تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

مرزا قليچ بيگ (1853ع _1929ع)

غزل
(1)
مشڪل ۾ پئو ته آسان، مشڪل به ٿي پوي ٿو،
پاڻـــــيءَ اندر ٽپڻ سان دريــــــــاءَ جو ڊپ لهي ٿو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ مرزا قليچ بيگ فرمائي ٿو ته جيڪڏهن مشڪل کي مشڪل سمجھبو ته مشڪل لڳندو پر جيڪڏهن آسان سمجھبو ته آسان ٿي ويندو. جيستائين پاڻي کان ٻاهر رهبو ته ڊپ ٿيندو پر پاڻي ۾ لهڻ کانپوءِ ڊپ لهي ويندو.
(2)
بدبوء کلن رڱڻ جي، گندن ڪمن ڪرڻ جي،
خوشبوءِ ٿي بدلجي، ماڻهو جڏهـــــــن هري ٿو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته جيئن کلن رڱڻ جو ڪم بدبودار آهي تيئن گندا ڪم به بدبودار ٿين ٿا. پر جيڪي ماڻهو انهن ڪمن تي هري وڃن ٿا تن لاءِ اها گندگي پڻ خوشبوء بڻجي وڃي ٿي.
(3)
آفيم سنکيو ۽ ٻيا، جي زهــــــــــــــــر قاتل آهن،
عادت سان ماڻهو تن جو، ڳنڍو ڳهي وڃي ٿو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته ڪو ماڻهو آفيم، سنکيو يا ڪنهن ٻئي نشي ۾ مبتلا ٿئي ٿو ته اهي نشا زهر قاتل آهن پر عادت هئڻ سبب اهي نشا به ماڻهو ڳنڍو ڪري کائي وڃن ٿا.
(4)
ڊوڙن، نچن، رسيءَ تي، ليٽن، هڻن ٿا بازيون،
ٻِئي جو مٿو ڦري ٿو ۽ هو مٿان ڪـــــــــري ٿو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته جيڪي ماڻهو رسين تي نچن ۽ ليٽن ٿا سي انهيءَ ڪم ۾ مهارت رکن ٿا پر ٻيا ماڻهو انهن جي ڪرتبن کي ڏسن ٿا ته انهن جو مٿو ڦري ٿو.
(5)
گھوڙا ٻه گڏ ڊوڙائي، بيهي پٺن تي تن جي،
هڪلڻ لغام ڌاران، چهبڪ به هو هــــــڻي ٿو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته بازيگر ٻن گھوڙن جي پٺين تي بيهي انهن کي ڊوڙائي ٿو ۽ انهن گھوڙن کي بغير لغام جي هلائي چهبڪ به هڻي ٿو.
(6)
سڀڪو هنر يا حرفت آهي اول ۾ مشڪــــــــــل،
ورزش کان ڏکيو ڪم ڀي، آخر ڏکيو ٿئي ٿو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته هر هنر يا ڪاريگري شروع ۾ ڏکيا ڪم لڳن ٿا پر ڪوشش ڪرڻ سان ورزش کان ڏکيا ڪم به سولا ٿي وڃن ٿا.
(7)
دل ۽ دماغ جا ڪم، عضون کان گھٽ نه آهن،
هو ڪرامت ان کي، يــــــــا معجزو چــــــــوي ٿو.
سمجھاڻي: دل ۽ دماغ جا ڪم جسم جي ٻين عضون کان گھٽ ناهن. ماڻهو ان کي ڪرامت يا معجزو چون ٿا حالانڪه انهن جو ڪم به انساني عضون ۾ شمار ٿئي ٿو.
(8)
انسان روح آهي ۽ روح ٿيو خــــــــدائي،
قوت خدائي ان کي، جئن دل چوي ٿو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته حقيقت ۾ انسان روح سان آهي ۽ روح خدا جي ذات جي اصليت آهي. ان ۾ خدا جي طاقت سمايل آهي. اها طاقت جيئن چوي ٿي انسان تيئن ڪري ٿو.
(9)
ڪي ناهي جو ان لئي، ممڪن هجي يا آسان،
نائب خليفو ان کي، پنهنجو خدا سڏي ٿــــــــــو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته انسان لاءِ ڪو به ڪم ڏکيو نه آهي ڇو ته خدا انسان کي پنهنجو نائب (خليفو) سڏيو آهي.
(10)
سجدو تڏهن ته ان کي، اصلئون ڪيو ملائڪ،
موٽي به نيٺ حق سان، ماڻهو وڃي ملـــــــــــي ٿو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته انسان جو مقام ڏسجي ته شروع ۾ ئي الله ملائڪن انهن کي سجدو ڪرايو وري به اوڏانهن ئي کيس موٽي مالڪ حقيقي سان ملڻو آهي.
(11)
پنهنجو شرف تون ذاتي، ڏس ڌيان سان، قليچا،
هل رستو سو هميشه، هت توکي جو ٺهي ٿـــــــــو.
سمجھاڻي:هن بيت ۾ شاعر فرمائي ٿو ته پنهنجو پاڻ کي چڱي طرح ڏس ۽ مرتبو سڃاڻ ۽ اهڙي چال هل جنهن سان تنهنجي عزت وڌي.