1 . سومرن جو دور (1051_1351)
1. هن دور ۾ سنڌ جا رومانوي داستان مثلاً: عمر ماروي، سسئي پنهون، مومل راڻو، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار،سيف الملوڪ، سورٺ راءِ ڏياج ۽ مورڙو مانگر مڇ ملن ٿا. اهي داستان سنڌي ٻوليءَ جو بنياد هئا.
2. رزميه واقعن، مقامي ڳالهين ۽ عام قصن ڪهاڻين تي مبني ڪهاڻيون ۽ داستان رائج ٿيا، جيڪي نثري داستانن ۽ آکاڻين جو بنياد پيا.
3. قصن ۽ واقعن ذريعي سنڌي بيت ”ڳاهه“ جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. هي ابتداعي نوعيت جا بيت آهن، جيڪي ڳالهين ۽ واقعن جي وچ تي اچن ٿا ۽ موقعي توڙي محل کي وڌيڪ موثر بنائين ٿا.
4. هنَ دور ۾ واقعاتي ۽ بياني بيت پڻ ملن ٿا ته مدحيه (ساراهه ۾ چيل) ۽ هجويه ( ملامت ڦٽڪار وارا) بيت به ملن ٿا.
5. هن دور جي مشهور لڙاين بابت جيڪي بيت ملن ٿا اهي رزميه (جنگي) شاعريء جو سهڻو نمونو پيش ڪن ٿا.
6. اسماعيلي مبلغن جي ڪلام ۾ تبليغي نوعيت جا شعر ملن ٿا. جن ۾ اسلامي اصولن سان گڏ اخلاقي هدايتون ۽ دنيا جي بي ثابتي جو ذڪر به نظر اچي ٿو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته روحانيت ۽ تصوف جو مضمون هن دور ۾ سنڌي شاعريء ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
7. فني لحاظ کان گھڻي قدر بيت يا ڳاهه هندي ڇند وديا جي صنف ”دوها ڇند“ موجب ملن ٿا. دوها ڇند ۾ هر بيت ۾ ٻه سٽون ٿين ۽ قافيو هر مصرع ۾ پويان اچي.
8. ڪي بيت سورٺا ڇند موجب به مليا آهن. اهڙن بيتن ۾ به ٻه سٽون ٿين ٿيون پر قافيو ٻنهي سٽن جي وچ تي اچي ٿو.
9. هي بيت دوها سورٺا ميل وارا آهن. اهڙن بيتن جي ٻن سٽن مان هڪ دوها ڇند جي ته ٻئي سورٺ ڇند جي آهي.
10. ٿورڙا بيت ٽن سٽن وارا به مليا آهن. جهڙوڪ: پير پٺي جي روايت جي سلسلي ۾ آيل بيت ڍوري راءِ لاءِ هجويه بيت، جيڪو بهاولپور گزيٽيئر جي حوالي سان مليو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي بيت ان ئي زماني ۾ ٽن سٽن تائين پهچي چڪو هو. اهو ٽن سٽن وارن بيتن ۾ هڪ سٽ دوها يا سورٺا ڇند واري، ٻي سٽ دوها ڇند واري ۽ ٽين سٽ سورٺا ڇند واري آهي يعني ٻن کان وڌيڪ سٽن جي حالت ۾ بيت جي پوئين سٽ جي وچ تي قافيو آڻڻ جي روايت ان وقت ئي موجود هئي، اها اڳتي هلي سنڌي بيت جي مستقل فني روايت بڻجي وئي.
11. اسماعيلي مبلغن جا چيل گنان ”وائي“ يا ابتداعي نوعيت جي ڪافيءَ جي سٽاءَ جي نشاندهي ڪن ٿا، جن ۾ پهرين مصرع ”ٿل“ ۽ وراڻي جو ڪم ڏئي ٿو.
12. ان کانسواءِ نيم عشقيه قصا پڻ ملن ٿا.جن جو سومرن جي دور حڪومت سان تعلق آهي.جن ۾ دمڻ سونارو، مل محمود، مهر ناز۽ خدا دوست شامل آهن. هن دور جا رزميه داستان، سومرن ۽ گجرات جون لڙائيون، دودي ۽ چنيسر جي ويڙهه، ڄام حالي ۽ هُمير سومري جا واقعا ملن ٿا. ان کانسوءِ لوڪ ادب به هن دور ۾ سرجيو مثلاً ڳام، ڳيچ، واقعاتي بيت، بياني بيت، بياني بيت، لوڪ داستان ۽ رزميه شاعري وغيره چئي وئي. ان کانسواءِ اسماعيل مبلغن “گنان“ به هن دور ۾ چيا. هن دور جي شاعرن ۾ سمنگ چارڻ، ڀاڳو ڀان، پير صدرالدين، سيد نور الدين شاهه جا نالا سر فهرست آهن.