”سانوڻي ۾ ٿر جو سير“
1978ع جو سال هو، سانوڻ جي مُند شروع ٿي هُئي، مان سارنگ اسٽوڊيو تي هُئس، ته ڪيڏي مهل اسان جو دوست آفتاب خواجه، تلهار کان آيو ۽ چيائين مينهوڳي جي موسم آهي، کنوڻيون کيج پيون ڪن، ٿر ۾ وسڻ جا ويس لڳا پيا آهن، هل ته ٿر گُهمي اچون. مون به ها ڪئي، ٻي ڏينهن صُبح جو، ڪئميرا ۽ هڪ وڳو وجهي ٿيلهي ۾ نڪري پياسين ۽ ميرپورخاص کان نئون ڪوٽ پهتاسين، نئون ڪوٽ سنڌ جي ڪچي ۽ ٿر جي وارياسي علائقن جي سرحد آهي، نئون ڪوٽ کان پوءِ وارياسو شروع ٿيو وڃي، اسان ٿر جي مخصوص سواري ڇڪڙن جي اسٽاپ تي آياسين، جتي هڪ ڇڪڙو تيار بيٺل هو، ڊرائيور واري سيٽ ۽ ان جي پٺيان واري سيٽ پئسينجرن لاءِ هُئي، باقي پٺيان مال جي لوڊنگ هُئي، اسان کي ڊرائيور جي پويان سيٽ ملي، ٻيا به ڪافي مقامي غريب پٺيان مال جي ڳوڻين مٿان ويٺل هُئا، چئين بجي ڇڪڙو هليو. شهر کان نڪتاسين ته واري جون ڀٽون شروع ٿي ويون، ٻه ميل پري رستي جي کاٻي هٿ تي نئون ڪوٽ جو وڏو قلعو آهي، ميرن جو ٺهرايل اهو تاريخي قلعو ڪر کنيو بيٺو هو، پري کان ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو هو. ڇڪڙي جي واري تي رفتار تمام گهٽ هوندي آهي، اسان رات جو اٺين بجي مٺي پهتاسين. بس اسٽاپ تي سُڃ لڳي پئي هئي، اڳتي وڃڻ لاءِ ٻي ڪنهن ڇڪڙي جي اچڻ جو انتظار ڪرڻو هو، پر فل حال ڪو به آسرو ڪو نه هو، سو اسان مٺي شهر لڳ هڪ هوٽل تي آياسين، سادي ٻوڙ ماني کاڌي سين، هاڻ سوچي رهيا هئاسين ته هتي هوٽل تي کٽن تي رات گُذاريون جو صبح جو سوير سواري جي اُميد هُئي، تيستائين ٻه نوجوان شاگرد اسان لاءِ فرشته ٿي آيا. هُو اسان ٻن شهري اجنبين کي ڏسي ويجهو آيا، دعا سلام کانپوءِ خبرون چارون ٿيون، هنن پنهنجو تعارف ڪرايو، مدن مهاراج جيڪو انجنيئرنگ جو شاگرد هو، ٻيو انجو سئوٽ مهاراج ايم اي انگلش ڪري رهيو هو. ٻئي مٺي جا رهاڪو ۽ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد هُئا. اسان هنن کي ٻُڌايو ته خواجه آهيون، فوٽو گرافي جو ڪم ڪندا آهيون، ٿر جو سانوڻ ڏسڻ نڪتا آهيون، ننگرپار وڃڻ جو ارادو آهي، اهو ٻُڌي همراهه ڏاڍا خوش ٿيا ۽ چيائون توهان اسان جا مهمان آهيو، اسان جو ملڪ گهمڻ آيا آهيو، اُٿو هلو اسان وٽ، اسان چيو توهان جي مهرباني، اسان کي اڳتي وڃڻو آهي، ڪيڏي مهل به ڪا گاڏي ايندي ته هليا وينداسين، مدن جيڪو وڏو هو، تنهن چيو اول ته رات جو گاڏي ملڻ مُشڪل آهي، ٻيو ته ٿر گُهمڻ آيا آهيو ته مٺي شهر ۽ تاريخي جايون ڏسي پوءِ اڳتي وڃو. هنن اسان جو ٿيلهو کنيو ۽ چيو هلو اُٿو، هاڻ مزيد اعتراض جي گنجائش نه هُئي، هو اسان کي وٺي شهر جي هڪ چڱيرڙي جاءِ تي آيا، جيڪا اوطاق يا مهمان خانو هو، ڪمري ۾ ٻه جهنڊي واريون کٽون جن تي رليون ۽ ٿري شالون وڇايل هيون، ٽيبل ۽ ٻه ٽي ڪرسيون به هيون، هنن ماني ٺهرائڻ چاهي، پر اسان ٻُڌايو ته هاڻي ماني کائي آيا آهيون، پوءِ چانهه وغيره ٺهرائي ته مٿان مدن وارن جو مامون، سائين ڀيرو مل مهاراج به آيو، جيڪو مٺي هائي اسڪول جو هيڊ ماستر هو. تمام قرب سان مليو. ۽ اسان سان ٻه ڪلاڪ کن بهترين ڪچهري ڪئي. هُو به قومپرست ۽ ترقي پسند خيالن جا مالڪ هُئا، رات جو آرام سان سُتاسين، صُبح جو ساجهر مندرن جي گهنٽين ، مال جي چڙن، ڍڳين جي ڳنڊلين جي آوازن تي اک کُلي وئي. مدن چانهه کڻي آيو ۽ چيائين جيستائين ناشتو تيار ٿئي، هلو ته مٺي شهر جو چڪر لڳائي اچون. اسان گڏجي نڪتاسين، شهر جون گهٽيون ۽ گهر اُهيئي سنڌ جي سڀني شهرن وانگر هئا. سنڌي طرز جا ڪچا پڪا گهر، ننڍيون گهٽيون پر پڪيون ٺهيل ۽ نالين جو سسٽم انڪري صاف صفائي هُئي، اسان بازار ۾ آياسين، جتي به اهو ئي پُراڻو ڳوٺاڻو انداز نمايان هو، لائين ۾ ننڍا وڏا دُڪان، پسارڪو دڪان جنهن تي اڳيان پيديءَ تي سيٺ ويٺو آهي، ڀر ۾ ڪاٺ جي پتي، پئسن ۽ کاتن جُون چوپڙيون، سيٺ جي پويان وڏي لوهه جي ٽجوڙي، ان سان لڳ اهم وڙن جا دٻا، اٽي چانور ڪڻڪ جون ڳوڻيون، کنڊ چانهه، گيهه، تيل ۽ ٻيا وڙ هُئا، سيٺ جي مٿان ڇت تي هوا لاءِ وڏي تختي کي ڪپڙي جي جهالر لٽڪيل، رسي سان هڪ همراهه هلاءِ رهيو هو، دروازي وٽ بينچ تي ڳوٺاڻا خريدار ويٺل، اهڙي طرح ڪپڙي جا دڪان، سونارن جا ٻه ٽي دڪان وغيره ائين پيو لڳي ته اسين سئو سال پراڻي سنڌ ۾ اچي ويا آهيون. بازار مان نڪري شهر ٻاهران کوهن تي آياسين، جتي چهل پهل لڳل هُئي، مرد، عورتون ۽ ٻار پاڻي ڀري رهيا هُئا، ٻي پاسي هودين مان جانور پاڻي پي رهيا هئا، ٿر جا کوهه تمام گهڻا اونهان آهن، پاڻي ڇڪڻ لاءِ اُٺ هو، هڪ همراهه اُٺ کي پيو هلاءِ ۽ ٻيو وري کوهه تي وڏو چمڙي جو ڏول پاڻي سان ڀرجي مٿي اچي ته ان کي بر ۾ هودين ۾ لاهيندو وڃي، جتان ماڻهو پاڻي دلن مٽڪن ۽ دٻن ۾ ڀري پيا وڃن. مِٺي جي پاڻهيارين جي حُسن جي واکاڻ شيخ اياز به ڪئي آهي، مٺي جي من موهڻين ڪامڻين جا رنگ ڳورا، نقش چٽا، ڊگهيون ڳچيون، سنيون چيلهون، چانديءِ جا حَس، ٻانهن ۾چوڙا، ڳاڙهن ۽ پيلن پڙهن ۾ وڏا گونگٽ ڪڍيو، ٻه ٻه دلا مٿن تي هڪ چيل تي کڻي مخصوص ڊيل واري چال ۾ هلنديون ٿي ويون، مون کي اياز ياد اچي ويو:
”اوءِ ڪجري گجر پير هوريان ته ڌر، هاءِ گاگر نه ڇلڪي پوي“.
