6. موجوده دور (1947ع کان 2000 تائين)
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ادب ۾ ڪجھ قدر ماٺائي اچي وئي، پر پوءِ جلد ئي اديبن پاڻ سنڀاليو ۽ زبان ۽ ادب جي ترقي جي سلسلي ۾ پاڻ پتوڙيائون. ان شروعاتي دور ۾ حاجي محمود ”خادم“ مرحوم (اديب سنڌ) جاري رکندو آيو، جنهن عروضي شاعريءَ جي وڏي خدمت ڪئي.
ان کانسواء پنهنجي صدارت هيٺ هلندڙ هن رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ لوڪ ادب، سنڌي لغت ۽ سنڌي ثقافت بابت به معياري مضامين ڏنائين. رسالي کي هلائڻ سان گڏ ”خادم“ مرحوم هر سال وڏي پيماني تي سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ اديبي ڪانفرنسون به منعقد ڪرائيندو آيو، جن سنڌي زبان ۽ ادب کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
مرڪزي حڪومت طرفان 1950ع ۾ ماهنامه ”نئين زندگي“ جاري ٿيو، جنهن ادب جي هر صنف بابت قيمتي مواد مهيا ڪيو. ان بعد 1951ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ وجود ۾ آيو، جنهن سنڌي ادب ، تاريخ ۽ لغت ڏانهن جوڳو ڌيان ڏنو. 1955ع ۾ بورڊ جي طرفان ٽماهي ”مهراڻ“ جاري ٿيو، جنهن تحقيقي ادب طرف به ڌيان ڏنو ته، جديد ادب کي به فروغ ڏنو ۽ اڃا تائين هي رسالو جاري آهي. محترم عبدالرزاق ”راز“ جي ڪوشش سان 1952ع ۾ ”حبيب پبليڪيشن“ جي نالي اشاعتي ادارو قائم ٿيو، جنهن جديد ادب بابت معياري ڪتاب شايع ڪيا.
هن ئي دور ۾ نوجوان اديبن ”سنڌي ادبي سنگت“ قائم ڪئي، جنهن 1956ع ۾ ”سنڌ سنگت“ جي صورت اختيار ڪئي. سنگت جي ڪار گذارين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ محترم اياز قادريءَ شروع ۾ وڏو ڪم ڪيو. جلد ئي مختلف شهرن ۾ سنگت جون ڪيتريون ئي شاخون قائم ٿي ويون. ان بعد وقت بوقت ڪيتريون ئي ادبي جماعتون ۽ اشاعتي ادارا قائم ٿيا آهن. جن پنهنجي وت ۽ وس آهرخدمت پئي ڪئي آهي. رسالا به ڪيترائي جاري ٿيا، جن مان ڪيترائي هينئر بند ٿي ويا آهن. ماهوار ”نئين زندگي“ ۽ سه ماهي ”مهراڻ“ کانسواء روح رهاڻ، ڳوٺ سڌار، مارئي، اديون، لطيف، تقاضا، روح ادب، اسان جي منزل، سارنگ، شعلو، پارس سکر، سنڌي ڊائجيسٽ، سنڌي ساهت، ناري، لطيف ڊائجيسٽ، ساڻيهه، برسات وغيره سنڌي زبان ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي. هينئر اڪثر اهي رسالا بند ٿي ويا آهن. انهن مان فقط ”نئين زندگي“ ”مهراڻ“ اڃا تائين اشاعت جاري رکيو اچن. هن وقت نوان رسالا جهڙوڪ: پارس، ساڃهه، نئين زندگي، پيغام، سارس، پرک، نئون، نياپو، ڪينجھر ادب ۽ ٻيا ڪيترائي رسالا ۽ ڪتابي سلسلا زبان ۽ ادب جي خدمت ڪري رهيا آهن.
ادبي رجحان:
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ادب نئون رخ اختيار ڪيو آهي، نون شاعرن تقليدي شاعري ترڪ ڪري، شاعري کي هڪ نئون رنگ ۽ روپ ڏنو آهي. شاعريء جي مضمون ۾ به جدت ۽ مقصديت پيدا ڪئي وئي ته فني سٽا ۾ به نوان تجربا ڪيا ويا آهن.
