2. ٻولي ۽ ان جون ادبي خوبيون
حڪيم محمد فتح سيوهاڻي
هي مضمون حڪيم محمد فتح سيوهاڻي جي ڪتاب ”آفتاب ادب“ مان ورتو ويو آهي.
پهريان سمجھڻ گهرجي ته ته ٻولي ڇا آهي؟ ٻولي اهڙي تلفظي ۽معنى دار آوازن کي چئبو آهي جو هڪ ڳالهائي ته هم زبان سندس مطلب پوري طرح سمجھي سگھي، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڳالهائي ۽ هم زبان سندس مطلب نه سمجهي ته اها ٻولي صرف ڳالهائڻ واري لاءِ آهي، پر عام ٻولي نه آهي. عام ٻولي اها آهي جيڪا ننڍو ڳالهائي ته وڏو سمجهي، ڳوٺاڻو ڳالهائي ته شهري سمجهي، پڙهيل ڳالهائي ته اڻ پڙهيل سمجهي. مطلب ته عام ٻولي اها آهي جيڪا هرڪو سمجهي سگهي ته ان کي نج ٻولي چئبو آهي.
ادبي ٻولي جو درجو عام ٻوليءَ کان بالا ۽ برتر آهي ان کي ”ادبي يا ساهتيه“ سڏبو آهي. جيڪا ٻولي اُن درجي تي پهچي گلزار بنجيو پوي. مطلب ته اهو باغ خوبين ۽ خاصيتن جي ڪري چمڪيو پوي.
ادبي ٻوليءَ ۾ ادب زبان جو زيور آهي۽ ساهت ٻوليءَ جو سينگار، ادب ڪمال جو ڪلام آهي ته ساهت ٻوليءَ جوساهه آهي. دنيا ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون آهن جن مان ڪي ادبي ته ڪي جهنگلي آهن. جھنگلي ٻولين ۾ ادب ۽ ساهت جو ذخيرو نه هوندو آهي. پر ادبي ٻوليءَ ۾ اهو ذخيرو تمام گھڻو هوندو آهي.
ڪي ادبي ٻوليءَ جون لياقتون هيٺ ڏجن ٿيون. انهن لياقتن جي ڪسوٽيءَ تي ٻوليءَ کي پرکڻ سان ئي ادبي هجڻ يا نه هجڻ جي خبر پوي ٿي.
1. سريلا آواز
ادبي ٻولي جي لفظن ۽ حرفن جا آواز بد آواز جانورن جهڙا نه هجن بلڪه سريلا ۽ سوادي هجن.
2. فصاحت ۽ بلاغت
ادبي زبان ۾ محاورا، ڪنايا، اصطلاح، تشبيهون، مثال ۽ پهاڪا گھڻا هوندا آهن.
3. هر شيءِ جا نالا ۽ هر معنى لاءِ لفظ
ادبي ٻوليءَ ۾ هر شيءِ جا نالا ۽ معنى وارا لفظ هئڻ گھرجن نه ته ٻين ٻولين مان لفظ وٺي پورائو ڪجي.
4. لفظ جون گھڻيون معنائون
ادبي زبان ۾ اها به خاصيت آهي ته ان ۾ هڪ لفظ جون گھڻيون معنائون هجن.
5. هم قافيه ۽ تُڪ ڀائي لفظ
ادبي زبان ۾ هم قافيه ۽ تُڪ ڀائي لفظ ۽ تجنيس حرفي وارا لفظ ان جي خوبين ۾ شامل آهن.
6. ٻين ٻولين جا اکر جذب ڪرڻ
ادبي زبان ڌارين ٻولين جا لفظ پنهنجا لفظ ڪري وٺندي آهي. توڙي جو هن وٽ لفظن جي کوٽ نه هوندي آهي پر ساهت وڌائڻ لاءِ بنا هٻڪ جي مدد وٺڻ ۾ عيب نه سمجھندي آهي.
7. ٻين ٻولين کي لفظ ڏيڻ
جهڙي طرح ادبي ٻولي ٻين ٻولين جا لفظ وٺي ٿي تهڙي طرح پنهنجا لفظ ڏيڻ ۾ ڪنجوسي به نه ڪندي آهي.
8. سائنسي اصطلاح
جهڙي طرح دنيا ترقي پئي ڪري تهڙي طرح روز سائنس جون ايجادون پيون ٿين ۽ انهن جا نالا پڻ ادبي ٻولي شامل ڪري ٿي.
9. انسائڪلوپيڊيا تيار ڪرڻ
ادبي زبان ۾ علمن ۽ هنرن جو ذخيرو تيار ڪري سگھجي ٿو.
10. گرامر موجود هئڻ
ادبي زبان ۾ صَرف ۽ نَحو جا قاعدا جانچبا ته گھڻا ملندا، جن کي ترتيب ڏئي عملي صورت ۾ آڻي سگھجي ٿو.