حمل فقير (1225ع_1296ع)
(1)
سانڊيم سدائي، سڪ توهــــــــــــــــان جي ســــــــاهه ۾،
انــــــــــدر ۾ اڌما ڏئي، سا ڪــــل نه ڪنهن ڪــــــائي،
”حــــــــمــــــــل“ چئي هيءَ دل تو، گھورن سان گھائي،
جالئون اوهان لائي، سا ڪنهن دم وسري ڪينڪي
سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاعر حمل فقير پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته اي محبوب! تنهنجي سڪ هميشه جي لاء منهنجي ساهه ۾ سمائجي وئي آهي. جيڪا اندران اڌما ڏئي نڪري ٿي ۽ ان جي ڪنهن کي به خبر ناهي. هتي حمل پنهنجو تخلص استعمال ڪندي چوي ٿو ته تنهنجي نظرن منهنجي نظرن کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪا محبت مون ۾ تنهنجي لاءِ آهي ان کي آئون ڪڏهن به نٿو وساري سگھان ۽ اها محبت هميشه قائم رهندي.
(2)
سڪندي ٿيڙيم سال، تو ســـڪ نه لاٿي ســـــــپرين!
اَٺ ئي پهر اندر ۾آ تنهنجي ســـــــــڪ سنڀــــــــــــــــال،
اچين هوند ”حمل“ چئي ، ڪري ڀلايون ڀـــــــــــــــال،
ته مِلڪ مڏيون سڀ مال، سر سوڌو صدقو ڪيان.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ حمل چوي ٿو ته اي محبوب! تنهنجي سڪ ۾ مون کي سوين سال ٿي ويا آهن. پر اڃا تائين منهنجي اها سڪ نه لٿي آهي. ايتري قدر جو رات ڏينهن مون کي تنهنجي ئي سڪ آهي. حمل تخلص استعمال ڪندي چوي ٿو ته اگر تون هڪ ڀيرو مهربانيون ڪري مون ڏي اچين ته مان پنهنجي سڀ ملڪيت جان سميت تو تان قربان ڪري ڇڏيان.
(3)
سڪ مڙئي سور، سور به سرجيا ســــــــــڪ مون،
صبــــــــر ســــــــــڪ وڃــــــــائيو، ماٺ نه اچي مور،
دانهون درد فراق جون، ڏيهه ٻجـــــھن ٿيون ڏُور،
”حمل“! هي ڪلور، ساجـــــــن سڻـــي ڪين ڪي!
سمجھاڻي: حمل پنهنجي محبوب ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو ته تنهنجي سڪ سور بڻجي ويو آهي ۽ اهي سور به سڪ مان ئي پيدا ٿيا آهن. انهيءَ سڪ مونکان صبر کسي ورتو آهي ۽ مون کي هاڻي ماٺ ڪري ويهڻ نٿو اچي. تنهنجي جدائي جو دانهون پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. افسوس اهو آهي جو اهي دانهون سڄي لوڪ کي ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون پر هڪ تون ئي نٿو ٻڌين.
(4)
ساجـــــــــــــــــــن تنهنجي سڪ جي، آهه انــــــــــــــدر ۾ اڻ تـــــــــــڻ،
ڦـــــــــــــــوڙائي فـــــــــــــراق جـــــــــــا، ٿا چــــــــــــاڪ ڪرن چُڻ چُڻ،
هيڪر حـــــــــــــــال حمــــــــــــــــل جو، ســـــــــــاجن تــــــان سڻ سڻ،
تنهنجون ڳالهيون ۽ ڳڻ ڳڻ، ڪنهن دم وسرن ڪـــــــين ڪي.
سمجھاڻي: شاعر چوي ٿو ته تنهنجي سڪ منهنجي اندر ۾ ڪيترائي وسوسا پيدا ڪري ڇڏيا آهن ۽ تنهنجي جدائي وارا زخم مون کي ڪيتريون ئي تڪليفون پهچائن ٿا. اي محبوب! حمل جو هڪ ڀيرو ته حال ٻڌ ڇو ته تنهنجون محبت ڀريون ڳالهيون ڪڏهن به وسري نٿيون سگھن.
(5)
ساجن تنهنجي سڪ، ڪيا اندر آکـــــــــــــــيرا،
راتيان ڏينهان روح ۾، ڪيا وهمن واهــيرا،
اچين هوند ”حمل“ چئي، ڏينهان ڏهه ڀيــــــرا،
تان جان جگر جيرا، توکي دوست دعا ڪرن.
