تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

حضرت خواجه محمد زمان رحه (1813ع _ 1874ع)

(1)
سڄڻ ڏٺو جن، تن ڏسڻ غير گناهه،
جنين لڌي راهه، وِهن تنين وِههُ ٿِئو.
سمجھاڻي: حضرت خواجه محمّد زمان فرمائي ٿو ته جن پنهنجي محبوب جو ديدار ڪيو تن لاءِ هاڻي ڪنهن ٻئي ڏي ڏسڻ گناهه آهي.جن ماڻهن حق ۽ سچ جي راهه هٿ ڪئي تن لاءِ ماڻهپ کانسواءِ ماٺ ڪري ويهڻ زهر جهڙو ٿو لڳي.
(2)
لڳو واءُ وصال، جنين ساعت هيڪڙي،
تن سان لڌي لعلَ، جنهن لئه جڳ خلقيو.
سمجھاڻي: جن کي هڪ پل لاءِ به محبوب سان ملڻ نصيب ٿيو آهي ايئن سمجھن ٿا ته هن دنيا ۾ اچڻ جا ڪُلي مقصد پورا ٿي چڪا. هتي حضور پاڪ ﷺ ڏانهن اشارو ڪيل آهي ته جن ماڻهن حضور پاڪ ﷺ جن جو ديدار ڪيو تن کي ڄڻ ته لعل ملي ويو. اهو لعل جنهن لاءِ هيءَ دنيا خلقي وئي آهي.
(3)
عارف ۽ عشّاق، پسڻ گھرن پرينءَ جو،
جنت جا مشـــــتاق، اڃا اوراهـــــــــــان ٿئا.
سمجھاڻي: عاشق ۽ عارف صرف محبوب جي مشاهدي ۽ ديدار جي طلب رکندا آهن. جنت جي خواهشمندي رکندڙ ان جي مقابلي ۾ تمام گھڻو پٺتي پيل آهن. ڇو ته اهي پنهنجي عبادت ۽ تقوى جو اجورو جنت جي صورت ۾ طلب ڪن ٿا. پر عارف ۽ عاشق رڳو خدا جي ذات جي مشاهدي ماڻڻ جا خواهشمند هوندا آهن.

