جهان آراءِ
يا
جهان آرا ناول جي خوبين ۽ خاميــــــــن تي تنقيدي نوٽ
جهان آرا ناول، جيڪو پهريون ڀيرو 1931ع ۾ ڇپيو، محترم عبداررزاق عبدالسلام جو لکيل آهي. هن ناول کي فني نڪتي نگاهه سان هڪ ڪامياب ناول چئي نٿو سگھجي، ڇاڪاڻ ته ناول نويس لاءِ جيڪي اصول ۽ پابنديون هونديون آهن، انهن جي روشنيءَ ۾ هي ناول نه پر هڪ قصو يا ڏند ڪٿا آهي. ناول جو مرڪزي خيال معاشري جي سڌاري يا اخلاق تي ٻڌل هوندو آهي، پر فاضل مصنف انهيءَ ڳالهه ڏانهن پورو توجه نه ڏنو آهي. اخلاقي سبق ته ڪنهن حد تائين چڱا ڏنا ويا آهن، پر ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال فقيرن جي پوجا ۽ انهن ۾ انڌو اعتقاد رکڻ بابت آهي. ايتري قدر، جو والدين جي ڏک ۽ سور، ناراضگي ۽ تڪليفن جو خيال نه ڪندي، درويش جي چوڻ تي حامد ۽ عابد والدين جي اجازت کانسواءِ کين وڇوڙيجو غم ڏيئي، پرديس هلايا وڃن ٿا ۽ اهڙو اطلاح والدين کي جلد نٿا موڪلين. ناول ۾ مصنف کي وقت، جاءِ، قوم ۽ مذهب جو خيال رکي، ناول جي ڪرادرن جي تهذيب، تمدن، رهڻي ڪهڻي، لباس ٻولي وغيره به انهن نموني جي پيش ڪرڻي پوندي آهي، پر هن ناول جي مصنف کان اهڙيون ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون آهن. مثلاً: حامد ”دالان“ ۾ ويهي اخبار پڙهي رهيو آهي. هوڏانهن وري آکاڻي جي وجود اخباري دور کان اڳ پيو نظر اچي.
ناول نويسي ۾ ڪردار نگاري هڪ اهم فن آهي، جنهن لاء ڪيترن ئي ڳالهين جو خيال رکڻو پوي ٿو. پر ناول نويس هتي ڪردارن سان سخت ناانصافي ڪئي آهي. جن ڪردارن کي پنهنجي خيال مطابق ساراهيو اٿس، وري انهن ئي ڪردارن کان اهڙا ڪم به ڪرايا اٿس جو پڙهندڙن جي دلين ۾ انهن لاءِ عزت نٿي رهي.
ناول لکڻ وقت ناول نويسي کي ناول جي سڀني ڪردارن مان ڪي مکيه ڪردار وڌيڪ اجاگر ڪرنا هوندا آهن، جن جي ڪردار سان ئي ناول جي ڪهاڻيءَ جي اوسر ٿيندي رهي ٿي، پر مصنف هن ناول ۾ ڪنهن به ڪردار کي مکيه ڪري ظاهر نه ڪيو آهي. ناول تي جهان آرا نالو رکي، هيڪاري مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيو اٿس. مکيه ڪردار ته جهان آرا آهي پر جهان آرا جو ذڪر ناول جي اٺن بابن کانپوءِ ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اهو ڪردار ناول مان ڪڍيو وڃي ته به ناول اڌورو نه لڳندو.
جهان آرا جي ڪردار مان مصنف عورتن کي وفادار ۽ مردن کي بيوفا ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ۽ ثابتيون ڏئي پنهنجي خيال کي مضبوط بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته ناول نويس جهان آرا جي وفائي جي ڪا به ثابتي پيش نه ڪري سگھيو اهي، رڳو ايترو ته هن تي عشق جو ڀوت نون ورهين جي عمر ۾ سوار ٿيڻ ڪري اها بيمار ٿي پوي ٿي ۽ نيٺ مري پوي ٿي. انهيءَ مان عورت جي وفاداريءَ جي ڪابه ثابتي نٿي ملي ۽ نه وري جهان خان جي بيوفائي جو ڪو معقول ٿبوت پيش ڪيو ويو آهي. انهيءَ مان ثآبت ٿئي ٿو ته ناول نويس، ڪردارن سان انصاف نه ڪري سگھيو آهي.
هڪ ناول نويس لاءِ اها ڳالهه به ضروري هوندي آهي ته منظر نگاري اهڙي ته سهڻي انداز ۾ ڪري، جيئن پڙهندڙن کي پاڻ کي انهيءَ جاءِ تي سمجھي، انهيءَ اصول کي مصنف ڪنهن حد تائين نڀايو آهي. محلاتن باغن، محفلن ۽ ڪچهرين جو ذڪر به دلڪش انداز ۾ ڪيو ويو آهي.
ناول ۾ ڪنهن ڪنهن جاء تي مثال طور مڪالمي ۾ ڪو نظم يا بيت ڪم آڻي سگھجي ٿو، پر اهو به مختصر طور تي، پر مصنف هت سڄا سارا غزل ڪم آڻي، ناول کي اجايو وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . ان کان سواءِ هن ناول ۾ خاص خامي اها آهي ته هي نئين نسل کي اهو سبق ڏئي ٿو ته والدين جي حقن کي درگذر ڪندي دولت ۽ عهدن ماڻڻ لاءِ الله پاڪ جي ذات کان منهن موڙي فقيرن ۽ درويشن جي پويان لڳي، ته دنيا جو فائدو حاصل ٿيندو. مطلب ته نئين نسل کي فقير پرستي، خود غرضي ۽ لالچ جو سبق ڏنو ويو آهي.
ناول جي اصولن موجب، ناول جي ڪهاڻي مافوق الفطرت هئڻ گھرجي. پر هن ناول جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون فطرت کان بعيد آهن. مثآل طور: فقيرن جو غائب ٿيڻ وري نون ورهين جي ڇوڪريءَ کي عشق جي چوٽ لڳڻ جهڙيون ڳالهيون غير فطري آهن، ان ڪري هي ناول نه پر هڪ قصو آهي. انهن سڀني ڪمزورين باوجود ناول ۾ ڪيتريون ئي خوبيون به نظر اچن ٿيون. پلاٽ ۽ ڪهاڻي وڻندڙ آهي. ان کان سواءِ ناول جي سڀ کان وڏي خوبي اها به آهي ته هن ۾ منظر نگاري ۽ سيرت نگاري اهڙي ته وڻندڙ انداز ۾ ڪئي وئي آهي، جو پڙهندڙ ايئن محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ته ڄڻ بيان ڪيل منظر هن جي اکين آڏو آهي.
مطلب ته هن ناول ۾ خاميون گھڻيون ۽ خوبيون گھٽ آهن، ڇاڪاڻ ته ناول جي فن پٽاندڙ گھٽ مواد ڏنو ويو آهي. ان کانسوءِ غير ضروري ۽ غير فطري ڳالهيون گھڻيون نظر اچن ٿيون، پر تنهن هوندي به هيءُ هڪ وڻندڙءَ ۽ دلچسپ ناول آهي. ٿي سگھي ٿو ته هي ناول پنهنجي دور ۾ هڪ اهم ناول ليکيو ويندو هجي.