آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو: ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. ...“
Title Cover of book فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

مصنف طرفان

مصنف طرفان
پلئه پايو سچ


افسوس، اسان جو پيارو دوست ۽ مُحسن، مُحترم نُور احمد خوجو، 31 مئي 2016ع تي وفات ڪري ويو، منهنجي لاءِ ادا نور احمد جي اوچتي وفات، ان لاءِ به وڌيڪ ڏک ۽ ارمان جو باعث هئي جو هن ڪتاب ۾ ادا جو ڪافي ذڪر آهي، ڪتاب پريس ۾ هو، بس هاڻ اچڻ وارو هو، اسان سڀ دوست ۽ ادا نور احمد به ڪتاب جي اچڻ جو شدت سان انتظام ڪري رهيا هئاسين، چند ڏينهن جي ڌير هُئي ته اوچتو ادا نور احمد هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو.
افسوس ادا نور احمد هي ڪتاب ڏسي نه سگهيو، اسان سڀني دوستن لاءِ ڪتاب جي اچڻ جي خوشي اڌوري رهجي وئي،
بحرحال مان پاڻ کي اديب شاعر يا دانشور هرگز نٿو سمجهان بس هڪ علم و ادب جو اڃايل، ادب دوست ۽ ساهت پريمي آهيان، هوش سنڀاليم 1967ع ۾، ته منهنجو رُجحان آرٽ، فن ۽ ادب ڏانهن هو، حالانڪه اسان جي برادري ڪاروباري هئي، منهنجن مائٽن جو خيال هو ته مان بزنس مين ٿيندس، پر منهنجو لاڙو فنون لطيفه طرف هو، نوخيزيءَ ۾ موسيقي جو شوق ٿيو ته آغا خان آرڪيسٽرا کي جوائن ڪيم، جتي ست سال شوقيه ۽ آنرري طور شريڪ رهي، ساز و آواز جي دنيا جو حصو بڻيس، پوءِ وري فنون لطيفه جي هڪ ٻي شاخ، تصوير ڪَشي جو شوق ٿيو ته باقاعده فوٽو اسٽوڊيو کوليم ۽ پندرهن سال فوٽو گرافي ڪئي، ابتدا کان ئي مطالعو جاري رهيو، اخبار ۽ مئگزين باقاعدا پڙهڻ، ڪتابن جو شوق اهڙو ٿيو جو پوءِ ڪڏهن به ويڇو ڪو نه پيو ۽ اڄ تائين جاري آهي.
1968ع کان ڊائري لکڻ شروع ڪئي، نوخيزي ۾ دوستن کي ادبي خط ۽ محبوبائن کي رومانوي لَوِ ليٽر لکندا هئاسين، دوستن انهن تحريرن کي سارهايو ته همت افزائي ٿي ۽ لکڻ جو رجحان وڌيو، لکندو هُئس پر رکي ڇڏيندو هئس، ڇپائڻ جي ڪوشش ڪو نه ڪندو هئس، پنجين ڇهين مهيني ڪا لکڻي يا مضمون ڪنهن اخبار يا رسالن کي موڪليندو هئس ته اهو ڇپجي ويندو هو، 1975ع ۾ ٿر گهمڻ ويس، واپسي تي ”ٿر جو سير سفر“ لکيم جيڪو هلال پاڪستان اخبار، خاص رنگين ايڊيشن ۾ تصويرن ساڻ چئن قسطن ۾ شايع ڪيو، اڪثر آڏي اُبتي شاعري به لکندو هئس، پر ڪنهن کي ڪو نه ٻڌايم ۽ نه ڏيکاريم. پوءِ جڏهن سنڌ جي عظيم شاعر محترم شيخ اياز جي وفات ٿي، ڀٽ شاهه تي تدفين واري تقريب ۾ اسان چار دوست، ادا نور احمد، نصير مرزا، حَسن درس ۽ مان گڏجي شريڪ ٿيا هئاسين، اُتي شيخ اياز جا پيارا عزيز به شريڪ هئا، ڪيترا معتقد ۽ عاشق به پنهنجي محبوب کي الوداع ڪرڻ آيا هئا ۽ ڪجهه حڪمرانن جا نمائندا ۽ بيورو ڪريٽ به پنهنجن مالڪن ۽ ادارن طرفان گلن جون چادرون چاڙهي فوٽو ڪڍرائي پنهنجي حاضري لڳائي رهيا هئا، مان ۽ حسن درس پري کان ويهي اهي سڀ منظر ڏسي رهيا هُئاسين، ڏک ۽ سوڳ ۾ اسان سگريٽن مٿان سگريٽ پيئندي وڏا ڪش هڻي گهاٽي دونهي کي آنڊن ۾ لاهي، غم کي ساڙهي يا پنهنجو پاڻ کي ٻاري رهيا هئاسين، اُن وقت اداسيءَ جي گنڀير ماحول ۾، اوچتو منهنجي ذهن ۾ بيتن جون ڪُجهه لڙيون لهنديون ويون، مون تي شاعريءَ جو نزول ٿيڻ لڳو.
وارد ٿيل ڪجهه بيت
مُرشد پيرانديءَ کان، آيو ٿئي اياز،
جنهن وٽ ساڳيا سڏڙا، تو جيئن ساڳيا ساز،
ساڳيا سُر آواز، ساڳي سُڳند سنڌ جي.

