9. دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي
(علامه آءِ. آءِ قاضي)
هي مضمون علامه آءِ. آءِ قاضي جي لکيل ”شاهه جي رسالي“ جي تشريح جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪا قاضي ضاحب انگريزي ۾ لکي آهي.
هن مضمون ۾ قاضي صاحب انهن بين الاقوامي قدرن کي نظر ۾ رکي مقرر ڪيل انهن معيارن جي پرکا ڪندي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسان جي سنڌي زبان جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي.
قاضَي صاحب ڪافي بحث ڪندي ٻڌايو آهي ته اسان مسلمان قوم پرست آهيون ۽ خود قرآن جي روشنيءَ ۾ دين کي قومي نظرئي ۾ تبديل ڪيو آهي. قاضي صاحب اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته قوم پرستي واري جذبي ۽ قومي نظرئي پيداٿيڻ کانپوءِ اسان کي ”تنهنجو“ ۽ ”منهنجو“ واري جذبي ۾ وچٿري حقيقت کان منهن نه موڙڻ گھرجي. پر حقيقت پسندي ۽ سچائيءَ سان مقرر ڪيل قدرن جي ڪسوٽي تي پنهنجن توڙي پرَاوَن شاعرن جي پرک ڪجي. ڪو به شخص يا قوم پنهنجي شاعرن، عالمن يا شخصيتن تي فخر ڪري ته ان ۾ ڪو به عيب ڪونهي. پر حقيقت کي چمڪائڻ خاطر ٻين جي گھٽتائي نه ڪرڻ گھرجي.
پهريون معيار:
اڄ کان هڪ صدي اڳ ڪارلائييل نظم ڇڏي نثر اختيار ڪيو۽ وڌيڪ چيائين ته ” جيڪڏهن ڪو نظم ڳائي نٿو سگھي ته ان کي شعر چوڻ مناسب ناهي“. هونءَ به راڳ جي وصف بيان ڪندي ان کي ”آوازن جي تنظيم“ چيو ويو آهي. اهڙي طرح هڪ عرب مصنف وري شعر جي وصف بيان ڪندي ان کي ” لفظن ۾ سمايل راڳ“ ڪوٺيو آهي.
اهڙي طرح مٿئين دليل تي شاهه سائينءَ جي ڪلام جي پرکا ڪبي ته سندس ڪلام ۾ بي ساختي رواني اهڙي ته موجود آهي جو سندس ڪلام آساني سان ڳائي سگھجي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو شاهه سائينءَ جو ڪلام پڙهڻ کان وڌيڪ ڳايو وڃي ٿو. ڪيترائي ماڻهو شاهه سائين جي ڪلام کي سمجھن به ڪونه ٿا پر ڳائن ضرور ٿا. تنهن جو مطلب ته شاهه صاحب انهي معيار تي هر طرح ۽ مڪمل طور پورو آهي.
ٻيو معيار:
نقادن جي راءِ آهي ته بين الاقوامي شعر اهو آهي جنهن کي جيڪڏهن تبديل ڪجي ته ان جي پهرين نزاڪت برقرار نه رهي سگھندي. مطلب ته اهو اهڙو مڪمل هجي جو انهي ۾ ترميم جي گنجائش نه هجي.
هن معيار تي ڪو شاعر ورلي ملندو. خود شيڪسپئر جي ڪلام ۾ به ترميم جي ضرورت محسوس ٿي ۽ ان کي تبديل ڪيو ويو. پر شاهه صاحب جو ڪلام انهي ترميم يا اصلاح کان بلڪل مٿي آهي. جيڪڏهن شاهه صاحب جي شعر مان هڪ به لفظ مٽايو وڃي ته ان جو سمورو ترنم ۽ توازن بگڙي ويندو.
شاهه صاحب جي شاعري جو هر هڪ لفظ، سٽ ۽ اکر کي هڪ وڏي اهميت حاصل آهي. انهن جو مٽائڻ ڪا مذاق ناهي، جيڪو ممڪن ٿي سگھي.
ٽيون معيار:
زبانن جو استعمال جنهن سان شاعر پنهنجا خيال ظاهر ڪري ٿو، يورپين شاعرن کانسواء شيڪسپيئر جي ڪنهن شعر، ڪنهن ٻوليءَ ۾ وسعت پيدا ڪونه ڪئي. پر شاهه صاحب سنڌي ٻوليءَ جي جيڪا صرف صوبائي ليکي ويندي هئي ان ۾ حيران ڪندڙ وسعت پيدا ڪري پاڻ کي ۽ پنهنجي شاعري کي مٿي بيان ڪيل معيار تي بيهاري ڏيکاريو آهي. شاهه صاحب هن ٻوليءَ کي ايترو ته وسيع بنايو جو اڄ به سندس فڪر ۽ ٻولي کي سمجھڻ ۽ سندس پرواز کي پهچڻ لاءِ وڏا وڏا ٻولي دان پنهنجون ذهني صلاحيتون صرف ڪري رهيا آهن
مٿي بيان ڪيل معيار ترقي يافته قومن جا تجويز ڪيل آهن ۽ انهن جي ڪسوٽي تي پرک ڪرڻ کانپوءِ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي چئي سگھجي ٿو ته سواءِ لطيف سائين جي دنيا جو ڪوبه شاعر انهن معيارن تي پورو ڪونه آيو آهي. تنهن ڪري اسان سنڌين کي فخر ڪرڻ گھرجي. فخر سان گڏ ناز به ڪرڻ گھرجي. ڇو ته هن ڌرتيءَ تي ڪيئي شاعر حضرات پيدا ٿيا پر شاهه جو ثاني ڪو به نه ٿيو آهي. اسان کي اها اميد ڪرڻ گھرجي ته هن لاثاني شاعر جومٽُ نه ٿيندو ۽ سندس لافاني شعر ۽ ڪلام پوري دنيا ۾ ڳائبو. جيڪو هر هڪ جي ڪن ۾ گونجڻ لڳندو.