حضرت سچل سرمست رحه
اُٿي ويا اوٺار، کڻــــــــي ساٿ ســــــــــــويل جو؛
هاڻـــــــــــي اديــــــــــون آئيا، ڏورڻ مون ڏونگار؛
ٻيا ڀي هوتَ هزار، منهنجو پيچُ پنهونءَ سان.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست رحه سسئيءَ جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته اهي اُٺن وارا منهنجا ڏير صبح سوير ئي منهنجي پنهونءَ کي مونکان پري کڻي ويا. جتي منهنجو ڪير به ناهي ۽ هاڻي مونکي پنهونءَ جي تلاش ۾ ڪيترائي جبل جاڳڻا پوندا. هونئن ته هوت هزارين آهن پر منهنجو رشتو صرف منهنجي پنهونءَ سان آهي. (2)
منهنجو پيچُ پنهونءَ سان ازل لاڪون آهه؛
هــــــــــــاڻ ويهڻ ڇـــــــاهه، ڀينر هن ڀنڀور ۾.
سمجھاڻي:هن بيت ۾ سچل سائين فرمائي ٿو ته سسئي پنهونءَ کان وڇڙڻ کانپوء پنهنجي ڏک جو اظهار ظاهر ڪندي چوي ٿي ته منهنجو واسطو شروع کان وٺي ئي پنهونءَ سان رهيو آهي ۽ هاڻ جيڪڏهن پنهون ئي ڀنڀور ۾ نه رهيو ته ته پوءِ مان ڀنڀور ۾ ويهي ڇا ڪنديس.
(3)
ڪريان ڪوهه ڀنڀور ۾، پنهونءَ پڄاڻاءُ،
سوز چکايو ساءُ، ويهڻ مـــــــون وِههُ ٿيو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي چوي ٿي ته پنهونءَ جي وڃڻ کانپوءِ ڀنڀور ۾ ويهي ڇا ڪندس. ان جي وڃڻ کانپوءِ منهنجو واسطو ڏکن سان ٿي ويو آهي. ان ڪري هاڻي ڀنڀور ۾ ويهڻ زهر ٿو لڳي.
(4)
ڪريان ڪوهه ڀنڀور ۾، پڄاڻان پرين؛
وارُ نه سي ويهن، جنين مٿي مامـــــــــرو.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر سسئي جي روپ ۾ فرمائي ٿو ته پنهونءَ جي وڃڻ کانپوءِ ڀنڀور ۾ ويهي ڇا ڪندس. وڏيڪ چوي ٿي ته جن کي عشق جي چوٽ لڳي سي پرينءَ کانسواءِ هڪ گھڙي نه نٿا رهي سگھن.
(5)
شال نه وسرين تون، لوڪ سڀوئي وسري،
مطلبِ اهو مون، جو پاڻئون پري نه ڪرين.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي پنهونءَ کي چوي ٿي ته ڀلي مونکان سڄي دنيا وڇڙي وڃي پر اي پنهل! شل تون نه وسرين. منهنجو مطلب اهو آهي ته تون مون کي ڪڏهن به پاڻ کان جدا نه ڪر.
(6)
وَرَ مَ وساريج، هيءُ تان سندَيو، آههِ؛
وڃي ڪيچ وڻن ۾، هي سڌر ساريج؛
تيتر مَ ماريج، جيتر توکي نه مڙان.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي پنهونءَ سان التجا ڪندي چوي ٿي ته اي پنهون! مون کي تون نه وسارجان ڇاڪاڻ ته مان تنهنجي ئي آسري تي آهيان ۽ ڪيچ جي باغن ۾ وڃي ته مون کي ياد ڪجانءِ. ان کان پوءِ سسئي پنهنجي رب سان مخاطب ٿيندي چوي ٿي ته اي خدا! مونکي ايستائين نه مارجانءِ جيسيتائين مان پنهونءَ سان نه ملان.
(7)
ساري شهر ڀنڀور جي، چڏي لــــــــوڪ لذت،
توريءَ ڏئي ڪو نه ڪو، ماڻهوءَ عام عزت،
ٿئي ساههُ صحتَ، جي ٻيهر ٻـــــاروچا اچين.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي ڏک ظاهر ڪندي چوي ٿي ته پنهونءَ جي ڀنڀور مان هلي وڃڻ کانپوءِ مون کي ڀنڀور جي ڪابه شيءِ مزو نٿي ڏئي. ڀنڀور ۾ ڪو به ماڻهومونکي عزت جي نگاهه سان نٿو ڏسي. اي پيارا پنهل! اگر تون ٻيهر اچين ته جسم ۾ ساهه پئجي وڃي.