سمجھاڻي: اي محبوب! تنهنجي سڪ منهنجي دل ۾ گھر ڪري وئي آهي ۽ رات ڏينهن منهنجي دل ۾ تنهنجا ئي وسوسا آهن. حمل جي خواهش آهي ته مون ڏي ڏينهن ۾ ڏهه ڀيرا اچ ته منهنجو سر ساهه، جان جگر توکي دعا ڪندا رهن.
(6)
سورن سَوَ هزار، لکڻ ليـــــــــکو ناهه ڪـــــــــــــــــــــــــــو،
وهمن وڌي وڻ ڪيـــــا، ڏکــــــــــــــــن مڪــــــــــــــــــا ڏار،
دعا ڪريو تان دوست اچي، ”حمــــــــــل“ چئي هيڪار،
تان ساجن تئون سو وار، صدقو ساهه سِسِي ڪريان.
سمجھاڻي: هن ۾ حمل چوي ٿو ته سورن جو تعداد سون کان وڌي هزارن تائين وڃي پهتو آهي. ان جو ڪو به ليکو نٿو ڪري سگھي. دلبر جي دور هئڻ جي ڪري وسوسا وڻ ٿي چڪا آهن ۽ انهن وڻن وري ڏکن جا ڏار ڪڍي ڇڏيا آهن. حمل وڌيڪ چوي ٿو ته اي دوستو! دعا ڪريو ته منهنجو محبوب هڪ دفعو اچي ته ان تان سو ڀيرا پنهنجو ساهه قربان ڪريان.
(7)
ساجن سدائي، جيئرو هئيـــــــــــــــــن جـــــهــــــــــــان ۾،
مونکي تو منهنجا پرين، ڪا لئون ڳجھي لائــــــي،
انـــــــدر آڳ عشق جي، تو دلـــــــــــــــبــــــــــــــــر دُکائي،
”حــــــمـــــــــل“ چئي هن حال جي، ڪل پوئي ڪائي،
تان جانــــي جدائي، هوند مونسان موٽي نه ڪرين.
سمجھاڻي: حمل پنهنجي محبوب کي دعا ڪندي چوي ٿو ته اي محبوب! سال تون هميشه زنده هجين ۽ تون منهنجي اندر ۾ ڳجھ ۾ جيڪا محبت پيدا ڪئي آهي ۽ هاڻي انهيءَ محبت جي تپش منهنجي اندر ۾ باهه ٻاري ڇڏي آهي. اي محبوب! اگر توکي منهنجي حال جي خبر پئجي وڃي ته تون ڪڏهن به مون کان جدا نه ٿئين.
(8)
ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان، ڪنهن سان ڳرهيان ڳالهه،
سانڍڻ سڪ سڄڻ جي، مشـــــــــــڪل آهــــــــــــــــي محال،
انـــــــدر ۾ اڌما ڏئي، ويسند ناهـــــــــي هـــــــــــــــــــــڪ وال،
”حـــــــــــــمــــــل“ هيءُ حوال، ڪنهن پر پهچي پرينءَ کي.
سمجھاڻي: منهنجا پرين! مان ڇا ڪريان ڪنهن سان پنهنجي اندر جو حال اوريان، هاڻي مونسان سڪ نٿي سانڍجي ۽ اها اڌما ڏئي ٻاهر نڪرڻ جي پئي ڪري. هڪ گھڙي به فرصت ناهي. اي حمل شل منهنجي هن حال جي خبر منهنجي دلبر وٽ پهچي.
(9)
ڪاڻ ڪنين جي ڪـــــــــــــــــــــاڻ، آئون ڪاڻون ڪڍان ڪن جون،
نه ته ڪير ڪاڻ ڪــــــيـــــــــــــــراسين، ڪير ڪڍي هوند ڪــــــــاڻ،
اسين پاڻ اتامرا، ڪـــــــــــــــڍون ڪـــــــــنهـــــــــن جي ڪـــــــــــــــاڻ،
پر ”حمل“ سر هي ساجن ڪاڻ، ٿا ڪاڻون ڪڍون ڪـــــن جون.
سمجھاڻي: حمل چوي ٿو ته محبوب جي ويجھو رهندڙن جي محتاجي کڻان ٿو. منٿون ڪريان ٿو ورنه منهنجي ذاتي صفت اها ناهي ته ڪنهن جي محتاجي ڪريان. اسان ته پاڻ آڪڙ ڪندڙ ۽ وڏائي پسند آهيون. ڪنهن جي ڪاڻ ڇو ڪڍون؟ حمل تخلص استعمال ڪندي چوي ٿو ته پنهنجي پرينءَ جي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ عام ماڻهن جا محتاج بڻجون ٿا.