تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

حڪيم نياز همايوني

وطن جو ترانو
(1)
آباد رک خدايا! هـــــــــــــــي گلستان اسان جو،
اُجڙي نه بادِ صرصر، کان بوستان اسان جو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر حڪيم نياز همايوني الله پاڪ کي التجا ڪندي چوي ٿو ته اي منهنجا مولا! اسان جي وطن کي آباد رک ۽ تيز هوائن کان اسان جي وطن کي محفوظ رک.
(2)
نازان رهن ٿا جنهن تي، شاهه و غدا هميشه،
آهي سو ملڪ بيشڪ، جنت سمان اسان جو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته هي وطن اهڙو آهي جنهن ۾ بادشاهه ۽ فقير سڀئي ناز ڪن ٿا. بيشڪ اسان جو هي وطن بهشت جهڙو آهي.
(3)
اوج و ڪمال اسان جو، دنيا ڏسي رهي آ،
آهي بلند سڀ کان، نام و نشان اسان جو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اسين اها قوم آهيون جو اسان جي بلندي،ترقي ۽ ڪمال دنيا ڏسي رهي آهي. اسان جي سڃاڻپ ۽ نالو سڀني مٿانهون آهي.
(4)
مشڪل کي منهن ڏيڻ ۾، همت شڪن نه آهيون،
اي آسمان! بلاشڪ، وٺ امتحـــــــــــــــــان اسان جو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي آسمان! تون چاهي اسان کان ڪيڏو به امتحان وٺ. اسان ۾ همت ۽ جذبو آهي. اسان مشڪل کان مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻ ڄاڻون ٿا. اسين بي همت ناهيون.
(5)
جھولي هي سبز جھنڊو، جاه و حشم سان هر دم،
پاڇي ۾ ان جي پلجي، پير و جــــــــــوان اسان جو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اسان جي پاڪ وطن جو پرچم سدائين شان و شوڪت سان ڦڙڪندو رهي ۽ ان جي سائي ۾ اسان جا بزرگ ۽ جوان سک جو ساهه کڻن.
(6)
اڄڪلهه ”نياز“ ان ۾، سڀ ڪجھ ڏسون پسون ٿا،
آهي وطن اسان لئه، گويا جهـــــــــــــــان اســـــــــــان جو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته اي نياز! اڄ ڪلهه اسين جيڪي ڪجھ آهيون اهو وطن جي ڪري آهيو. اسان جو وطن ڄڻ اسان لاء هڪ دنيا آهي جنهن ۾ اسان گھمون ڦرون ٿا. ڏسوئون ۽ وائسون ٿا.