تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

مختصر تعارف

1 . اسم:
اسم عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي “نالو”. ڪنهن ماڻهوءَ، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جي نالي کي اسم چئبو آهي.
مثال:
اڪبر، ڪرسي، اسڪول، لکت، اميري، هوشياري وغيره وغيره

2. ضمير:
ضمير معنى “عيوضي”. اهڙا لفظ جيڪي اسم جي بدران ڪم اچن تن کي ضمير چئبو آهي.
مثال:
مان، تون، توهان، اوهان، هِن، هُن وغيره.

3. صفت:
صفت معنى ساراهه. اهڙا لفظ جيڪي اسم جو گڻ ، او گُڻ، انداز، مقدار يا رنگ ٻڌائن تن کي صفت چئبو آهي.
مثال:
سٺو، هوشيار، جڏو، چالاڪ، ننڍو، وڏو، اٺ، نُوُ، ڪجھ، گھٽ، وڌ، ٿورو، گھڻو وغيره.

4. فعل:
فعل معنى “ڪم”. اهڙا لفظ جيڪي اسم جو، ضمير جو ڪم يا عمل ظاهر ڪن ته ان کي فعل چئبو آهي.
مثال:
آيو، ويو، لکيو، پڙهيو، ڪيو، ماريو وغيره.
5. ظرف:
ظرف معنى ”ٿانءُ“. اهڙا لفظ جيڪي اسم جي صفت، فعل يا ٻئي ظرف سان شامل ٿي ان جي ريت قدر، انداز، هاڪار ۽ ناڪار ۽ وقت ظاهر ڪن تن کي ظرف چئبو آهي.
مثال:
آهستي، ڪالهه، جيڏانهن، تيڏانهن، اڄ، سڀاڻي،تيز، هائو، نه هيٺ، مٿي وغيره.
6. حرف جر:
جر معنى “ڪشش يا ڇڪ”. اهڙا لفظ جيڪي جملي ۾ اسم يا ضمير جي پٺيان ڪم اچن. ان جو تعلق جملي جي پوئين اسم يا ضمير سان ڏيکاريندا آهن
.مثال: جو، جا، جون، سان، جي، کي، ۾ وغيره.

7. حرف جملو:
اهڙا لفظ جيڪي ٻن لفظن، ٻن جملن يا جملي جي ٻن حصن کي پاڻ ۾ ملائن ته انهن کي حرف جملو چئبو آهي.
مثال: مگر، ته، البته، اگر، پر، به، پڻ، يا، اگرچه وغيره.

8. حرف ندا:
ندا جي معنى “سڏ يا دانهن”. اهڙا لفظ جن مان ڏک، خوشي، دل جا اڌما، حيرت،عجب،ڌڪاء، احساسات ۽ جذبات جو اظهار ڪري سگھجي ته ان کي حرف ندا چئبو آهي.
مثال:
او، ڙي، افسوس، واهه واهه، گھوڙا ڙي وغيره.
شال، مار



اسم جا قسم
اسم جا ٻه قسم آهن.
1 . اسم ذات 2. اسم صفات
1 . اسم ذات:
اهڙيون شيون جن کي محسوس ڪري سگھجي پر انهن جو جسماني وجود نه هجي ته اهڙين شين جي نالن کي اسم ذات چئبو آهي.
مثال: الله پاڪ، خوشبو، اميري، غريبي، قسمت وغيره.
2. اسم صفات:
اهڙيون شيون جن جو وجود هجي ۽ جسماني طور نظر به اچن ته ان کي اسم صفات چئبو آهي.
مثال: ڪرسي، چاڪ، ڪاپي، ماڻهو، وڻ وغيره.

اسم صفات جا قسم
اسم صفات جا ٻه قسم آهن.
(1لف) . اسم عام: هڪ قسم جي لاتعداد شين کي اسم عام چئبو آهي
مثال: اسڪول، سپاهي، شاگرد وغيره

(ب) اسم خاص: اهڙو خاص نالو جيڪو ڪنهن شيءِ، جاندار، يا جاءِ کي سڃاڻڻ لاءِ لکيو وڃي. ان کي اسم خاص چئبو آهي.
مثال: تاج محل، لال مسجد، دي سٽي گرامر اسڪول وغيره.
نوٽ: اسم عام جي ننڍڙي صورت کي اسم تصغير چوندا آهن.
مثال: کٽ مان کٽڙي
ڪتاب مان ڪتابڙي
صندوق مان صندوقڙي وغيره

ضمير جا قسم
1 . ضمير خالص: اهڙا ضمير جيڪي صرف انسان ذات لاءِ ڪم ايندا آهن.
مثال: مان، تون ، هو، هن، اُهي وغيره

ضمير خالص جا قسم
(الف) . ضمير متڪلم: اهڙا ضمير جيڪي ڳالهائيندڙ پنهنجي لاءِ استعمال ڪري.
مثال: آءٌ، مان، اسان وغيره.

(ب) ضمير حاضر: اهڙا ضمير جيڪي ڪو مخاطب پنهنجي مخاطب لاءِ استعمال ڪري.
مثال: توهان، تون وغيره.

(ج) ضمير غائب: اهڙا ضمير جيڪي ڳالهائيندڙ ان لاءِ استعمال ڪري جيڪو گفتگو ۾ شامل نه هجي.
مثال: هو، اهي، انهن وغيره.

2. ضمير اشارو: اهڙا ضمير جيڪي ڪنهن شيءِ ڏانهن اشارو ڪن تن کي ضمير اشارو چئبو آهي.
مثال: هيءَ، هوءَ، اهو، اهي، هن وغيره.