اياز آهي ائين، اوچو جيئن هالار،
جنهن جي ڏات حيات ۾، هي سارو سنسار،
چنڊ جيئن چوڌار، جَرڪي پيو جهان ۾.

آهي ائين اياز، جيئن ڪو ڪاليداس،
اُڀو آ آڪاس ۾، جهڙو املتاس،
ڏيئي پنهنجو واس، سنڌ ڪري سُرهاڻ ويو.

ائين اڳ ڪڏهن ڪو نه ٿيو هو، مان پاڻ حيران هُئس، منهنجي ڀر ۾ سنڌ جو ۽ پڻ اياز جو پيارو شاعر حسن درس به خاموش ويٺو هو، شايد اُن تي به شاعري جي آمد ٿي رهي هئي، بحرحال پوءِ جڏهن محترم شيخ اياز جي مان ۽ شان ۾ جناب نصير مرزا، ڪتاب ”سامي سج وڙاءُ“ ترتيب ڏنو ته اُن ۾ منهنجا اهي بيت به شامل ڪيا، پر مان باقاعده شاعر ڪو نه آهيان، مان نثر نگار ٿي سگهان ٿو.
آخر ۾ آئون پنهنجن ڪجهه عزيز دوستن جو شڪريو ادا ڪرڻ گهران ٿو جن جي سهڪار کانسواءِ هي آتم ڪٿا وارو ڪتاب نه رڳو ڇپجي نه پر لکجي ئي نه سگهجي ها.
حميد جعفري: جنهن هن ڪتاب جي سموري مسودي کي اکر به اکر نظر مان ڪڍيو، ان ۾ درستيون ڪيون بلڪه جيڪي ڳالهيون مون کي پوري طرح ياد نه هيون سي سڀ ياد ڏياريائين، حميد جنهن جي جيوت جو وڏو عرصو حيدرآباد ۾ گذريو آهي ۽ کيس حيدرآباد سان ائين عشق آهي جيئن مرحوم ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي هو يا اسان جي محترم نصير مرزا صاحب کي آهي، ان ڪري حميد حيدرآباد جي سمورن اديبن شاعرن، دانشورن، گهٽين پاڙن، سينمائن، ميخانن، تاريخي جاين، تعليمي ادارن، باغن باغيچن ۽ بازارن کان ويندي حسن جي بازار ۽ بالاخانن جي پرين ۽ پريزادين جون يادگيريون به ڏياريون ۽ پنهنجي ڪتابن جي اشاعتي تجربن جي حوالي سان بيحد لاڀائتا مشورا پڻ ڏنا، حميد نه رڳو ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا پر شيخ اياز جي سنڌيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا کي ”کھیں بھی راہ میں منزل نہ ہوگی” جي عنوان سان خوبصورت اردو ۾ ترجمو ڪري شيخ اياز جي اهل زبان سان آشنائي ڪرائي جيڪا سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي، اها هميشه سنڌ جي تاريخ ۾ يادگار رهندي.
غلام حيدر بابل: بابل منهنجو تمام پراڻو، سچو ۽ مهربان دوست ۽ ادب، اديبن ۽ ترقي پسند روشن خيال پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن سان سلهاڙيل سرگرم ڪارڪن رهيو آهي، کيس هن ڪتاب جي ڇپجي پڌرو ٿيڻ جي ايتري ته اُڻ تڻ هئي جيتري مون کي ان ڪري هن بيحد برمحل مشورا به ڏنا ته پوري مدد پڻ ڪئي.
