تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

ڪردار ”حامد“

حامد، زاهد جو ننڍو پٽ ۽ عابد جو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ هو ننڍپڻ کان ئي تمام ذهين ۽ سلڇڻو انسان هو. اڃا ڏهن ورهين جو هو ته سندس عقيدتمندي هڪ درويش سان ٿئي ٿي ۽ پنهنجي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪيترائي سال درويش جي خدمت ڪندو رهي ٿو. جڏهن پنڌرهن ورهين جو ٿيو ته انهيءَ درويش جي چوڻ تي پڙهڻ ڇڏي سندس خدمت ۾ رهي ڪري، هن ڪيتروئي تاريخ توڙي علم و ادب ۽ منطق جو علم حاصل ڪيو ۽ آخر ڪار هڪ ڏينهن ان درويش جي چوڻ تي لڳي، مائٽن کي ٻڌائڻ کانسواءِ ئي درويش سان گڏجي رونق آباد هليو وڃي ٿو. انهيءَ شهر ۾ پهچڻ کانپوءِ اهو درويش هن کي اڪيلو ڇڏي اوچتو گم ٿي وڃي ٿو، اهڙي حالت ۾ حامد ڏاڍو پريشان ٿئي ٿو، پر پوءِ همت ڪري اتان جي وزير اعظم سان ملي ٿو. وزير اعظم هن جي ذهانت کي ڏسندي پنهنجو منشي مقرر ڪري ٿو ۽ پوءِ بادشاهه جي مهربانين سان پهرين نائب وزير ۽ آخر ۾ وزير اعظم جي وفات کانپوءِ پاڻ وزير اعظم بڻجي ٿو ۽ پنهنجي ڏاهپ سان حڪومت جو ڪم ڪار اهڙي ته سهڻي نموني هلائي ٿو جو رعيت ۽ بادشاهه تمام گھڻو خوش ٿين ٿا، خاص ڪري بادشاهه سندس صلاحيتن کي ڏسي تمام گھڻو مهربان ٿئيس ٿو.
ڪجھ وقت کانپوءِ سندس ملاقات ساڳي ئي درويش سان ٿئي ٿي، جيڪو کيس رونق آباد وٺي آيوهو. حامد درويش سان ملي ڏاڍو خوش ٿئي ٿو، ۽ کيس بادشاهه سلامت ڏانهن وٺي وڃي ٿو، جتي درويش بادشاهه کي پٽ جي اولاد ٿيڻ لاءِ دعا ڪري ٿو. وري ڪجھ وقت کان پوءِ حامد جي ملاقات سندس وڏي ڀاءُ عابد سان ٿئي ٿي، جيڪو هن جي ڳولا ۾ هت پهچي ٿو ۽ پوء ٻئي ڀائر بادشاهه جي خدمت ۾ رهن ٿا. وري ڪجھ وقت کانپوءِ پنهنجي مائٽن کي پاڻ ڏانهن وٺي اچن ٿا.
ناول ۾ حامد جو ڪردار هڪ باصلاحيت، ذهين ۽ شريف انسان جو ڪردار آهي، جيڪو پنهنجي ذهانت ، ايمانداري ۽ محنت سان ترقي ڪندو بادشاهه جو وڏو وزير بڻجي ٿو. انهيءَ ڪردار مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته محنت، ذهانت ۽ ايمانداري اهڙا انساني عمل اهن، جن جي ڪري انسان پنهنجي منزل ماڻي سگھي ٿو.