اسان پري کان اهي نظارا ڪيا، ويجهو وڃي فوٽو ڪو نه ڪڍيا، ته متان خراب لڳي اسان تاريخ ۾ سنڌ جو حال پڙهيو هو، پر هتي مٺيءِ ۾، بلڪه سڄي ٿر ۾ اسان کي ڏيڍ سئو سال پراڻي سنڌ ۽ ان جا ماڻهو نظر آيا. ڪلاڪ ڏيڍ جو چڪر هڻي واپس آياسين ته ناشتو تيار هو، سائين ڀيرومل ۽ رميش اسان جو انتظار ڪري رهيا هئا. ٿري انداز جو ناشتو هو، ٻاجهر جي ماني سچي گيهه سان مليل لسي جو لوٽو، مکڻ ۽ ماکي، دال پوريون ۽ سيرو مال پڙا به هئا، اسان شهرين جي لاءِ تريل بيدا ڊبل روٽي ۽ چانهه جو انتظام به ڪيو هئائون، اسان سڀني گڏجي ناشتو کاڌو، سائين ڀيرو مل اسان کي دعوت ڏني ته اسڪول گهمڻ ضرور اچجو، مدن چيو ٺيڪ آهي، اسان ميرن جي گڊ گهمي پوءِ اسڪول ڏانهن اينداسين. سائين ويو اسڪول اسان مدن ۽ رميش سان گڏجي ميرن جو تباهه ٿيل قلعو ڏسڻ لاءِ نڪتاسين، مٺي شهر سان بلڪل لڳ اولهه ۾ هڪ تمام وڏي شاهي ڀت آهي، جنهن جي مٿان چوٽي تي ميرن جو قلعو هو، جيڪو انگريزن سنڌ تي حملي وقت توبن سان اُڏائي پٽ ڪري ڇڏيو هو. اسان جڏهين ان وڏي ڀٽ تي چڙهڻ شروع ڪيو ته خبر پئي ته واري جي ڀٽ تي چڙهڻ ڪيترو ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ آهي. قدم اڳتي وڌايون ته پير پويان پيو وڃي، خير دٻون ڏئي ساهيون کڻندا جيئن تيئن مٿي پهتاسين، ته آس پاس جا حَسين نظارا ڏسي دل خوش ٿي وئي، آسمان سڄو بادلن سان ڍڪيل ڪنهن مهل هلڪي ڦنوار پئي وسي، ڪڪر جهڙو اسان جي مٿان پيا وڃن ڄڻ ڪر ڪو هه مري جي ٿڌين فضائن ۾ موجود آهيون. سامهون مٿان کان مٺي جو ننڍڙو شهر جهڙوڪر ڪا پڪاسوجي پينٽنگ هُجي، ننڍا ننڍا گهر، ماڻهو به پتڪڙا پيا ڏسجن، آس پاس ساوڪن سان ڍڪيل ڀٽون، شهر جي چوڌاري ٻنيون ۽ وڻ، مٿان کان عجيب حسين منظر هو، باقي ميرن جي گڊ يا ميرن جي قلعي جو ملبو ۽ ٺڪر ٺوٺا جا بجا پکڙيل هوا، ڪٿي ڪا هڪ ديوار به سلامت نه هُئي، بس ڳاڙهين سرن جا ڍير هُئا. مون مٿان کان مٺي شهر ۽ حسين منظرن جون تصويرن ورتيون ۽ واپس ورياسين، اسان ڏينهن جو ٻارهين بجي، هائي اسڪول وياسين، اسڪول جي وڏي ڪمپائونڊ ۾ داخل ٿيندي هرطرف صاف صفائي ۽ ساوڪ نظر آئي. اسان سڌو پرنسيپال جي آفيس وياسين، جتي سائين ڀيرو مل اسان جي آجيان ڪئي، سائين اسان کي اسڪول جي تاريخ ۽ بهترين ڪارڪردگي جي باري ۾ ٻُڌايو ته سڄي ميرپورخاص ضلعي ۾ اسان جا شاگرد هميشه پوزيشن کڻي ڪامياب ٿيندا رهيا آهن. سائين آفيس ۾ رکيل ميڊل ڪپ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏيکاريا جيڪي اسڪول جي شاگردن مُختلف مقابلن ۾ حاصل ڪيا هئا. سائين اسان جي چانهه بسڪيٽ سان تواضح ڪئي ۽ پوءِ اسڪول جو رائونڊ لڳايوسين، سمورا ڪلاس شاگردن سان ڀريل، هڪ ئي يونيفارم ۾، ڊسيپلين نظر آيو، سائين اسان کي هڪ ڪلاس ۾ وٺي هليو جتي ٻارن اُٿي بيهي اسان کي ويلڪم ڪيو، ڪُجهه دير ڪلاس ٽيچر کي پڙهائيندي ڏٺوسين ۽ پوءِ واپس ايندي، اسان اسڪول جي شاندار ڪارڪردگي بهترين انتظام ۽ ڊسيپلين کي سارهايو ۽ آخر ۾ سائين ڀيرو مل جو شڪريو ادا ڪيو. سائين ساڻ اسڪول جي يادگار تصويرون ڪڍي واپس آياسين، بس اسٽاپ تان خبر ورتي سين ته معلوم ٿيو ته شام جو پنجين بجي ڇڪڙو ويندو. اسان واپس اچي ماني کاڌي، ٿورو آرام ڪري اسان مدن وارن کان موڪلايو ۽ هُنن جو شڪريو ادا ڪيو. مدن اسان کي ننگرپارڪر جي دوستن جا نالا ائڊريس ڏني ته جيئن اسان جي مدد ڪن، پنجين بجي اسٽاپ تي آياسين ڇڪڙو موجود هو، جنهن ۾ اڳيان عورتون ۽ ٻار ويٺل هُئا، اسان پويان ڳوڻين مٿان کُليل فضا ۾ آرام سان ٽنگون ڊگهيري ويٺاسين، هي ڇڪڙو صرف عمرڪوٽ تائين ويندو، اُتان پوءِ اڳتي ننگر لاءِ وري ٻي سواري هٿ ڪرڻي هُئي، خير گاڏي هلي، چانڊوڪي رات هُئي، پر بادلن ۽ چنڊ ۾ لڪ لڪوٽي راند جاري هُئي، ڀٽن تان لهندا چڙهندا، ٿڌين مٺين هوائن ۾ رات جا نظارا ڏسندا نوين بجي عمرڪوٽ پهتاسين، اسٽاپ تي سُڃ لڳي پئي هئي، ڀر ۾ هڪ بند ڪکائين هوٽل هُئي ۽ اندر کٽ تي ڪو ماڻهو سُتل هو، ٻاهر ڀڳل ٽُٽل بئنچ تي اچي ويٺاسين ته پري کان دهل جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو. فرلانگ کن پري هڪ ڀٽ تي باهه جو مَچ ٿي ٻريو، گئس بتين جي روشني ۾ هڪ مزار، اُنتي ڦڙڪندڙ جهنڊيون ۽ ڪجهه ماڻهو نظر آيا، اسان جو آواز ٻُڌي ستل همراهه اُٿيو. اسان هن کان ننگر جي گاڏي جو پڇيو، هن ٻڌايو ته صُبح جو ملندي، اسان پڇيو ڀلا کائڻ لاءِ ڪُجهه آهي، ته هن چيو سڀ ختم آهي، صُبح جو چانهه ٺاهيداسين. باقي هُو سامهون ڀگت منگل سنگ جو ميڙهو آهي، اُتي هوٽل به آهي، شايد کائڻ لاءِ ڪُجهه ملي پوي، همراهه اهو ٻڌائي ٻيڙي ڇڪي وري سُمهي پيو، سوچيو سين ته اڃا ڏهه ٿيا آهن، هلي ميلو ڏسون ۽ کائڻ لاءِ ڪجهه ملي ته کائي اچون، ڀڳت جي آستاني تي آياسين، جتي