ڪردار ”لطيف مالهي“
لطيف مالهي جيئن ئي باغ ۾ گلن جي نگھباني ڪندو هو، تيئن پنهنجي عزت ۽ عيال جي سنڀال پڻ ڪندو هو. سندس اندر گلن جيان پاڪ ۽ صاف هوندو هو. سندس عقل، ڏاهپ ۽ سيني جي سچائيءَ کان بادشاهه توڙي عابد ۽ حامد ڏاڍو متاثر هوندا هئا.
لطيف مالهيءَ کي جڏهن پنهنجي نياڻي جهان آرا جي محبت جي خبر پوي ٿي ته هو خوش ٿيڻ بدران پنهنجي نياڻيءَ کي هميشه جي لاءِ پنهنجي غربت ۽ غيرت جي پردي ۾ ويڙهي ويهاري ڇڏي ٿو ۽ جڏهن جھان خان جي شادي ڪرڻ تي جھان آرا جي دل ٽُٽِي پوي ٿي ته اهڙي حادثي تي پنهجي نياڻي جي سورن کي صبر سان سيني ۾ سانڍيندي ڳوڙهو نٿو ڳاري ۽ رب جي رضا تي راضي رهي ٿو.
ناول ۾ لطيف مالهي جي ڪرادر کي تمام گھڻو اجاگر ڪيو ويو آهي. هو هڪ غريب انسان آهي ۽ هڪ جھوپڙيءَ ۾ رهندي به پنهنجي غيرت ۽ عزت کي برقرار رکي ٿو. ساڳي وقت لطيف مالهيءَ جو هڪ اهڙو سچو ۽ سهڻو ڪردار آهي، جيڪو غريب هوندي به، پاڻ کي دنيا جي دردن کان آجو رکي ٿو۽ حلال روزي ڪمائي پنهنجي خوشحال زندگيءَ تي فخر ڪندو رهي ٿو.
مطلب ته، ناول نويس هن ڪردار کي آڏو رکي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سچي خوشي ڪا دنيا جي دولت تي دارومدار نٿي رکي، پر حقيقي خوشي اصل محنت، همت، ايمانداري ۽ نيڪي، شرافت ۽ حلال جي ڪمائيءَ ۾ آهي.