تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

7. ڪوهستاني ڪچهري

. ڪوهستاني ڪچهري
(الهه بچايو سمون)

هيءُ مضمون الهه بچائي سمي جي ڪتاب ”سير ڪوهستان“ تان کڻي نصاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هن مضمون ۾ ليکڪ اهو تاثر ڏنو آهي ته هُن ڪوهستان ۾ سگھڙن جي ڪچهري ۾ حاضر رهڻ کانپوء اکين ڏٺو احوال لکيو آهي. پر ايئن ڪونهي. هن ڪوهستاني ڪچهري بابت معلومات وٺي پوءِ هن کي قلم بند ڪيو آهي.
هن سبق ۾ ڪوهستان جي ڪلچر ۽ ثقافت جو چٽو پٽو عڪس نمايان نظر اچي ٿو. ڪوهستان جي سير جي دوران مضمون نگار ڪوهستان جو تفصيلي جائزو وٺي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڪوهستاني ماڻهو سڄي ڏينهن جي محنت ۽ جفاڪشي کان واندا ٿي شام جو پنهنجي آستانن ڏانهن موٽن ٿا، تڏهن زندگيءَ جي تلخين کي وسارڻ لاءِ وندر جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. انهي ڪري هو شام جو ڳڀي ٽڪر جي فڪر لاهڻ کانپوءِ ڳوٺ جي ڪنهن اوطاق يا اوتاري تي گڏ ٿين ٿا ۽ پوءِ ويهي هڪ ٻئي سان اندر اوري پنهنجا ڏک سور پاڻ ۾ ونڊين ۽ ورڇين ٿا.
مضمون نگار ڪوهستان جي سگھڙن جي ڪچهري کان تمام گھڻو متاثر ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن تفصيلي طور وينجھارن جا فن ۽ شه پاره سٺي نموني پيش ڪري انهن سگھڙن جي ذهني صلاحيتن جو عڪس پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ليکڪ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ته سياري جي موسم ۾ مچ جي چوڌاري هڪ وڏي ڪچهري مچي ويندي آهي. ڏسندي ڏسندي سٻاجھڙن سانگين جو وڏو ميڙ گڏ ٿي ويندو آهي. مضمون نگار اها ڳالهه به واضح ڪئي آهي ته ڏسڻ ۾ سٻاجھڙا ۽ سادڙا، سانگي ميرڙا مارو آهن، پر سندن سينن ۾ فن ۽ ثقافت جا خزانا ڀريل آهن. جڏهن هو ڪچهريءَ ۾ ويهي فن جو مظاهرو ڪندي، هڪٻئي سان ڏي وٺ ڪن ٿا، تڏهن ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ڪنهن مُشڪ جي مٽ جي ڍڪڻي لاهي ڇڏي آهي. اهي سادڙا سانگي، سادڙن ۽ مٺڙن لفظن ۾ بيان ڪن ٿا، ته ٻڌندڙن جون وايون بتال ٿي وڃن ٿيون. هو دنگ رهجي وڃن ٿا. هنر، سينگار، ڏور، نڙ بيت ۽ مڱڻهار فقير پنهنجو فن پيش ڪن ٿا. انهيءَ فن ۾ موتين جي مالها هوندي آهي.
مضمون جي لکندڙ مثال طور اتي پيش ڪيل فن جا نادر نمونا، ٽڪرا، ڪن سگهڙن جا نالا پڻ چٽيا آهن. اهو پڻ ٻڌايو اٿس ته هن ڪچهري ۾ ڪو به تڪلف تواضع ڪونهي. هر ڪو پنهنجي جاءِ تي ويٺو خاموشي سان ٻڌندو رهندو آهي. جڏهن ڪو همراه پنهنجو فن پورو ڪندو ته پوءِ ٻيو وري پنهنجي فن جو جادو ڪچهري تي جاڳائيندو.
بحرحال سگھڙن جي ڪچهري لاڙ ۾ ٿئي يا ڪاڇي ۾. وچولي ۾ ٿئي يا اتر ۾، ڪراچي ۾ ٿئي يا ڪوهستان ۾. اسان جي سنڌ، سنڌي ٻولي جو ثقافتي ۽ ڪلاسيڪي ورثو آهي. انڪري اسان کي ان تي ناز ڪرڻ گھرجي. انهي سلسلي ۾ ڪراچي ٽي وي وارا ” ڪچهري پروگرام“ ۾ سنڌ جي سگھڙن کي متعارف ڪرائڻ جون ڪوششون ڪن ٿا. پر انهي پروگرام کي موثر بنائڻ لاءِ ڪن اپائن جي اهم ضرورت آهي. جيڪڏهن توجھ نه ڏنو ويو ته پوءِ هي پروگرام پنهنجي افاديت وڃائي ويهندو. جيڪو قومي ورثي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو.