”تتي ٿڌي ڪاهه ...........“
اَلڪَاسِبُ حبِيبُ الله
هن حديث جي روشني ءَ ۾ اهو ماڻهو الله پاڪ کي پياروآهي، جيڪو محنتي آهي.
جڏهن ته شاهه صاحب هيئن بيان فرمايو آهي:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
مطلب ته هيءَ مختصر زندگي محنت سان ئي سونهين ٿي. هي دنيا هڪ پل جو کيل آهي، تنهن ڪري ڏينهن رات محنت ڪر.ايئن نه ٿئي جو وقت هٿان نڪري وڃي ۽ تون پڇتائيندو رهجي وڃين.
محنت مان مراد اها آهي ته جنهن لاءِ خداوند پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ فرمايو آهي ته:
وَمَا خَلَقتُ الجِنَّ والاِنسَ الَّا لِيَعبُدُون
يعني: مون انسانن ۽ جنن کي صرف عبادت لاءِ خلقيو آهي.
عبادت اسان جي زندگيءَ جو عين مقصد آهي. ڏينهن توڙي رات ان خدا جي عبادت ۾ گذارڻو آهي، جنهن جي قبضي قدرت ۾ هي سارو جهان آهي.الله تعالى آڌي رات انسان کان سوال ٿو ڪري ”ته گھر بندا! جو گھرڻو اٿئي“ پر انسان ان وقت غفلت جي ننڊ ۾ اگھور هوندو آهي. شاهه صاحب ان غافل انسان کي بيدار ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته ايئن نه ٿئي جو تون پنهنجو مقصد وساري قيامت جي ڏينهن پڇتاءَ جي پاند ۾ اٽڪيل رهين. ڇو ته دنيا آخرت جي کيتي آهي. ان مان مراد آهي ته جيڪو دنيا ۾ پوکيندو سو ئي آخرت ۾ لڻندو. اگر تون خدا سان ناتو رکندين ته ڪاميابي تو ساڻ آهي. پر جيڪڏهن تون نفس جو غلام بڻجندين پوءِ يقينًا ناڪامي ڏسندين ۽ خدا جي ديدار کان محروم رهندين، ڇو ته ويل وقت وري واپس نٿو اچي سگھي. هي ڌن دولت، مال سڀ هتي ئي رهجي ويندا. اڳتي صرف نيڪي ڪم ايندي. اها نيڪي ۽ ڪاميابي صرف خدا تعالى ۽ رسول ﷺ جي حڪمن جي پيروي ڪرڻ ۾ آهي. اگر اسان انهن جي پيروي نٿا ڪريون ته پوءِ پرينءَ جو پير لهڻ (محبوب سان ملڻ) مشڪل آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته انسان ڏينهن رات ان جستجو ۾ رهي ته مالڪ حقيقيءَ جي ديدار جو مزووٺندو. جيڪو ستي حاصل ٿي نٿو سگھي. ان ڪري شاهه صاحب هن بيت ۾ سبق ڏئي ويو ته:
سُتــــــــــــــــا اُٿي جَاڳ، نند نه ڪــــــــــــــجي ايتري،
تو جو ساڻيهه ڀانئيو، سو مانجھاندي جو ماڳ،
سلطـــــــــــــــــاني سُهاڳ، نندون ڪندي نه مـــــلي.