مزار جي ڪوٺي ٻاهران مچ جي چؤگرد غريب ڪولهي، ميگهواڙ ۽ هندو عورتون مرد ۽ ٻار هُئا، هڪ مهاراج ڪوٺي ٻاهران ٿلي تي ياترين کي داڳا ڦيڻا ڏئي رهيو هو، ڀر ۾ ڪَنڊيءَ جي جهوني وڻ ۾ داڳا ڳانا ۽ جنڊ ٻڌل هئا، ٿورو پرتي غريباڻي هوٽل هُئي، جتي اسان چانهه ماني کاڌي، ٽيپ رڪارڊ تي گسيل پٽيل آواز ۾ ڀڄن وڄي رهيا هئا: ”کونسي گلي گيورام“ اسان ٻه ڪلاڪ کن گذاري واپس آياسين، رات جو هڪ بجي ڌاري پري کان ڪنهن ڇڪڙي جو آواز اچڻ لڳو، ٿوري دير ۾ واقعي هڪ لوڊنگ ڇڪڙو اچي بيٺو جيڪو سڄو مال سان ڀريل هو، ڏيپلي کان آيو هو ۽ ننگر وڃي رهيو هو، اسان ڊرائيور سان ڳالهايو ته هن چيو ته اندر سيٽ ڪونهي باقي پويان مال تي ويهي هلو ته ڀلي هلو، اسان تيار ٿي وياسين، پر اوڏي مهل هلڪو مينهن پوڻ لڳو ۽ پوءِ جڏهين ڇڪڙو هليو ته بند ٿي ويو، نه ته اسان وڏي ڏچي ۾ اچي وڃون ها. هاڻي کليل فضا ۾ ٿڌڪار ٿي وئي هُئي، ۽ گاڏي جي لوڏن ۾ ننڊ اچڻ لڳي، اسان اجرڪون اوڍي ڳوڻين تي آهلي پياسين، ننڊ ۽ جاڳ واري حالت هُئي، جڏهين ڪنهن وڏي واري جي ڀٽ تي ڇڪڙي کي زور لڳائي چڙهڻو ٿي پيو، انجڻ جي گوڙ ۽ دُونهين جي بادلن ننڊ ڦٽائي ٿي ڇڏي، باک ڦٽي مهل ڇڪڙو ڏانو ڌانڌل جي اسٽاپ تي پهتو، جتي هڪ هوٽل وارو ٽانڊو ٻاري چانهه رکڻ جي تيارين ۾ هو، برسات جي ڪري هر شئي ڀنل هُئي ۽ ماڪ ۽ دُونهين سان ماحول ڌُنڌ ۾ ورتل هو، ڏانوڌاندل فوجي ڪئمپ هُئي، جتي رستي تي چوڪي هُئي، جتان هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو ۽ مال جي فوجي سخت چيڪنگ ڪندا آهن، ننگرپارڪر انڊيا پاڪستان جي سرحد تي آهي، ان ڪري اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ اها چيڪ پوسٽ ٺاهي اٿن، اسان چانهه بسڪٽ کائي روانه ٿياسين، فوجين اسان کي به هيٺ لاهي تلاشي ورتي، هاڻ صُبح ٿيڻ واري هُئي، سج ڪَني ڪڍي ۽ ڀٽن تان ڪنڌ مٿي ڪري آرس ڀڃي نڪري ائين نروار ٿيو ڄڻ ڪر ڪا نوورني سهاڳ رات گذاري صبح جو سنان ڪري ٻاهر نڪرندي هجي. ننگرپارڪر کان ڏهه يارهن ميل اورتي هُئاسين وارياسي ۾ ڪٿي ڪٿي پٿر جون ٽڪريون نظر آيون، پري کان ڏکڻ ۾ ننگرپارڪر جي جبل جون ڪاريون چوٽيون نظر ٿي آيون، تڏهن هڪ حادثو ٿيو. ننگر کان ڏهه مهيل اورتي اسان جو ڇڪڙو ڦاسي پيو، بارش جي ڪري نرم زمين هُئي گاڏي ۾ به مال سان ڀريل وزن هو، سو ٽائر ويهي ويا ۽ ڪنهن مدد