تعليم

سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

هي ڪتاب اصل ۾ ٻارهين ڪلاس ۾ سنڌي لازمي سبجيڪٽ جي نوٽس تي مشتمل آهي. هن نوٽس جي سهيڙ سائين عبدالحئي سومرو صاحب جي محنتن جو نتيجو آهي، جڏهن ته ڪمپوزنگ سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر گل حسن لاکو جي ڪوششن جو ثمر آهي. اسان ڪوشش ۾ آهيون ته سنڌي شاگردن لاءِ خاص نوٽس ۽ سائنسي معلومات فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.
Title Cover of book سنڌي لازمي ٻارهين ڪلاس لاء : (شاگردن لاءِ نوٽس)

ڪردار ”جهان آرا “

جهان آر، لطيف مالهيءَ جي اها بدنصيب ڌيءَ آهي، جنهن جي شخصيت ۽ ڪردار کي اڀارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ هي ناول لکيو ويو آهي. هن ناول کي لکندي ناول نويس، جهان آرا جي سونهن ۽ سوڀيا جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” جهان آرا، ڄمندي ڄام هئي. بس ايئن کڻي چئجي جهڙو چنڊ جو ٽڪڙو هئي. قدرت کيس حسن ته ڏنو هو پر مقدر کائنس رٺل هو. هن جي دل بادشاهه جي پٽ جهان خان کي چاهيو، پر اها ڳالهه سندس نصيب کي نه وڻي.“
جهان آرا انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي ڄمي ٿي، جنهن ڏينهن تي شهزادو جهان خان ڄمي پيدا ٿيو هو. جيئن ته جهان خان ۽ جهان آرا هم عمر هئا، تنهن ڪري بادشاهه جي حڪم تي لطيف مالهي پنهنجي ڌيءَ کي محلات ۾ شهزادي سان راند روند ڪرڻ لاء موڪليندو هو. اهڙي طرح جهان آرا ننڍپڻ جا ڪيترائي ورهيه جهان خان سان راند روند ڪندي توڙي مڪتب ۾ علم پرائيندي گڏجي گذاريا ۽ جيئن ئي ڪجھ سمجھدار ٿي ته هن جي دل ۾ جهان خان لاءِ محبت پيدا ٿي، پر سندس پيءُ نون ورهين جي عمر ۾ ئي کيس پردي ۾ ويهاري ڇڏيو. اها ڳالهه جيتوڻيڪ جھان آرا کي نه وڻي، پر حيا ۽ ادب جي دامن کي هٿان نه چڏيائين ۽ پنهنجي پيءَ جي هر حڪم کي مڃيندي صبر سان جدائي جا سور سهندي، پنهنجي اندر جو احوال ڪنهن سان به نه سليائين. وقت گذرندو ويو سندس دل گھريو دوست جهان خان کيس وساريندو ويو، پر جهان آرا پنهنجي معصوم محبت کي دل ۾ سانڍيندي رهي. ايتري قدر جو محبت جي مچ سندس حال هيڻو ڪري ڇڏيو.
لطيف مالهي پنهنجي نياڻيءَ جو حال ڏسي، سندس گھڻا ئي علاج ڪرايا پر عشق جي باهه کي وسائڻ لاء سُتين ڦڪين ڪو به فرق نه ڪيو ۽ عشق جي اوڙاهه جا اولڙا وڌندا ويا. ويتر جو پنهنجي دل واري دوست جي شاديءَ جو ٻڌائين ته سندس اندر ۾ دردن جو دونهون دکڻ لڳو.۽ انهي درد جي دونهين کيس ٿوري ئي وقت ۾ کيس جلائي رک ڪري ڇڏيو ۽ آخري پساهه سان پنهنجي محبوب جو نالوزبان تي آندائين.
مطلب ته، ناول نويس جهان آرا جي روپ ۾ هڪ بلند اخلاق سنڌي نينگريءَ جو ڪردار اسان جي آڏو رکيو آهي، جيڪا مائٽن جي عزت ۽ مان مٿان پنهنجي محبت قربان ڪندي ، سر صدقو ڪري ڇڏي ٿي، پر پنهنجي پيءَ کي ٻين جي آڏو ڪنڌ جھڪائڻ تي مجبور نٿي ڪري.