(8)
ڪيو ڪميڻيءَ ڪچُ، جو سُتي سويلي رهي؛
انهيءَ جي افسوس سين، ڪــيو محبت مچُ؛
پُنهونءَ ڄامَ پــــــــــــرچُ، نامـــــــيا نماڻيءَ سان.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي افسوس ڪندي چوي ٿي ته مون کان غلطي ٿي وئي جو مان جلد ئي سمهي پيس. اها غلطي مون کي وڏيڪ تڙپائي ٿي. اي پنهنجا سردار پنهون! مون نماڻي جي انهيءَ غلطيءَ کي وساري مونسان راضي ٿي وڃ.
(9)
ٿيون هن هٿاءُ، ڪيئي مورائون مـنديـــــــــــــون؛
پنهـــــــــون ڏسي پاڻ ڏي، آســـــڻ منهنــــــــــجي آءُ،
سانول توريءَ ساءُ، اچي ماڻهن ڪين ڀنڀور جي.
سمجھاڻي:هن بيت ۾ سسئي چوي ٿي ته جيئن ته منهنجي هٿان ڪيتريون ئي غلطيون ٿيون. اي پنهون! اهي سڀ وساري منهنجي گھر (ماڳ) موٽي اچ. ڇو جو تو کان سواءِ مون کي ڀنڀور جا ماڻهو نٿا وڻن.
(10)
پنــــــــــهون پنـــــــهون ٿي ڪـــــــــــــــريان، آءَ پنهون پاڻ؛
اديون ٿيس اڄاڻ، جو ڪين نه پروڙيـــــــم پاڻ کــــــي،
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي چوي ٿي ته مون اجايو پئي پنهونءَ کي ياد ڪيو. پنهون پنهون ڪري مان پاڻ ئي پنهون ٿي وئي آهيان ۽ غفلت سبب مان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي نه سگھيس.
(11)
جان پروڙيــــــــــــــم پاڻ کي، تان آءُ پنهــــــون آهيان؛
ڪنهين طرف ڪاهيان، جو طرف مڙئي، ”تم“ ٿيا.
سمجھاڻي: سسئي چوي ٿي ته جڏهن پنهنجو پاڻ کي پروڙيم ته ڄاتم ته پنهون آئون پاڻ آهيان. انهيءَ ڪري پنهونءَ کي ڳولڻ ۽ آواز ڏيڻ اجايو آهي. دل اندران سندس آواز ٻڌي جدائي جا سڀ ڏک ۽ وهم دور ٿي وڃن ٿا ۽ جنهن به طرف ويس انهيءَ طرف تون ئي تون هئين.
(12)
پيهي پروڙيوم، تان پنهون پان ئي آهيان؛
پاڻ ئي منجھان پاڻ کي، هيءُ پڙ لاءُ پيوم؛
صحيح ڪن ڪيوم، ته غير گمان اٿي ويا.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سسئي چوي ٿي ته جڏهن مون پنهنجو پاڻ کي پرکيم ته معلوم ٿيو ته آئون پاڻ پنهون آهيان. اهو منهنجي اندر مان آواز آيو ۽ جڏهن ان آواز کي دل جي ڪنن سان ٻڌم ۽ ان تي غور و فڪر ڪيم ته تڏهن سڀ شڪ ۽ گمان ختم ٿي ويا ۽ مون پنههنجو پاڻ کي صحيح سڃاتو ته مان ئي پنهون آهيان.
سارنگ
(1)
مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان؛
بجلي بادل سان، آهي جيئـــــن سُپرم.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ شاعر سچل سرمست رحه فرمائي ٿو ته اي منهنجا سپرين (الله) تون مون ۾ آهين ۽ مان تو ۾ آهيان. اسان ٻئي هڪٻئي ۾ ايئن سمايل آهيون جيئن بادل سان گڏ بجلي هوندي آهي.
(2)
سارنگ سدا ساٺ، سرتيون ساٺڻ آئيون،
ڦـــــــيريو راڳـــــــــــن ٺاٺَ، وِڄُنُ ويس ڪيا.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سائين برسات جي نظارن جي عڪاسي ڪندي فرمائي ٿو ته اُڀ ۾ ڪارا ڪڪر اڀري آيا آهن ۽ سرتيون خوشيءَ مان ويس وڳا پهري اهو منظر ڏسي رهيو آهن ۽ کنوڻيون چمڪاٽ ڪري رهيون آهن.