کانسواءِ نڪرڻ ناممڪن هو، ڪنهن ٻي گاڏي جو آسرو به ڪو نه هو، سواءِ پنڌ وڃڻ جي، اسان به ڏٺو ته هو سامهون ننگر جا آثار پيا ڏسجن، بس ڪلاڪ کن ۾ پهچي وينداسين، سو اسان به ڪئي الله تنوار، خيال هو ته پڪي رستي وارو پنڌ هوندو، پر پوءِ جڏهين اڌ منو ڪلاڪ پنڌ ڇڪيوسين تڏهين خبر پئي ته واري جو پنڌ ڇا ٿيندو آهي.قدم اڳيان وڌايون ته پويان پيو وڃي، عام پنڌ کان ٻيڻي ٽيڻي طاقت ۽ محنت ڪرڻي ٿي پئي، ڪلاڪ کن ۾ ٽنگن ۾ سور پوڻ لڳو. پنڌ اڃا صرف ٿورو طئي ٿيو هو، جيئن اڳتي وڌون ننگر جون ٽڪريون اوترو پري ٿينديون نظر اچن، ڏينهن جا يارهن ٿيا، ڪڪر به ڇڊا پاڊا هُئا ته ڏينهن گرم ٿيڻ لڳو، اُڃ به اچي تپايو، اسان وٽ پاڻي به ڪو نه هو، ٿوري دير کان پوءِ اسان جي حالت خراب ٿيڻ لڳي. هاڻ اسان کي احساس ٿيو ته ڪيڏي وڏي غلطي ڪري ويٺا آهيون. رڻ پٽ ۽ رُڃ ۾ اسان جا گلا خُشڪ، پري پري تائين نه ڪو ماڻهو نه وڻ ٽڻ، اُس ۾ پگهر نڪتو ته وڌيڪ اڃ لڳي، ٽنگون به جواب ڏيڻ لڳيون. اسان کي خوف ورائي ويو ته هاڻ موت يقيني آهي، آهسته آهسته پنهنجو پاڻ گهيليندا اڳتي وڌنڌا رهياسين، اسان گاڏين وارو رستو وٺي هلي رهيا هئاسين، اُميد هُئي ته ڪا سواري اچي نڪري، پر نه، هاڻ ته هلي به نه پيا سگهون، پر موت جي ڊپ کان رڙهندا رهياسين، هر هر اُميد ۽ آسروند نظرن سان پوئتي پيا ڏسون ته من ڪا مدد ملي، پر سواءِ سُڃ ۽ رُڃ جي ٻيو ڪجهه ڪو نه هو. رستي جي ڀر ۾ ڪٿي ڪٿي مُئل جانورن جا هڏا ڏسي وڌيڪ ڊپ ورايو وڃي، هاڻ ته اُڃ ۾ وڌيڪ چپ خشڪ ٿي ويا ۽ نڙي ۾ ڪنڊا محسوس ٿيڻ لڳا، پٽيل وات مان زبان ائين ٻاهر ڪري آئي جيئن اڃايل ڪتي جي وات مان نڪري ايندي آهي. هڪڙي ڀٽ تي چڙهي نه پيا سگهون ته ٻي ڀٽ ٿي سامهون آئي، منير نيازي ياد اچي ويو.
”مين ايک دريا کے پار اُترا تو مين نے ديکھا،
اک اور دريا کا سامنا تھا منير مجھ کو“
جيئن تيئن ڪري مٿي پهتاسين ته ڪجهه وڻ ۽ ٻني نظر آئي، پرتي ٻنيءِ ۾ هڪ هاري ڪم ڪندي نظر آيو ته اسان ۾ ساهه پيو، رڙهي رڙهي هن جي ويجهو آياسين، هو اسان جي حالت ڏسي حيران ٿيو ته هي ٻه شهري ماڻهو هتي ڪيئن ۽ ڪٿان آيا آهن. اسان هنکان پاڻي گُهريو، هن اسان کي تسلي ڏئي، وڻ هيٺ ويهاريو جتي پاڻي جو دلو پيو هو، پر هن ٺڪر جي وٽي ۾ صرف ٻه ٻه ڍڪ پاڻي ڏنو ۽ چيو ته هڪدم پاڻي نه پيو تڪليف ٿيندي، پوءِ اسان احوال ڏنو.