3. ضمير استفهام: استفهام معنى آهي سوال ڪرڻ يا پچا ڪرڻ. اهڙا لفظ جيڪي سوال پڇڻ لا ءِ ڪم اچن تن کي ضمير استفهام چئبو آهي.
مثال: ڇا، ڇو، ڪڏهن، ڪنهن وغيره.

4. ضمير مشترڪ: مشترڪ معنى “شريڪ ٿيڻ”. اهڙا ضمير جيڪي اسمن ۽ ضمير خالص سان خالصاً ۽ ٻين ضميرن سان عمومًا گڏ استعمال ٿين ته انهن کي ضمير مشترڪ چئبو آهي.
مثال: پاڻ، خود، پاڻ ئي پاڻ وغيره

5. ضمير مبهم: اهڙا ضمير جن جي باري ۾ خبر نه پئجي سگھي ته ڪهڙي اسم جي بدران ڪم آيل آهن ته اهڙن ضميرن کي ضمير مبهم چئبو آهي.
مثال: ڪو، ڪا، ڪي وغيره
6. ضمير موصول: موصول معنى “وصول ڪندڙ، ڳنڍيندڙ”. اهڙا ضمير جيڪي اسم جي بدران ڪم اچي هڪ جملي ۾ اسم جو تعلق يا جملي جي حصي جو تعلق ٻئي جملي يا ٻئي حصي سان حاضر ڪن.
مثال: جيڪو، جيڪي، جنهن وغيره.
7. ضمير جواب موصول: اهڙا ضمير جيڪي ضمير موصول جي جواب ۾ ڪم اچن ۽ پنهنجو تعلق جملي جي پهرين حصي سان ظاهر ڪن تن کي ضمير جواب موصول چئبو آهي.
مثال: سو، سا، سي، تنهن، تن وغيره.

فعل جا قسم

1 . فعل معاون: معاون : مددگار
اهڙا مددي فعل جيڪي هر قسم جي فعل جي مدد ڪن ۽ ان جي غير موجودگيءَ ۾ جملا پنهنجي خصوصيت وڃائي ويهن.
مثال: مون وٽ ڪجهه ڪتاب آهن.
آهن، آهي، هوندا، هونديون، ٿيندو وغيره

2. فعل لازم:
اهڙا فعل جيڪي اهڙا ڪم ۽ خصوصيتون ڏيکارين جن جو لاڳاپو فاعل سان هوندو آهي ۽ هن ۾ مفعول نه هوندو آهي.
مثال: مان کيڏان ٿي. هوا لڳي ٿي.

3. فعل معتدي:
هي اهڙا فعل آهن جيڪي ڏيکارين ٿا ته فاعل ڪم ڪن ٿا ۽ ان ڪم جو اثر ڪنهن ٻئي تي ٿئي ٿو. (هن ۾ فاعل مفعول ۽ فعل چٽا ۽ واضع هوندا آهن)
مثال: مان راند کيڏان ٿي.

فعل متعدي جا قسم
(الف) متعدي معروف: اهڙا فعل جن ۾ فاعل ۽ مفعول واضع هوندا آهن.
مثال: حنا ڪهاڻي لکي ٿي.

(ب) فعل متعدي مجهول: هن فعل ۾ فاعل لڪيل نه هوندو آهي ۽ مفعول فاعل جي جاءِ وٺندو آهي.
مثال: انب پٽيا وڃن ٿا.

(ج) متعدي معروف باالواسط: فعل جي هن قسم ۾ فاعل پاڻ ڪم نه ڪندو آهي پر ٻئي کان ڪرائيندو آهي.
مثال: ارباب گھر ٺهرائي ٿو.

4. فعل اڪرترڪ:
اهڙا فعل جن ۾ فاعل بلڪل نه هوندا آهن ۽ گھڻو ڪري حقيقي ۽ قدرتي يا فطرتي فعل هوندا آهن.
مثال: ساهه کڻجي ٿو. خوشبوء اچي ٿي.
ماني کارائبي. سڀاڻي ملبو.

ظرف جا قسم

1 . ظرف زمان:
اهڙا ظرف جيڪي وقت جي معنى ڏيکارين
مثال: اڄ، سڀاڻي، سال بسال، ڪالهه وغيره
2. ظرف مڪان:
اهڙا ظرف جن مان اسم جي جاءِ جي خبر پوي.
مثال: هيٺ، مٿي، اڳيان پويان، ٻاهر، اندر وغيره.
3. ظرف تميز:
اهڙا ظرف جيڪي ريت، قدر، طريقو، هاڪار ۽ ناڪار ظاهر ڪن.
مثال: مسَ مسَ، جيئن تيئن، هرو ڀرو، هائو، نه نه وغيره.

صفت جا درجا

1 . صفت خالص:
اهڙيون صفتون جيڪي صرف ”مطلق اسم“ جو گڻ، اوَ گڻ، انداز يا مقدار وغيره ٻڌائين.
( هن ۾ ڪنهن ٻئي اسم سان ڀيٽ نه ڏيکاريل هوندي آهي).
مثال: هير هوشيار ڇوڪري آهي. ٽي وي خراب آهي.

2. صفت تفصيل:
هيءَ صفت هڪ اسم يا ضمير جي ٻئي اسم يا ضمير سان ڀيٽ ٿيڻ ڪرڻ وقت ڪم ايندي آهي.
مثال: دلنواز، راشد کان وڌيڪ ڊگھو آهي.

3. صفت مبالغو:
هڪ اسم جي ڀيٽ ساڳي جنس جي گھڻين شين سان ڪئي وڃي ته ان کي صفت مبالغو چئبو آهي.
مثال: بشرى سڀني ڇوڪرين کان هوشيار آهي.