فقير قادر بخش ”بيدل“
هڪ ڏُکي، ٻيو ڏوکري، تيون تَتُسُ ڏينهن،
محبت سندو مينهن، ويچاري وسائـــــــــــيو!
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر قادر بخش بيدل سسئي جي حالت بيان ڪندي چوي ٿو ته هوءَ پنهونءَ جي ڳولا ۾ ڏونگري ڏوريندي رهي ٿي. ان وقت هوءَ محبوب جي وڇوڙي جي ماريل ۽ ڏکويل ته اڳ ئي هجي ٻيو وري پٿريلي زمين تي اچي ڏينهن تتس، تنهن ويچاريءَ کي هيڪاري پريشان ڪري ڇڏيو پر هن همت نه هاري ۽ پرينء جي وڇوڙي ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي اڳتي وڌندي هلي.
(نوري)
نوريءَ نُور نِسهَرو، مُول نه مُهـــــــــــــــــــــــــاڻي،
هِت هُت آهي انهيء سان، ڄامُ سمُـــــو ساڻي،
هُوءَ جا اگھاڻي، تنهن مهاڻي مانُ لـــــــــــــــڌو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر ڄام تماچي ۽ نوري جو عشقيه داستان بيان ڪندي چوي ٿو ته توڙي جو نوري اصل ۾ مهاڻي هئي پر هن ۾ اعلى اخلاقي گڻ هئا جو تماچي نظر ۾ نسورو نور هئي ان ڪري ڄام تماچي سان جٿ ڪٿ ساڻ هئي. ان مهاڻي پنهنجي سهڻي صورت ۽ سيرت سبب ايڏو ته مان لڏو جو ڄام سمي جي پُٽ جي راڻي بڻي.
(سناسي)
ڪُن کون اڳي ڪاٿهين، هو سناسيءَ جو سير،
نڪو ڪرسي عرش هو، نڪو زبر زيـــــــــــــر،
نڪو پرينءَ پير، نڪا بوءِ بشر جـــــــــــــــــــــــــــي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر چوي ٿو ته جڏهن قادر مطلق اڃا ڪُن جي امر سان هي ڪائنات ته خلقي هئي تڏهن ڪنهن به شيءِ جي ڪا خبر نه هئي. نه ڪو عرش ڪرسي (آسمان) هئي نه هيٺاهين هئي ۽ نه مٿاهين هئي نه محبوب جو پتو هو نه وري ڪنهن بشر جي ڪا بوءِ هئي.
(ماروي)
مَليرئون مون ڏي مُڪــــــــــــــــا، سرتين سنيها،
وساري ويهي رهينءَ قــــــــــــــــول ڪيئي ڪيها،
پرين، پري ها، نه ته ويجھا وســــرن ڪين ڪي.
سمجھاڻي: هن شعر ۾ شاعر مارئي جي زباني چوي ٿو ته مون ڏي ملير مان منهنجي سرتين (ساهيڙين) جا نياپا آيا آهن. انهن مون ڏي ڏوراپا موڪليا آهن ته عمر سومري جي ماڙين ۽ محلن ۾ رهي اسان کي وساري ڇڏيو آهي. تو جيڪي قول ڪيا هئا سي سڀ وساري ويهي رهين آهين. منهنجا پرين مون کان پري هئا نه ته جيڪر ويجھا هجن ها ته مون کان ڪونه وسرن ها.