قديم سنڌ جي شاعري جي صنفن بيت، وائي ۽ ڪافيءَ ۾ نئون رنگ روپ ڀريو ويو آهي. غزل ۽ نظم ۾ نوان تجربا ڪري، انهن کي سنڌي شاعري جي مزاج سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ روايت رنگ ۾ نظم ۽ غزل لکڻ وارا به موجود آهن. جن پنهنجي فڪر ۽ فن ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن کانسواءَ هندي شاعري جي صنف گيت تي پڻ ڪيترن ئي شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي. اهڙي طرح مغربي صنفن ۾، جهڙوڪ: آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل، جاپاني صنف هائيڪو ۽ پنجاپي صنف ماهيا ۾ به سنڌي شاعرن پنهنجا جذبات ۽ احساسات بيان ڪيا آهن، ته هن دور ۾ نثري نظم پڻ لکيا ويا آهن.
زبان جي لحاظ کان نيٺ سنڌي لفظن، تشبيهن ۽ تمثيلن تي زور ڏنو ويو آهي. مضمونن جي لحاظ کان معاشري جو حقيقت پسندانه تجزيو ڪري، ان تي تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ سرمائيدارانه نظام جي ظلم ۽ ڏاڍ کي نمايان ڪيو ويو آهي. سنڌ، سنڌي زبان ،ادب ۽ ثقافت سان جيڪي زيادتون ٿيون، انهن جي ردعمل ۾ ادب ۾ وطن دوستي ۽ وطن پرستي جي مضمون وڏي اهميت اختيار ڪئي آهي. ڪن اديبن ۽ شاعرن بين الاقوامي مسئلن تي پڻ لکيو آهي پر سنڌ کي محور ۽ مرڪز جي حيثيت حاصل آهي. سنڌ سان پيار ۽ محبت جو اظهار اڄ به شاعر ۽ اديب جو بنيادي مضمون ٿي ويو آهي.
1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان وجود ۾ آيو. سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ سرڪار ۽ عوامي سطح تي ڪيترائي ادبي ادارا قائم ڪيا ويا. سرڪار سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي نالي ادارا قائم ڪيا. جڏهن ته عوامي سطح تي سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي سوسائٽي ۽ ٻيا ڪيترائي ادبي ادارا قائم ٿيا.
موجوده دور ۾ ناول تمام گھٽ لکجي ٿو، تنهن هوندي به ڪجھ نه ڪجھ ڪم ان صنف تي ٿي رهيو آهي. جڏهن ته هن دور ۾ ڪهاڻي فن جون ارتقائي منزلون طئي ڪري پڪي ۽ پختي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. موجوده دور جي ڪهاڻي ڪارن ۾ امر جليل، جمال ابڙو، اياز قادري، نجم عباسي، حميد سنڌي ، نسيم کرل، نورالهدى شاهه ۽ مهتاب محبوب جا نالا سرِ فهرست آهن. جڏهن ته هن دور ۾ نثر ۾ سفر نامي کي اهميت رهي آهي. خاص ڪري الطاف شيخ جا سفر نامه سنڌي ادب لاءِ وسيع مواد فراهم ڪري رهيا آهن. ان کانسواءِ محمد عرس عرساڻي، ڊاڪٽر جبا ر جوڻيجو ، عنايت بلوچ ۽ فهميده حسين وغيره سفر نامه لکيا آهن. موجوده دور ۾ تنقيد ۽ تحقيق جي ميدان ۾ قابلِ قدر ترقي ٿي آهي.
موجوده دور ۾ تقريبًا هر صنف تي طبع آزمائي ٿي آهي. خاص طور تي غزل، گيت، وائي، نظم، ترائيل ۽ آزاد نظم وغيره تي نئين ٽهي جا سڀئي شاعر طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. خاص طور تي امداد حسيني، اياز گل ، ادل سومرو، شمشير الحيدري، احمد خان مدهوش ۽ راشد مورائي وغيره جا نالا اهميت جوڳا آهن.