(3)
پورب سندي پار جا، ڪــــــڪر پارونڀار،
وڄـــــــــــن ۽ وڄـــڻ سان، چڙهن ٿا چوڏار؛
اُڀي کـــــــي آبيندي، لڌئون سنڌڙيءَ سار؛
ساوا ٿيا سنگهار، موليٰ سندي مهر جا.
سمجھاڻي: اڄ اوڀر طرف ڪارن ڪڪرن سان اونداهي ٿي وئي آهي. بجلي جي چمڪاٽ سان اهي ڪارا ڪڪر چئني طرفن کان گھاٽا ٿيندا پيا وڃن. سنڌ جي مٿئين حصي ۾ وسڻ کانپوءِ ٻين علائقن ۾ مينهن وسايو اٿن، برسات سبب الله پاڪ جي مهرباني ٿي آهي ۽ مارو ڏاڍا سرها ٿيا آهن.
(4)
ٻهه ٻهه ڪـــــــــندا آيا، ٻيـــــــــهر ٻـــــــــڪر وال،
ڪڪرن جي ڪڙڪاٽ کان، ويا ٽــــــهي مال؛
آهُن ۾ اچي وئي، چونگن سنــــــدي چــــــــــــال؛
مندائتي منڊل ڪيا، جر اُٺـــــــــــــا جـــــــــــــــــــالَ؛
پلر سان پُسي پِيــــــــــا، پنــــــــهوارن پــــــــــلال؛
جھري پيون جھوپين، جھـــــــــــــانگيڙن اَجھال،
نگــــــــــو ڪــــــــــــج نه نڌر کي، نماڻن ننگپالَ،
جن جــــــا ههڙا حالَ،تن پروڙ پت رکيج تون!
سمجھاڻي: هن بيت م سچل سائين فرمائي ٿو ته مينهن پوڻ کانپوءِ هاڻي ٻڪڙاڙ به خوش ٿيندا ميدان ۾ ان اميد سان نڪري آيا آهن. ڪڪرن جي گجگوڙ کان سندن مال ڇرڪي ٽڙي پکڙي ويو آهي ۽ انهن جي ٽپن ڏيڻ سان لوهي زنجيرن ۽ چڙن جا آواز اچي رهيا آهن. مندائتي مينهن ڏاڍا مزا ڪري ڇڏيا آهن ۽ مينهن تمام گھڻو وٺو آهي، غريب ماڻهن جون جھوپڙيون جيڪي پلال سان ڍڪيل آهن، سي به پسي ويون، جھانگين جا اجھا به ڊهي پيا آهن. اي لڄ رکندڙ! تون هنن بي سهارا ماڻهن جي عزت رک!
(5)
مهر سنــــــــدا مينهن، شاهه وســــــــــــــائين شَل!
جھريل منهنجي جھوپڙي، بنا جھــــــــــلي جھل؛
ڪاهل تي ڪهل ڪندين شال ڪريـــــــم تون!
سمجھاڻي: سچل سرمست ”سارنگ“ جي هن بيت ۾ الله پاڪ جي درٻار ۾ التجا ٿو ڪري ته اهي رحمت (مهر) جا مينهن سدائين وسائيندو رهين. منهنجي هيءَ جھوپڙي (گھر) ڪنهن سهاري کانسواء فقط تنهنجي ئي سهاري تي بيٺل آهي. اي منهنجا رب! مون کي اميد آهي ته مون ڪمزور تي تون پنهنجي مهربانيءَ سان رحم ڪندين.
(6)
راتا ڪو ريهن سان، رڻ ڪيائــــــــــين ريــــــــــج؛
پٽن مٿان پلٽيون، هيـــــرون منجھان هيــــــــــــج؛
برن ۾ بـــــــــــــهار ڪئي، گــــلزاريءَ جي گيج؛
”سچل“ سارنگ سيج، سونهين ساوڪ وچ ۾.
سمجھاڻي: رات کان وٺي گجگوڙ واري برسات وسي رهي آهي. برسات سبب وارياسا علائقا پلر جي پاڻيءَ سان ڀرجي رهيا آهن ۽ سڪل زمين سائي ٿي وئي آهي. بر پٽن ۾ گلن جي گلزاري لڳي وئي آهي. اي سچل! سارنگ جي اهڙي پر لطف موسم ۾ کٽ وجھي ويهجي ته اها سيج تمام سهڻي لڳندي.
