12. عام سنڌي شاعري
(ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ)
هيءُ مضمون ٻوليءَ جي نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو لکيل آهي. هي سندس ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ تان ورتل آهي، جنهن ۾ لس ٻيلي جي سگھڙن جو احوال ڏنل آهي.
ڊاڪٽر صاحب چوي ٿو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته شعر ۾ حڪمت ۽ دانائي سمايل آهي. ڊاڪٽر صاحب حضرت عمر جو ذڪر ڪري ٿو ته سندس نظر ۾ ”عام شاعري به قوم جو مڪمل دفتر آهي“. انهيءَ حوالي سان هن سبق ۾ به ٻڌايو ويو آهي ته ” اسان جي عام شاعري به اسان جي سنڌي قوم جو مڪمل دفتر آهي“.
عام سنڌي شاعري به انهيءَ شاعري کي چئجي ٿو جيڪا اسان جا سگھڙ ٿوري علم هوندي بنا ڪنهن ٺاهه ٺوهه جي مشاهدي جي قوت سان عام فهم ۽ آسان لفظن ۾ چوندا هجن، جنهن کي سڀ ڪو ماڻهو آسانيءَ سان سمجھي سگھي. عام شاعري هر قوم جو عام دفتر هوندو آهي. جنهن ۾ قوم جو اخلاق، عادتن، ريتن ۽ رسمن، طور طريقن، تاريخ، فلسفي، سمجھ ۽ عقل جو سرمايو سهيڙيل هوندو آهي. پر افسوس جو اظهار ڪندي شاعر چوي ٿو ته ڪيترا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي هن عام شاعري کي فضول ۽ بيڪار سمجھي ان طرف ڪوبه توجه ڪو نه ٿا ڏين. پر لفاظي شاعريءَ کي سڀ ڪجھه سمجھي ان تي هرک هاري ويهن.
عام شاعري کي فن جي استادن سموهي ۽ سينگاري سهڻو بڻايو آهي. هن شاعريءَ کي متن ۽ لغوي معنى سان ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. دوهو، وائي ۽ ڪافي. معنوي لحاظ کان پرولي، ڳجھارت ۽ هنر چيو ويندو آهي.
ڏورڏهس ۽ سينگار:
ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته خليفي گل محمد موزون شاعريءَ کي عام محاوري ۽ اصطلاح ۾ سمائڻ جي ابتدائي ڪوشش ڪئي. اڳتي هلي موزون شاعري جا گس ۽ پيچرا ڌار ڌار ٿيندي پنهنجو الڳ رخ اختيار ڪري ويا. جنهن ڪري موضوع شاعري ۽ عام شاعري ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو. عام شاعري تمام سادي آهي. بنا ڪنهن ٺڪ ٺوڪ ۽ جڙاءَ جي شاعر کي جيڪي سادا ۽ سلوڻا لفظ ملن ٿا، سي ايئن ئي کڻي رکي ٿو. اهي لفظ هٿرادو تضع کان آزاد هوندا آهن. جهڙي آهي سادي زبان اهڙو آهي ڪلام. ٻهراڙيءَ جي نج ٻوليءَ ۾ اصلي لفظن جو ذخيرو موجود هوندو آهي. ايئن کڻي چئجي ته ٻهراڙيءَ جي ٻولي، لفظن، محاورن ۽ اصطلاحن جي ڀرپور کاڻ آهي ته ان ۾ وڌاءُ ڪونه ٿيندو، عام سنڌي شاعري اصل ۾ سنڌ جي زندگيءَ جي عڪاس هوندي آهي. عام شاعري هيرن جو هار آهي. ان ڪري سندس سوچن جي سٽاءَ ۾ لوهه سان سون، موتين سان گڏ عام پٿر ۽ هيرن سان گڏ ڪوڏو به نظر ايندو. هن جي نظر تيز ۽ ذهن سالم آهي. هو پنهنجي ڏيهه جي ريتن، رسمن ۽ رواجن جي پوري ڄاڻ رکي ٿو. هن کي وڻن ٽڻن، گاهن، ٻوٽن، گسن رستن، تارن ستارن، اُڀ زمين،پکين ۽ جانورن جي پوري ڄاڻ آهي. جيتوڻيڪ هن جي خيالن جو پرواز شهري ماڻهوءَ کان گھٽ آهي. پر تجربي مان معلوم ٿئي ٿو ته سندس مشاهدي جي نظر تمام تيز آهي.
عروضي شاعري کي به ڪنهن به قيمت ۾ رد نٿو ڪري سگھجي بشرطيڪ ان جو نالو به ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن، ريتن رسمن، قوم ۽ سماج سان هجي. باقي شاعر جيڪڏهن رڳو فني فڪر ۾ اچي ڌرتيءَ سان ناتو ٽوڙي ويهندو ته ان شاعريءَ جو مثال ان عورت جهڙو هوندو جنهن کي پنهنجو حسن نه هجي پر صرف ميڪ اپ تي هلندي هجي.