تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

”مير عبدالحسين خان سانگي“

مير عبدالحسين خان سانگي ٽالپرن جي دور جي آخري حڪمران مير نصير خان جو پوٽو ۽ مير عباس علي خان جو فرزند هو. مير عباس علي خان ڪلڪتي جي هزاري باغ ۾ اسيري دوران هڪ انگريز خاتون سان شادي ڪئي هئي. جنهن مان کيس عبدالحسين خان سانگي 1850ع ۾ ڄائو. ڇهن سالن جو مس ٿيو ته سندن والد انتقال ڪري ويو. پوءِ سندس چاچي مير حسن علي خان سندس پرورش ڪئي.سن 1859ع ۾ انگريزن جي قيد مان آزاد ٿي سنڌ ۾ آيو ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو ۽ حيدرآباد ۾ ئي آخوند عبدالعزيز ۽ احمد سانوڻيءَ کان تعليم پرايائين. سرڪار وٽان کيس اسپيشل فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽيءَ جو عهدو مليو. پاڻ 12 جون 1924ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس وصيت مطابق شاهه لطيف جي ڀرسان ڀٽ شاهه ۾ دفن ڪيو ويو.
سانگيءَ کي شاعريءَ جو شوق ننڍپڻ کان هو. جوانيءَ ۾ سندس شاعري ڏاڍي ترقي ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي خوبيون ۽ خصوصيتون آهن. جن کي مختصر بيان ڪجي ٿو. مثلاً هن پنهنجي ڪلام ۾ ڪيتريون ئي نيون تمثيلون ڪم آنديون، سندس ڪلام ۾ حسن ۽ عشق جون ڳالهيون سڌوسنئون بيان ٿيل آهن. سندس ڪلام ۾ انگريزي لفظ به ڪتب آيل آهن. ان کانسواءِ هن پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي ماڳن ۽ مڪانن جا نالا به ڪم آندا آهن. مطلب ته سانگيءَ جو شعر وطنيت جي جذبن سان ڀرپور آهي. منجھس جدت ۽ اسلوب بيان ۾ نواڻ آهي. پاڻ سنڌي غزل جو اڳواڻ آهي. هن هڪ طرف سنڌي غزل کي زندگيءَ جي مختلف احساسن ۽ امنگن جي اظهار جو ذريعو بڻايو ته ٻئي طرف سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي ترجماني پڻ ڪئي آهي.