(4)
تانسين تون نه فقير، جانسين سانگ سِسيءَ جو،
ماڻئو تن مليرَ، جن جُسو مــــــــــــــــــال مبــــــــاح جو.
سمجھاڻي: ايستائين تون پنهنجي پاڻ کي فقير نٿو چورائي سگھين جيستائين تون پنهنجي جان بچائڻ جو اونو رکين ٿو. فقير اهو آهي جيڪو پنهنجي محبوب کي ماڻڻ لاءِ سر ساهه ۽ مال متاع صدقو ڪري. مطلب ته خدا کي ماڻڻ لاءِ ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه ڪري ۽ سڀ ڪجھ راهه حق ۾ قربان ڪري ڇڏي.
(5)
نڪي اوڏو اک کي، نڪي نظــــــــــران ڏورِ،
وڃان ايئن وهلور، جيئن ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾.
سمجھاڻي: اي خدا ! منهنجون توکي جسماني اکيون ته نٿيون ڏسي سگھن پر تون منهنجي دل جي اک کان پري ناهين. تون ته اسان جي ساهه جي رڳ کان به ويجھو آهين. آئون توکان ان لاءِ ڊڄان ٿو ته تون هر جاءِ اسان کي ڏسين ٿو. پر اسان تو کي نٿا ڏسي سگھون.
(6)
ڇڏيان هي جهان، هُو پڻ گھوري گھوريان،
پلڪ پريان ساڻُ، جي مون سري جيڏيون.
سمجھاڻي: جيڪڏهن محبوب حقيقي جو ديدار ٿي پوي ته ٻئي جهان ان تان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. جي محبوب جي هڪ گھڙيءَ جي زيارت ٿي پوي ته مان پنهنجي دنيا ۽ آخرت صدقو ڪري ڇڏيان.
(7)
سِڪَ روحاني ساميين، جسمي جاهــــــلن،
ٻگھن مڇي من، پارس پسن ڪين ڪي.
سمجھاڻي: هن شعر ۾ صوفي ۽ جاهل انسان جي وچ۾ فرق ٻڌايل آهي. صوفي جي سڪ ۽ سوچ روحاني هجي ٿي. جڏهن ته جاهل صرف جسم لاءِ سوچي ٿو. جيئن ٻگھ کي صرف پيٽ جو خيال هوندو آهي ۽ مڇين جو شڪار ڪرڻ جي خواهش هوندي اٿس. ان کي اها خبر ناهي ته پارس ڪيترو نه قيمتي آهي. اُهي ٻگھ جاهل انسان ڪڏهن به پارس حاصل نٿا ڪري سگھن.
(8)
پلپل پوءِ پچار، مــــــــــــُلڪ ۾ ميــــــــثاق جي،
ڪک پن ڪَنِ اقرار، اسين ٻانها، تون ڏڻي.
سمجھاڻي: شاعر هن بيت ۾ يومِ ميثاق ( روحن جي خلقجڻ واري ڏينهن) جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته جڏهن خدا ڪائنات ۽ خلق خلقي ۽ روحن کي پيدا ڪيو ته هڪ سوال ڪيو هو. ”الست بِرَبِّڪم“ يعني: ڇا مان توهان جو رب آهيان؟ تڏهن سڀني چيو ” قالو بلى“ بيشڪ تون اسان جو رب آهين. ان جو پڙاڏو اڃا گونججي پيو ۽ ڪک پن خدا جي ساراهه ڪن ٿا ته اسين تنهنجا ٻانها ۽ نوڪر آهيون ۽ تون اسان جو مالڪ آهين.

(9)
پريان جي پچار ۾، اچـــــــــــــــــي جن آرام،
دنيا تن کي دام، پڇن موسم موت جي.
سمجھاڻي: عارفن ۽ عاشقن کي پنهنجي محبوب (الله) جي ذڪر ۾ آرام اچي ٿو. ڇو ته خدا جي ياد ۾ ئي دلي سڪون آهي. انهن عارفن کي هي دنيا قيد مثل لڳي ٿي. هر وقت موت جا طلبگار آهن ته جيئن وڃي محبوب جو ديدار ڪن.
(10)
ماهيت مينهن نه پوءِ، قلزم اندر قطري،
مگر وڃي سو، جڳ ڇڏي جـــــــــــا لار ۾
سمجھاڻي: مينهن جي هر قطري ۾ موتي پيدا ڪرڻ جي خوبي نه هوندي آهي. پر صرف ان قطري ۾ موتي پيدا ٿئي ٿو جيڪو سمنڊ جي مٿاڇري جون خوبيو ڇڏي تري ۾ وڃي ڪنهن سپ جي وات ۾ پوي ٿو.، جيڪا پڻ سمنڊ جي تري ۾ وات کولي مينهن جي قطري جي ڳولا ۾ آهي.
يعني خدا جي نور جو اثر هر انسان تي نٿو ٿئي مگر ان جو اثر ان انسان تي ٿئي ٿو جيڪو پنهنجي پاڻ کي ان لاءِ تيار ڪري ٿو. يعني ترڪ دنيا ٿئي ٿو. ڇو ته توحيد جي ماهيت هر حال سان ٿي سگھندي آهي. رڳو توحيد جو علم توحيد نه آهي.
(11)
اکــــــــــــر پڙهه عــــشق جو، ڪَنزُ قَدوري ڇڏ،
چڙهه تنين جي مڏُ، جي سُتي ڏِين شراب جي.
سمجھاڻي: اگر تون محبوب حقيقي جو ديدار ڪرڻ چاهين ٿو ته عشق جو اکر پڙهه ۽ ڪنز قدوري (فقه جا ڪتاب) پڙهڻ ڇڏي ڏي ڇو ته ان سان بحث مباحثي ۾ ڦاسي پوندي ۽ حقيقت حاصل ڪري نه سگھندين ۽ انهن جي صحبت ۾ رهه. جيڪي توکي خدا جي عشق واري شراب جي سُتي پيارين يعني: عشقِ الاهي طرف وٺي هلن.
(12)
سُتِي اُنَ شراب، جن سري سي سون ٿيا،
سُمـــــــهڻ تن ثواب، ڪَتَڻ تن ڪـــــــــيميا.
سمجھاڻي: جنهن کي حقيقي مالڪ جو ديدار نصيب ٿئي ٿو سي سڄا سون ٿي ويا ۽ دنيا جون راحتون هلي ويون. اگر هو ننڊ ۾ آهن ته انهن جي ننڊ به هڪ عبادت. اگر هو مخلوق سان نيڪي ڪن ته سندن اهو عمل ڪيميائي ٿي پوي ٿو.
(13)
صوفين صاف ڪئو، ڌوئي ورق وجود جو،
تڏهن تن ٿيـــــــو، جيري پسڻ پـــــــــرينءَ جو.
سمجھاڻي: جيڪي پنهنجو پاڻ اندر صاف ڪري ۽ نفساني خواهشن کان آجا ٿي رب جي عبادت ۾ مشغول رهيا تن کي ئي حقيقي مالڪ جو ديدار هن دنيا ۾ نصيب ٿي ويندو.

