5. انگريزن جو دور
هن دور ۾ ناول، ڊراما، افسانا ۽ ڪهاڻيون لکيون ويون جنهن ۾ معاشي ۽ معاشرتي حالتن کي موضوع بڻايو ويو ۽ فرضي قصا رقم ڪيا ويا. ان سان گڏو گڏ نظم جي صنفن ۾ نواڻ آئي ۽ ڏور، هنر، سينگار، لولي، مورو ۽ واقعاتي بيت پيش ٿيڻ لڳا ۽ ان سان گڏو گڏ ڪافي، غزل، مرثيو ۽ مولود جهڙين صنفن کي پڻ ترقي وٺرائي وئي. هن دور جا نامياره شاعر مير عبدالحسين خان سانگي، مرزا قليچ بيگ، شمس الدين بلبل، مصري شاهه، غلام محمد نظاماڻي، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، حافظ محمد احسن وغيره ملن ٿا.
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ عوام ۾ نوان امنگ ۽ ولوله پيدا ٿيا ۽ ڪافي سياسي سجاڳي پڻ آئي تنهن ڪري ليکڪن سماج جي اصلاح سان گڏ سياسي مقصدن کي سامهون رکي لکڻ شروع ڪيو. مطلب ته هن دور ۾ سنڌي ادب جي تمام گھڻي اوسر ٿي.