”هڪ سج، ٻه پاڇا“
دنيا ۾ اهڙا هزارين مثال آهن ته ڪي ماڻهو غلام مان بادشاهه بڻيا آهن ته ڪي وري بادشاهه مان فقير بڻيا آهن. اهي سڀ قسمت جون ڳالهيون، جن وٽ ڪالهه کائڻ لاءِ سڪل ٽڪر به نه هئا، اڄ اهي سڻڀا طعام پيا کائن ۽ ڪالهه جن جي دسترخوان تي ست ست طعام سجيل هئا، اڄ اهي رُکي ٽڪر لاءِ محتاج آهن. مطلب ته وقت سدائين هڪجهڙو ناهي هوندو.
هن دنيا ۾ هر شيءِ کي هڪ ڏينهن فنا ٿيڻو آهي، جيستائين انسان جيئرو آهي تيسيتائين هو پنهنجي زندگي کي سکيو رکڻ لاءِ جتن ڪندو رهي ٿو. ڪي سخت محنت ڪري ڪاميابي ماڻڻ جا خواهشمند آهن ته ڪي وري قسمت تي ڀاڙي ويهڻ جا قائل آهن. محنت وارا سک جو ساهه کڻن ٿا، جڏهن ته ڪاهل ماڻهو پريشان رهن ٿا.
دنيا جي لاهن چاڙهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪفايت شعاري کانسواءِ ڪو به چارو ناهي.ان ڪري اها چوڻي مشهور آهي ته “ اهو ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي”. يعني ايندڙ وقت لاءِ ڪجهه بچائي رکڻ جو نالو سياڻپ آهي. سياڻن جو چوڻ آهي ته هميشه سنڀالي قدم کڻجي ۽ وچٿري هلت هلجي ڇو ته جو سوڙ آهر پير نٿو ڊگھيري آئي ويل لاءِ ڪجھ به بچائي نٿو سگھي ۽ ضرورت وقت پريشان رهي ٿو، اهي زندگيءَ ۾ ذلت ۽ رسوائي کانسوءِ ٻيو ڪجھ به حاصل نٿا ڪري سگھن. ان لاءِ ضروري آهي ته آمدني مان ڪجھ نه ڪجھ ضرور بچائي رکجي ته جيئن ڪنهن اچانڪ حادثي يا بيماريءَ جي صورت ۾ ٻئي جي اڳيان محتاج ٿيڻ بدران پنهنجي مان پنهنجو ڪري سگھي. ڇو ته عزت پسند ۽ خوددار ٿي رهڻ انساني شرف ۾ داخل ٿيل آهي.