”ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي“
وَاَعتَصمُوا بِحَبلِ اللهِ جَمِيعاً وَلَا تَفَرَّقُوا
ترجمو: “الله جي رسي کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو ۽ پاڻ ۾ نفاق پيدا نه ڪريو”.
ان مان صاف ظاهر آهي جنهن قوم ۾ ٻڌي ۽ اتفاق آهي اها قوم ترقي ڪندي رهندي. اهڙو ئي مثال ماکي جي مک جو آهي، جيڪو انسان ذات لاءِ قابلِ عبرت آهي. انهن جي پاڻ ۾ ٻڌي هئڻ سبب ماکي جهڙي سٺي ۽ بي بها شيءِ ملي پوي ٿي.
تاريخ جي ورقن مان ڪيترائي اهڙا واقعا ملن ٿا جن مان ٻڌيءَ جي اهميت اُجاگر ٿئي ٿي. اهڙو ئي واقعو اسان جي قوم جو آهي. جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي متحد ڪري هڪ آزاد ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ دنيا جي نقشي تي هڪ نئون ملڪ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ اهو صرف مسلمانن جي ٻڌيءَ جو سبب هو.
سنڌ جو سداحيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پکين جي پريت جو مثال ڏئي ٻڌيءَ جي اهميت کي نمايان ڪري ٿو.
وَڳر ڪَيو وَتن، پرت نه ڇِنن پاڻ ۾،
پسو پَکيئڙن ماڻهان ميٺ گھڻو.
اسان عام زندگيءَ ۾ ڏسون ته خبر پوي ٿي ته پٿر گڏجي جبل ٺاهين ٿا. پن ۽ ٽاريون گڏجي وڻ ٺاهين ٿا. پتين ۽ پنکڙين جو ميلاپ گڏجي گل ٺاهي ٿو. سرن ۽ گاري جو ميلاپ جڳهه ٺاهي ٿو ۽ خود اسان جا عضوا گڏجي هڪ جسم ٺاهين ٿا. ان مان ثابت ٿي ويو ته هر شيءِ جو دارومدار ٻڌيءَ تي آهي. اگر ٻڌي نه هجي ته هوند دنيا جو نظام ئي نه هلي ڇو ته ٻڌيءَ ۾ ئي برڪت آهي. جتي ٻڌي جي بجاءِ نفاق ۽ انتشار آهي، اُتي ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڏاوڏا ممڻ متل آهن. اهي ترقي جي بلندين تي پهچڻ بدران تنزلي جي اونهي اوڙاهه ۾ ڦاٿل آهن.اڄ دنيا مان امن و امان جو خاتمو ٿيندو پيو وڃي. ان جو وڏو سبب اهو آهي ته اسان مان ٻڌي ختم ٿي وئي آهي. اسان فرقه بندي، تعصب، صوبه پرستي ۽ رنگ نسل جي دام ۾ پاڻ کي ڦاسائي ڇڏيو آهي.
اڄ به جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي نفرتن جي پاڙ پٽيون ۽ ٻڌيءَ جو دامن پڪڙيون ته دنيا ۾ هڪ عظيم قوم جي حيثيت ماڻي سگھون ٿا. ٻڏي سڀ کان پهريائين گھر ۾ ڪرڻ گھرجي. ان کان سواءِ ان جو دائرو ڳوٺ، شهر، صوبي، ملڪ ۽ دنيا تائين وڌائڻ گھرجي. اهو ئي انسانيت جو اصل مقصد آهي ۽ اهو ئي اسلام جو سبق آهي.