لوڪُ ڪَهاڻي
سُونهن نگر جي شهزاديءَ
”آزاديءَ“ کي
ڪوههَ قافَ جي وَحشي، ڪاري، ڪاڻي ديوَ
کڻي وڃي آ، قيد ڪيو
سُونهن نگر جو راجا راجُ
ڏاڍو آ حيرانُ پريشان
هُت شهزاديءَ ’آزاديءَ‘ جو ڀي
ڄڻُ ته رهي ٿو مُٺِ ۾ ساههُ
روز جيئي ٿي روز مَري ٿي
جنهن جي کِلڻَ سان گُل ٽِڙيا ٿي
ڳوڙها ئي تنهن جا مهمانَ
سُونهن نگرَ جا هَڙَ شهزادا، جُنگَ جَوان
ڪاڻي ديوَ جي قيدَ منجھاران
کيسِ ڇڏائڻ جيئن ويا هِن، وريا ناهن
راهُن ۾ ئي ڪاڻي ديوَ جي جادوءَ هيٺ
هُو هَڙَئي هٿيارَن سُوڌا
پنڊ ـ پَهڻ ٿي سڀُ ويا هِن
تنهن کي ڪيئي سالَ ٿيا هِن
ڪاڻي ديوَ جي قيدي، شهزاديءَ ’آزاديءَ‘ جي
نيڻَن ۾ هيءَ آس اڃا ڀي
ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم ڏيئي وانگرُ جَلي پَئي
”ڪوئي ته ايندو، ڪوئي ته ايندو،
جيڪو جادوءَ کي ٽوڙيندو،
جيڪو جادوءَ کي ٽوڙيندو!!“