وڌندو رهيو. اها ڳالهه لطيف مالهيءَ کي نه وڻي ۽ هن غيرت وچان پنهنجي نياڻيءَ کي نون ورهين جي عمر ۾ پردي ۾ ويهاري ڇڏيو.
جهان آرا جي پردي ۾ قيد ۽ بند ٿيڻ تي جهان خان کي ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو ۽ ڪيترن ئي ورهين جي محبت کي هڪ پل ۾ وسارڻ سندس وس کان ٻاهر هو، پر ٻالڪپڻي سبب بيوس ۽ مجبور هو. جيڪر سندس وس ۾ هجي ها ته ايئن هر گز ٿيڻ نه ڏئي ها، پر جيئن ته انسان پنهنجي فطرت تي ٻڌل هوندو آهي، انهي پٽاندڙ وقت جي گذرڻ سان گڏوگڏ جهان خان به جهان آرا کي وساريندو ويو. ايتري قدر جو سندس دل جي دفتر تان جهان آراء جو نالو هميشه لاءِ مٽجي وڃي ٿو ۽ هي پنهنجي شاهاڻي شان ۾ غرق ٿي، وقت جون گھڙيون گھاريندي جواني جي موجن ۾ مگن ٿي شادي ڪري، بادشاهي مشغولين ۾ مشغول ٿي ويو. انهيءَ پوري عرصي دوران جهان خان پنهنجي ننڍپڻ جي محبت کي ڪڏهن به نه ساريو. ايتري قدر جو جڏهن جهان آرا پويان پساءَ کڻي رهي هئي، تڏهن به سندس سار سنڀال نه لڌائين، پر انهيءَ جي برعڪس جهان آرا سندس محبت کي سيني ۾ سانڍيندي ساهه ڏئي ڇڏي ٿي. پر جهان خان پنهنجي شان ۽ شادمانين ۾ غرق رهي، هڪ بيوفا شهزادي جو پورو پورو ڪردار ادا ڪري ٿو. جهان آراءَ جي موت تي به سندس اکين مان ڏک جو ڳوڙهو نٿو ڳڙي. انهيءَ ريت مرد فطري سخت دلي ۽ خود غرضيءَ جو مظاهرو ڪري ٿو.
مطلب ته ناول نويس، جھان خان جي ڪردار کي ناول ۾ صحيح ۽ درست ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته فطري طرح مرد، عورت جي مقابلي ۾ وڌيڪ سخت دل ۽ خود غرض ٿئي ٿو.