3 . ڪلهوڙن جو دور
1. هن دور ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو عظيم شاعر پيدا ٿيو. جنهن سنڌي شاعريءَ کي فڪر جي گھرائي ۽ وسعت بخشي ۽ فني پختگي عنايت ڪئي. کائنس پوء اڄ تائين سوين شاعرن سندن تتبع ڪئي آهي. پر ڪو به ساڻس برميچي نه سگھيو آهي.
2. بيت، فني لحاظ کان ارتقائي منزلون طئي ڪري، فني پختگي ۽ وسعت حاصل ڪئي. سندس سنوارڻ ۽ سينگارڻ جي سلسلي ۾ شاهه عنايت رضوي راه گھڙي ۽ شاهه لطيف کيس انهيءَ راهه تان وٺي عروج تي پهچايو. هن دور کان اڳ جيتوڻيڪ چئن مصرعن تائين بيت لکيا ويا هئا، پر هن دور ۾ اڃا به وڌيڪ تجربا ٿيا ۽ بيت ۾ وڏي خوبي ۽ خوبصورتي پيدا ڪئي وئي. نه فقط ايترو، پر گھڻين مصرعن تي مشتمل ڊگها ۽ پختا بيت پڻ لکيا ويا، جن کي ڪبت چيو وڃي ٿو. اهي ڪبت خاص طرح سان مخدوم ابوالحسن، محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم ضياء الدين وغيره جي مذهبي ڪتابن ۾ ملن ٿا. مضمونن جي لحاظ کان بيت ۾ تصوف جا مسئلا به جماليات جي رنگ ۾ رڱي دلڪش ۽ رنگين ڪري پيش ڪيا ويا. هن دور جي بيتن ۾ حسن و عشق جو ذڪر، هجر ۽ وصال جو بيان دلگداز انداز ۾ ملي ٿو. نه فقط ايترو پر محبوب جي هار سينگار جي تعريف ۾ هندي شاعريءَ جي اثر هيٺ ”سينگار“ جي نالي سان هڪ نئين صنف وجود ۾ آئي. شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به سينگار جا بيت ملن ٿا. پر سينگار جا اوائلي ۽ خاص شاعر جلال کٽي ۽ صابر موچي آهن. ان کانپوءِ سينگار جا ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا پر ”جلال کٽي“ جي درجي کي ڪو به پهچي نٿو سگهيو.
3. تاريخي ڪتابن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن دور کان اڳ سنڌ ۾ ڪافيءَ جي نالي سان شاعريءَ جي هڪ صنف موجود هئي، جيڪا سنڌ ۾ مقبول هئي ۽ ڳائي ويندي هئي، پر قديم زماني جي ڪافي جو اسان کي ڪو به نمونو نه مليو آهي. پهريون ڀيرو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وڏي معاصر، شاهه عنايت رضوي جي رسالي ۾ راڳداريءَ لاءِ هڪ صنف ملي ٿي، جنهن کي وائي چيو ويو آهي. شاهه صاحب وائيءَ کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت ۽ پراثر بنايو آهي. ساڳي ئي دور ۾ مٿي اتر ۾ به اسان کي ميان صاحب ڏني فاروقي ۽ خليل لاشاريءَ جي شعر ۾ ساڳي قسم جو ڪلام ملي ٿو. جنهن کي ڪافي جي نالي سان سڏيو ويو آهي. ان مان ظاهر آهي ته مٿي اتر ۾ ساڳئي صنف کي ”ڪافي“ ۽ هيٺ لاڙ ۾ ”وائي“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. اڳتي هلي هن قسم جي شاعري تمام گھڻي ترقي ڪئي ۽ اتر توڙي لاڙ ۾ گھڻو ڪري هڪ ئي نالي سان ڪافي مشهور ٿي پر فني لحاظ کان سندن پختو بنياد هن دور ۾ ئي پيو. انهيءَ بنيادي عمارت تي پوءِ جي شاعرن سهڻي عمارت اڏي، ان ۾ رنگ روپ ڀريا ۽ ڪافيءَ کي وڌيڪ رنگين ۽ دلڪش بنايو. خاص ڪري حصرت سچل سرمست ان دلڪشي، رنگيني، اثر انگيزي ۽ پختگي پيدا ڪري ، کيس عروج تي پهچايو.