(14)
پاڻــــــــــــي لــــــــهر پســــڻ ۾، برابر ٿيـــــــــــــا،
ڪي اُتي ئي اڙيا، ڪي لنگھي مقصد مڙيا.
سمجھاڻي: جيئن درياء جو پاڻي ۽ لهر گڏ آهن تيئن ئي خالق به بندي سان گڏ آهي. صوفي ازم مطابق انسان نوراني سمنڊ جو هڪ ڦڙو آهي. جن اها حقيقت نه سمجھي اهي ڀٽڪي ويا ۽ جن اها حقيقت ڄاڻي ورتي سي ڪامياب ٿي ويا.
(15)
ڪي جيري جنت ۾، ڪي مئي مس مڙَنِ،
مثل ڪين ڪَرِنِ،پسئو جلوو پريان جـــــــو.
سمجھاڻي: جيڪي عارف دنيا ۾ عبادت گذار رهن ٿا سي جيئري ئي جنت ماڻين ٿا. پر عالم جيڪي سڄي عمر ڪتابن ۾ وڃائي مرڻ کانپوءِ مس وڃي جنت ماڻين ٿا. عارف جيئري ئي محبوب جو جلوو پسي وٺن ٿا ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي ان ۾ شريڪ نه ٿا ڪن.
(16)
ڇڏيو جن ڀنڀور، ڇير تن کي ڇاڙڪي،
هم غم لٿن هوَر، وڃي ڪيچ قراريون.
سمجھاڻي: شاعر هن بيت ۾ ڀنڀور کي هن دنيا سان ڀيٽ ڏيندي چوي ٿو ته جن هن دنيا کي ترڪ ڪيو انهن مٿان سڀ ڏک لهي ويا ۽ وڃي ڪيچ (جنت) پهتا يا جن پاڻ کي فنا ڪيو سي خدا جي عالم ارواح جي سير جو مزو پيا ماڻين. جيئن سسئي پاڻ کي فنا ڪري ڀنڀور کي ڇڏي جبل ج هاڳي ڪيچ مڪران اچي پهتي. تيئن انسان به پاڻ کي اگر خدا جي حوالي ڪري ته سڀ خوف ۽ اوسيئڙا ختم ٿي وڃن ٿا.