(7)
عـــــــــــــــالم کي آگــــــــــاهه، سارنگ ڪندو آئـــــيو؛
گرڙ جيئن گوڙيون ڪري، ڪاهيون اچي ڪاهه؛
وايوءَ سان وارا ڪري، ٺاهيو اچي ٺــــــــــــــــــــــاهه؛
وسايائين وڏ ڦـــــــڙو، واٽن تــــــــــــــــــي واهه واهه؛
گلزاريون ۽ گـــــــــــــــــــــــاهه، پٽن تــــــــــي پڌرا ٿيا.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو ته، مندائتو مينهن گرڙ پکي جيان دانهون ۽ رڙيون ڪندو، سڄي خلق کي آگاهه ڪندو آيو آهي. واءَ سان اهڙو ٺهيو پيو اچي جو ڄڻ انهن جي پاڻ ۾ پريت آهي. اچڻ سان وڏ ڦڙو وسايو اٿس جنهن جي ڪري پنڌ پيچرن جي ٻنهي پاسن کان ميدانن تي گل ۽ گاهه ڦٽي، گلزاريون ٿي ويون آهن.
(8)
اڄ پڻ پورب پاڻ ڏي، ڪـــــــــڪر ڪڪوريا؛
سارنگ سُرَ سُرائتا، ساجـــــــــھري ســــــــوريا؛
سر منڊل ۽ سارنگيون، چنگ چڱا چـــوريا؛
اُڀ اُتي اوريا، طَبَل تاريون تيج ســـــــــــــــان.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو ته، اڄ وري اڀرندي پاسي ڏانهن ڪڪرن پنهنجو رنگ بدلائڻ شروع ڪيو آهي. ائين پيو لڳي ڄڻ مندائتي مينهن سجھندي ئي سريلا سر ڪڍڻ شروع ڪيا آهن. ائين پيو محسوس ٿئي ته ڄڻ آسمان تي سُرَ منڊل، سارنگيون، چنگ، طبل ۽ تارون وڏي واڪي وڄي رهيون آهن.
(9)
وسي پيو وڏ ڦڙو، ڀِنِيوُن ڀٽَ ڀريــــــــــــــــــون؛
ڀٽاريون ڀٽن تان، وٿـــــــــــــاڻين وريــــــــــــــون؛
کيرن جون کريون، چاڏيين ڏنئون چاهه مان.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو ته، مندائتي مينهن وسڻ سان ڀٽون ۽ ڀريون، دڪيون ۽ دڙا سڀئي پسي پيا آهن. انهن ڀٽن تي اڀري آيل گاهه پٺو کائي، چوپايو مال موٽي وٿاڻن تي آيو آهي، جنهن ڪري ڀٽارين چاهه مان کير جون چاڏيو ڀري ڏنيون آهن.
(10)
والي وسائيج دردمنديءَ جـــــــو ديس؛
پرين مون پرديس، اُٺي ايندم اوڏڙا!
سمجھاڻي: اي منهنجا مولا! مون غريب جي ديس ۾ پنهنجي رحمت جي برسات وساءِ ڇاڪاڻ ته منهنجا مائٽ خشڪ ساليءَ جي ڪري پرديس هليا ويا آهن سي وسڪاري جي ڪري واپس موٽي ايندا ۽ اچي مون سان ملندا.
(11)
سارنگ ساري رات،رڻن مٿي ريــــــــــــــــــــــــج ڪيا؛
پکــــــــــــــــــين پـــــــــــرڙا سوئيا، پــــرهه ڦٽيءَ پرڀات؛
پٽن تـــــــــــــــي پڌرا ٿـــــــــــــيا، گُل ڦُل ڀـــــــاتون ڀات؛
وائي سڀ ڪنهن وات، ”سچل“ سارنگ ساٺ جي.
سمجھاڻي: مينهن سڄي رات وسيو آهي ۽ ميدان پاڻيءَ سان ڀرجي ويا آهن. صبح جو سوير جڏهن مينهن بند ٿيو ته پکي جيڪي برسات ۾ آلا ٿي ويا هئا سي کنڀ سڪائڻ لاءِ ٻاهر نڪري پيا. انهيءَ برسات سبب سڪل زمين به سائي ٿي وئي ۽ قسمين قسمين گل نڪري آيا. اي سچل! هر زبان تي اها ڳالهه آهي ته واه جو مولا ڪرم ڪري مينهن وسايو آهي.