سامهون ننڍي ترائي هُئي، وڻن سان ڍڪيل، پاسي ۾ ٻني هُئي، جنهن ۾ ٻن عُورتن رُونڀو ٿي ڪيو. پوڙهو ويرو مل ڪولهي هو، هن هڪل ڪري ماين کي ڪُجهه چيو، پوڙهي ڪولهياڻي سُتت ئي ماني جو سُونڊو ۽ ٽبي ۾ ڏڌ کڻي آئي. ٻاجهر جي ماني ۽ چبڙن جو ٻوڙ ۽ ڇڊي لسي جي لذت ائين لڳو ته اهي سمورا من و س سلوا جا طعام جنت مان خاص اسان لاءِ آيا هجن، ويرو اسان کي چيو ٿورو آرام ڪريو، ڏينهن ٺاري پوءِ وڃو. ڪجهه دير گذري ته ڪنهن گاڏيءَ جو آواز اچڻ شروع ٿيو، پوڙهي چيو ها، اها گاڏي ننگر جي آهي، اسان به رستي تي آياسين ته ڇڪڙو به هيٺان مٿان ماڻهن سان چڪار هو، پر تڏهين به بيٺو ۽ اسان به ويرو ڪولهيءَ جو شڪريو ادا ڪري پٺيان مال مٿان ويٺل مقامي غريب ڪولهي هارين پورهيتن جي وچ ۾ ويهي رهياسين. مُني ڪلاڪ ۾ ننگرپارڪر پُهتاسين. وارياسي برپٽ مان جڏهين ننگرپارڪر جي حدن ۾ داخل ٿياسين ته ڪارونجهر جي سلسلي سان گڏ ساوڪن ۽ وڻن جي گهيري ۾ هڪ حسين وادي ۾ داخل ٿي رهيا هُئاسين، اُهو نما شام وقت هو، اُونداهي پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيا هئا، اسان جي بُري حالت هُئي، پگهر واري جسم تي ڪپڙا ميرا، سو اسان هڪ مسافر خاني ٽائپ هوٽل تي آياسين، ٿڪاوٽ ۽ ٽنگن ۾ سور، دوستن کي تلاش ڪرڻ جي همت به ڪو نه هُئي، پوءِ اُتي ئي وهنجهي ڪپڙا بدلاءِ ماني کائي سُمهي پياسين.
ٻي ڏينهن صُبح جو اٿياسين ته عجيب و غريب، حسين و جميل منظر سامهون هُئا، ٿر جي سانوڻ جا سُهڻا، حسين ۽ رنگين ترين نظارا اسان جي اکين اڳيان هُئا، ڪارا ناسي ڀُورا بادل ڪارونجهر جي چوٽين کي ڇُهي رهيا هُئا. ڪارونجهر جو حُسن پنهنجي سمورين رنگينين ۽ رعنائين سان سامهون هو. پٿر، ماربل، چُن وغيره جي رنگ به رنگي پهاڙين منجهه ڪيتريون خوبصورت واديون جن ۾ نديون، نهرون ۽ آبشار هُئا، ڪٿي پهاڙين جو رنگ هلڪو گُلابي ته ڪٿي پيلو، ڪي جبل ڀورا ۽ ناسي ته ڪي بلڪل ڪارا جبل هُئا. رنگين ڪارونجهر جي ڪڇ ۾ آباد نم جي وڻن ۽ ساوڪن سان ڍڪيل ڪنهن خوبصورت نوجوان بيواهه جهڙو حسين اُداس ۽ اُجڙيل ننگرپارڪر جو شهر جيڪو اڌ کان مٿي خالي هو. ڪٿي ڪٿي ڪا حسين مورت نظر ٿي آئي ته اياز ياد ٿي آيو، ”ڪارونجهر جون ڪامڻيون ڳاڱين ڳاڙها ڳل“ چون ٿا ته ماضي ۾ هي شهر شاهوڪار امير ماڻهن جو شهر هو پر پوءِ 1971-70 واري جنگ جي هولناڪ اثرن هِتي جي پُرامن ماڻهن کي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ کين پنهنجو ديس، پنهنجا شهر ۽ گهرگهاٽ ڇڏي لڏي وڃڻو پيو... مدن جي ڏنل ڏس تي همراهه کي هٿ ڪيوسين، شنڪر ڪولهي نوجوان، جيڪو مختيارڪار جي آفيس ۾ ڪلرڪ هو. شنڪر قرب سان مليو ۽ فورن آفيس مان موڪل وٺي، اسان کي ننگر گُهمائڻ هليو. ڪارونجهر جي ڪور وٺي ٿورو اڳتي ٿياسين ته هڪ ننڍو آبشار ۽ وڏو تلاءُ نظر آيو. جبلن مان ايندڙ پاڻي ندين نالن ۾ وهندو، ڍنڍون ۽ تلاءُ بنائيندو هيٺ ٻنيون آباد ڪندو رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. ڊيم ٺاهي پاڻي گڏ ڪن ته ٿر آباد ٿي سگهي ٿو. بهرحال اهي نظارا پسندا اسان ڪجهه مٿي جبل تي چڙهياسين ته هڪ خوبصورت مندر نظر آيو.