سيد عالم شاهه: سيد عالم شاهه صاحب سان جيئن پاڻ پنهنجي تاثر ۾ لکيو آهي ته 45 سالن کان وٺي ويجها تعلقات رهيا آهن، نه رڳو ذاتي ڪردار جي حوالي کان بلڪه قومي ڪردار جي حوالي کان به شاهه صاحب هڪ آدرشي ۽ مثالي انسان رهيو آهي ۽ هن پارٽي ۾ اڳواڻ ٿي رهڻ، ڪاٽن جا اڇا ڪلف لڳل ڪپڙا، چهري تي پائوڊر ۽ پف ۽ وارن کي تيل ۽ جيل هڻي ٽي وي تي اچڻ ۽ تقريرون ڪرڻ بدران هڪ عام ڪارڪن ٿي ڪم ڪيو، سڄي ڄمار پارٽيءَ کي ارپي ڇڏي، ڌامي، ڌرمي، قدمي ۽ سخني قربانيون ڏنيون ۽ جيل ڪمايا پر افسوس جو سندس اها قدر شناسي ته نه ٿي، مڃتا ته ڪو نه ملي الٽو مٿس مڪروهه الزام مڙهيا ويا اُن جي باوجود هُو سائين اڄ به پارٽيءَ جو گهڻگهرو ۽ دعاگو آهي.
نصير مرزا: محترم نصير مرزا جيڪو سنڌ جو سادو، سٻاجهو ساڃاهه وند اديب، شاعر، ڪالم نگار ۽ ڪمپيئر آهي، ڪا به ادبي محفل جيڪا ڪيڏي به وڏي ڇو نه هجي، سندس عدم موجودگي ۽ ڪمپيئرنگ کان سواءِ اڌوري ۽ اڻاسي لڳندي آهي، ڪمپيئرنگ ۾ سندس واتان شاهه ڀٽائي ۽ شيخ اياز جا موقع ۽ مناسبت سان هڪ خاص انداز ۾ اچاريل شعر محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا آهن، محرم جي مهيني ۾ ڪاوش اخبار ۾ ”حسين حسين“ جي عنوان سان سلسليوار لکيل 10 ڪالمن يا مرثين جا نه رڳو مولائي پر سمورا روشن خيال اديب ۽ انقلاب دوست بيحد بيچيني سان انتظار ڪندا آهن.
نصير مرزا صاحب پنهنجي بي انت مصروفيتن جي باوجود ڪتاب ۽ مصنف لاءِ جنهن محبت جو اظهار ڪيو آهي، اُهو سندن ادب سان محبت ۽ پنهنجي ڪردار جي شائستگي ۽ وضعداري جو وڏو ثبوت آهي، سندن پيش لفظ ظاهر ۾ مختصر پر ائين مڪمل آهي ڄڻ ڪر گهاگر ۾ ساگر سمايو هجي. مان هڪ ڀيرو ٻيهر انهن مهربان دوست جو شڪرگذار آهيان.
هاڻ جڏهن پنهنجي يادگيرين جي هن ڪتاب کي ترتيب ڏئي مڪمل ڪيم، تڏهن محسوس ٿيو ته اڃان ته ڪئي ڳالهيون رهجي ويون آهن، اڃان ته ڪئي واقعات، ڪيترا پهلو ۽ وارداتون جيڪي هن ڪتاب ۾ اچڻ گهرجن ها رهجي ويون آهن، هي ڪتاب مون کي اڌورو لڳو... محترم شيخ اياز به پنهنجي آتم ڪٿا لکي، ته هن به اهو محسوس ڪيو ۽ پوءِ ٻيو حصو لکيو، ٽيون حصو ۽ چوٿون حصو لکي به مطمئن ڪو نه هو، شايد وڌيڪ لکي ها، پر حياتي وفا نه ڪئي، بحرحال ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي مان به پنهنجي ڪٿا جو ٻيو حصو لکان. (انشاءَ الله)

خواجه غلام علي کوساڻي