تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

”حافظ محمد ”احسن“

حافظ محمد احسن ڪنهن به رسمي تعريف جو محتاج ناهي. سندس نالو محمد لقب حافظ ۽ تخلص ”احسن“ آهي. سندس والد جو نالو جمعه خان چنه هو. پاڻ 12 اپريل 1900ع ۾ ڳوٺ ملڪاڻي ضلع دادو ۾ ڄائو. پنجن سالن جي عمر ۾ مولانا غلام محمد ملڪاڻي جي نظر ڪيميا جي اثر کان مستفيض ٿيو. جن وٽان ظاهري توڙي باطني علم حاصل ڪيائين. ڪتابن جي وسيع مطالعي کانپوءِ منجهس تصنيف ۽ تاليف، شعر گوئي ۽ مقاله نگاري جو شوق ذوق پيدا ٿيو. 1918ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ديني مدرسو کوليائين. پاڻ شاعريءَ جو آغاز 1921ع ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ حڪيم جمعه خان غريب جي صحبت سان ڪيو. سندس ڪلام جي سادگي، رواني ۽ پختگي، سندس فن جو نمايان معيار آهي. پاڻ شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي. خاص طور تي غزل، قصيدو، رباعي، مثنوي ۽ وائي تي عبور حاصل ڪيو. سندس شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻجندي رهي آهي. سندس نظم جي ڪتابن ۾ ديوان ِاحسن ، مظاهر مصطفوي. گلدستهءِ احسن، لطيفي لات وغيره شايع ٿي چڪا آهن. جڏهن ته نثر ۾ ترغيب العلم، سچن تي ستم، شاهه جو پيغام، مخدوم بلال، قصص الانبياء شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ 18 جون 1986ع ۾ وفات ڪري ويو.