(12)
سارنگ صبح آئيو، گوڙون ڪري گاج؛
هاري هليا هاج، ڪڙمين هر ڪلهي ڪيا.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو ته صبح ساڻ مندائتو مينهن ڀرجي آيو آهي ۽ گجگوڙ سان وسي رهيو آهي ۽ پنهنجي زمينن تي قدرتي ريج ڏسي، هاري پنهنجي ڪلهن تي هر رکي زمينن تي ڪم ڪرڻ لاءِ نڪري پيا آهن.
(13)
هڪ وسڻ، ٻيو وڄڻ، ٽيون لهي پيو سيءُ؛
جھوري وڌئي جھوپيون، ڇن وڌائي ڇيءُ؛
رنن جو رڻ ۾ واءُ وسيـــــــــــــــــــــــــــــلو ٿيءُ،
حال جنين جو هيءُ، تن پرور رک پناهه ۾.
سمجھاڻي: اڄ اهڙي ته موسم آهي هڪ طرف مينهن وسي رهيو آهي ۽ کنوڻن جا آواز اچي رهيا آهن ۽ ٽيون وري سيءُ کلي پيو آهي. برسات ڪکايون جھوپڙيون ڍاهي ڇڏيون آهن. اي الله! اسان مسڪينن جو واهر ۽ وسيلو ٿي. اسان جي حالت بي وسيءَ واري آهي، تون اسان کي پنهنجي پناهه ۾ رک.
(14)
اڄ پڻ پور پار ڏي، ڪڪرن ڪڍيا ڪوڙ؛
ضبح ويل سويل جو، سارنگ لاٿي سوڙ؛
وڄن واڄا واهه ڪيا، مينگھ ٻڌا اڄ موڙ؛
لوڪان لاٿي لوڙ، مولا پنهنجي مهر سان.
سمجھاڻي: اڄ وري اوڀر پار کان ڪڪرن ڪارا ويس ڪيا آهن. صبح جي وقت زوردار بارش شروع ٿي وئي آهي. کنوڻين جي گوڙ ڄڻ ته گھوٽ وانگر سهرا ٻڌا آهن. الله پاڪ پنهنجي ٻاجھ سان سڀ ڏک ۽ ڏولاوا لاهي ڇڏيا آهن.
(15)
اُتران اوري ڪــــــئي چمڪڻي چمڪــــــــــاٽ،
اُتان ڪيائين اوچتي لــــــــــــس ٻيلي تي لاٽ؛
منڊل ٿيا مڪــــــــــــران تي، گوڙن جا گڙگاٽ؛
ڪـــڪرن مٿان ڪيچ جي، ڦڙڪي کاڌا ڦاٽ؛
وري ورتــئون واٽ، ”سچل“ سائي سنڌ جي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو ته، اتر طرف کان ويجھو چمڪندڙن ڪڪرن چمڪاٽ ڪيو ۽ اتان پوءِ اهي اوچتولسٻيلي تي آيا ۽ اتي مينهن وسائي، مڪران تي منڊل ڪيائون، وري ڪيچ تان ٿيندا سدا سائي سنڌ تي مينهن وسايائون.
(16)
”سچل“ سائي سنڌ جي، وري ورتائون واٽ؛
جھڙ ڦل جھــــــــلي آئي، جھٽڪو ڏئي جھاٽ؛
وسي پيا وڏ ڦــــــــــــــــــڙا، گھيڙ پُسائي گھاٽ؛
لاٿي اُڃ اُساٽ، ســـــــــــــــارنگ سنگھارن جي.
سمجھاڻي: هن بيت ۾ سچل سرمست فرمائي ٿو ته وري ڪڪرن سنڌ مٿان اهڙو ته وسڪارو ڪيو جو وڏ ڦڙي سمورا پنڌ ۽ پيچرا پسائي ڇڏيا ۽ مارو ماڻهن جي اڃ اُساٽ لاهي ڇڏي.
(17)
سارنگ آيو صبر ۾ ، بوندن ڪئي بس؛
رنگا رنگي رس، قــــــزح ڪڍي نيل تي.
سمجھاڻي: تيزي۽ کانپوءِ مينهن ماٺيڻو ٿيو آهي ۽ بوندا باري بند ٿي وئي آهي ۽ آسمان ۾ رنگ برنگي اندلٺ نروار ٿي آهي جنهن نيري اسمان تي پنهنجا رنگ ظاهر ڪيا ۽ انهيءَ نظاري ڏسڻ وارن کي موهي وڌو آهي.