4. الف شباع وارو نظم جنهن ۾ هر مصرع جي پويان الف لڳائي قافيو بنايو ويندو آهي. اهڙو نظم پهريائين پير محمد لکويءَ جو ملي ٿو. ان کانپوءِ هن دور ۾ مخدوم ابوالحسن مڪمل مذهبي ڪتاب ”مقدمه الصلٰوت“ الف اشباع ۾ لکي سنڌي ادب ۾ وڏو واڌارو ڪيو. کانئس پوءِ محمد هاشم ٺٽوي ، مخدوم عبدالله، مخدوم عبدالخالق، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، مخدوم غلام محمد بگائي ۽ ٻين ڪيترائي ڪتاب لکيا. ڪن اديبن جو چوڻ آهي ته هي نظم نه آهي پر قديم نثر جو نمونو آهي. حقيقت ۾ اهو صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ جو ان ۾ جيتوڻيڪ گھڻو ڪري مذهبي مضمون ادا ٿيندو رهيو آهي، تڏهن به انهن ڪتابن ۾ اهڙا سهڻا بيت ملن ٿا، جنهن ۾ شريعت آهي ۽ شاعر جا جذبات ۽ احساسات پڻ بيان ٿيل آهن. ان کانپوءِ هن نظم ۾ اها به خوبي آهي جو هڪ خاص لهجي سان جھونگاري سگھجي ٿو. انکانسوءِ سندس هڪ خاص وزن ٿئي ٿو، جنهن جو مدار ماترائن جي هڪ الحان تي هوندو آهي، جنهن ۾ داڻي ڪڻي۽ وڌجڻ ۽ گھٽجڻ جي گنجائش رهي ٿي.
5. . هن دور ۾ مخدوم ابوالحسن مڪمل سنڌي صورتخطي تيار ڪئي، جنهن ۾ عربي ۽ فارسي اکرن کان سواءِ ٺيٺ سنڌي آوازن لاءِ نيون صورتون مقرر ڪيائين. ان کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکڻ ممڪن ٿي پيو. خود مخدوم ابوالحسن صاحب به ان ۾ مڪمل ڪتاب لکيو ۽ ٻين ڪيترن ئي عالمن ڪيترائي ڪتاب لکيا.
6. مڪمل سنڌي ڪتاب لکڻ جو رواج هن دور ۾ پيو. اهڙي قسم جو پهريون ڪتاب مخدوم ابوالحسن جو ”مقدمه الصلٰوت“ آهي. ان کان پوءِ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ ٻين ڪيترائي ڪتاب لکيا. انهن کانسواءِ خالص سنڌي شاعري جي مجموعن لکڻ جو رواج به هن ئي دور ۾ پيو ۽ ڪيترائي اهڙا مجموعا تيار ٿيا. اهڙن مجموعن کي ”رسالو“ سڏيو ويو. شاهه عبداللطيف جو رسالو ان جو يادگار آهي.
7. مخدوم غلام محمد بگائي ۽ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي تمام طويل نظم لکيا، جن کي ”ڪلمات“ جي نالي سان سڏيو ويو. اڳتي هلي هن قسم جي شاعراڻي اسلوب تي ٻين گھڻن طبع آزمائي ڪئي پر انجو بنياد هن دور ۾ پيو.
8. مولود جي صنف جو بنياد هن دور ۾ پيو. مخدوم غلام محمد بگائي ۽ مخدوم عبدالرئوف ڀٽي هن قسم جي شعر جا بنيادي شاعر آهن. سڀ کان پهريائين انهن بزرگن جا ئي مولود ملن ٿا. ان کانپوءِ ڪيترن ئي شاعرن مولود چيا ۽ مولود جي صنف وڏي ترقي ڪئي.
9. سنڌي مدحون، مناقبا ۽ معجزا به سڀ کان پهرين هن دور ۾ ملن ٿا. معجزن ۽ مناقبن جو پهريون شاعر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي معلوم ٿيو آهي.سندس ڪتاب ”قوت العاشقين“ ۾ حضور ڪريم ﷺ جن جا معجزا منظوم ٿيل آهن ۽ هن ۾ مناقبا به بيان ٿيل آهن. مدح جو اوائلي شاعر جمن چارڻ آهي . ان کانپوء مخدوم غلام محمد بگائي ۽ ميان سرفراز مدح جا بينظير شاعر آهن.
10. واقعاتي ۽ رزميه شاعري هن دور ۾ ملي ٿي. مخدوم غلام محمد بگائي ، مخدوم عبدالرحمان کهڙن واري جي شهادت جو واقعو منظوم ڪيو، جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي قسم جو شاهڪار آهي. جمن چارڻ، ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ قلات جي حاڪم عبدالله خان جي وچ ۾ لڳل لڙائي جو رزميه داستان منظوم ڪيو. انهن کانسوءِ فطرت نگاري ۽ منظر نگاري جا پڻ سهڻا مثال هن دور ۾ موجود آهن.
11. سنڌي عروضي شاعري ءَ جو بنياد به هن دور ۾ پيو. مخدوم عبدالرئوف ڀٽي پهريون شاعر آهي، جنهن جا ڪيترائي مولود علم عروض جي وزن موجب آهن. ميان سرفراز جي مدح ۾ علم عروض جو اثر ڪار فرما آهي.
12. غزل جا اهڃاڻ به هن دور ۾ ملن ٿا. نور محمد خسته، مرزا تقي، حافظ عالي ۽ ميان ڇتن جي غزلن جا نمونا مليا آهن، جن جي زبان سهڻي ۽ سلوڻي آهي.