”شاهه عبدالڪريم بُلڙي وارو“
شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو 1538ع ۾ سيد لال محمد شاهه جي گهر ۾ ڄائو. سندن وڏن جو مشڪن مٽياري هو. پوءِ اتان لڏي بُلڙي کي آباد ڪيائون. پاڻ شاهه لطيف جو پڙ ڏاڏو ۽ مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ مشهور اهل الله مخدوم نوح جي صحبت ۾ ڳچ عرصو گذاريائون. ڪن تذڪره نويسن اهو پڻ لکيو آهي ته شاهه ڪريم روحاني فيض سيد ابراهيم شاهه بهاري کان ورتو. جيڪو سنڌ ۾ آيو هو. سندس زندگي ۾ خدا جي خلق جي خدمت ڪرڻ جو جذبو ملي ٿو. جواني کان پيري تائين پاڻ ڪيترائي سير سفر ڪيا اٿن. جن ۾ لاڙ، وچولو ۽ سري کان سواءِ دهلي، دکن ۽ گجرات جهڙا شهر شامل آهن.
شاهه صاحب هڪ پرهيزگار ۽ متقي بزرگ هو. پاڻ تصوف جي ايثار ۽ سمجھاڻي لاءِ ڪو اهڙو رستو نه ڳوليائون جيڪو عام ماڻهن جي سمجھ کان ٻاهر هجي. ان پنهنجي گفتگو ۾ مريدن کي ڪي نقطا وقت بوقت چيا ۽ ڪي بيت پڻ چيا آهن، جيڪي ڪتاب “بيان العارفين و تنبيهه الغافلين” ۾ ڏنل آهن. جيڪو مريد ميان محمد رضا مير دريائي ٺٽويءَ سندس وفات کان ڇهه سال پوءِ تصنيف ڪيو. سندس فڪر جو سرچشمو قرآن کان وٺي رومي تائين ملي ٿو. پاڻ 88 سالن جي عمر ۾ 1623ع ۾ وفات ڪيائون.