، جيڪو هڪ پهاڙي جي چوٽي تي ڪر کنيو بيٺو هو. پٿر جي ٺهيل جين ڌرم جي مندر اندر وياسين ته اهو به ويران هو. گند ڪچرو ۽ ڪبوترن جا آکيرا هُئا، مورتيون به مٽي ۾ سٿيل هيون. هن مندر جا پوڄاري ۽ ڀڳت به هليا ويا هُئا. اسان ڏٺو آس پاس جي ديوارن ۽ پلرن تي، لکيل اهي ننڍا ننڍا پيغام جيڪي اُنهن لڏي ويندڙن ڏاڍي درد ۽ ڪرب واري حالت ۾ لکيا آهن. پنهنجي جنم ڀومي، وطن شهر، گهر ۽ مندر، جيڪي هنن کي بيحد پيارا هُئا، اُنهن ماڳن ۽ مڪانن کي اچانڪ ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿيا، تڏهين اُنهن مان ڪجهه ماڻهن ڪوئلن، پينن ۽ پينسلن سان، درو ديوارن تي پنهنجي دل جو آواز، درد جي دانهن تحرير ڪئي هُئي. ته:
”اي ڌرتي ماتا مون تي دَيا ڪر، مان مجبورن توکي ڇڏي رهيو آهيان-، اي ديوي مونکي شما ڪر، هاڻ مان تنهنجو ديپ جلائڻ ڪو نه ايندس،“ ”مهاراج مان تنهنجو ڀڳت آهيان، مان تنهنجي شيوا ڪرڻ ٿو چاهيان، ڀڳوان مونکي شڪتي ڏي“. ”ماتا ديوي مان نٿو وڃڻ گُهران، پر لاچار مونکي پرديس پڌارڻو پيو پَوي، پر اي ديوي هڪ ڏينهن واپس اچي تنهنجي چرڻن ۾ جان ارپيندس.“ ”اي ڀڳوان اسان تي ديا ڪر اسين پرديس پيا پڌاريون.“ اهڙي قسم جا ڪيئي پيغام هُئا.
شنڪر اسان کي انگريز جنرل ٽروٽ جو تخت ڏيکاريو، جيڪو جبل مٿان ٺهرايل پليٽ فارم تي هو، جتي ويهي اوڀر جا حسين نظارا ڪندو هو. اسان جبل جي اندر ته ڪو نه وياسين، پر ڪارونجهر جي پاڙ ۾ عجائبات ڏسندا واپس ورياسين، شنڪر جو گهر شهر ۾ هو.هن اسان کي هڪ جاءِ ۾ ترسايو، گهران ماني ٺهرائي آيو، رات جو اسان سٺي ڪچهري ڪئي. شنڪر ٻُڌايو ته هو پارڪر جا اصلي ڪولهي آهن. روپلي ڪولهي جي خاندان مان آهن، جنهن انگريزن سان گوريلا جنگ ڪئي هُئي، پر پوءِ گرفتار ٿي ڦاسي چڙهي ويو هو.
ٻي ڏينهن شنڪر هڪ جيپ جو بدوبست ڪيو، اسان ڀوڏيسر جي مسجد ۽ گوڙي جا مندر ڏسڻ وياسين، مندر ۽ مسجد ٻنهي ۾ پٿر جو نازڪ ترين فنڪاري جو ڪم ڏسي حيرت ٿي، ريگستان جي وچ ۾، آس پاس نه ڪو شهر ڳوٺ نه آبادي، اڪيليون پٿر جون هي عمارتون، جيڪي بيحد خوبصورت آهن. ڪنهن جي لاءِ ٺاهيون ويون هُيون، پٿر جون هي وڏيون ڇپون واري ۾ ڪيئن آنديون ويون هونديون، عجب جو مقام آهي. گوڙي جي مندر جي سامهون هڪ وڏي ترائي هُئي. وڻن سان ڍڪيل، اُتي مور به موجود هُئا... ٻي ڏينهن اسان واپس حيدرآباد آياسين.