”شهيد فاضل راهو جي ورسي تي“
17، فيبروري 1993“ شهيد فاضل راهو جي ڇهين ورسي تي، حسب معمول وڊيو ۽ فوٽو گرافي ڪرڻ ويس، راهوڪي ۾ هميشه وانگر سڀ پروگرام ٿيا، مشاعرو، راڳ وغيره ٻئي ڏينهن تي وڏو جلسو، جنهن ۾ هزارين هاري، پورهيت غريب عوام شرڪت ڪئي. اسماعيل ۽ اسلم راهو ۽ ٻين ڪيترين پارٽين جي ليڊرن ۽ وفدن تقريرون ڪيون، گيت ڳاتا، چئين بجي جلسو ختم ٿيو، ماڻهو ويا، تڏهين سج لٿي کان ٿورو اڳ مان اڪيلو اچي فاضل جي قبر جي سيرانديءِ کان ويٺس، دل ئي دل ۾ فاضل سان ڳالهائڻ لڳس. اول شاهه جو شعر تري آيو، ”اڄ نه اوطاقن ۾، طالب تنوارين، آديسي اُٿي ويا، مڙيون مون مارين، جي جيءُ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا.“ فاضل، تو جيڪا واٽ ورتي، جنهن پورهيت نظريي تي ايمان آندو، سچائي جي اُن راهه تي هلي عظيم الشان ڪم ڪري ڏيکاريا، اڄ سڄي دنيا انهن جي ساراهه پئي ڪري، سڀ توکي سلام پيا پيش ڪن. پر تنهنجا اصل محبوب مسڪين مارو ماڻهو، ڪولهي ڀيل، ميگهواڙ، شڪاري ۽ ڪاريا، جن لاءِ تون آس اُميد هُئين، اُنهن جو ابو ۽ امان هئين. اُهي اڄ به تنهنجي خوشبوءِ پويان ميلون پنڌ ڪري اچن ٿا، توکي ڳولهين ٿا. تو لاءِ وجهائين ٿا. پر تون ڪٿي آهين، تون ڪٿي به ڪو نه آهين، بس هن قبر تي سڀني جون اکيون اچيو اٽڪيو پون. فاضل تنهنجا وارث انهن مسڪينن سان ساڳيو رويو رکڻ“ اُنهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪن ٿا، اڄ به ڪو سوالي هتان خالي ڪو نه ٿو وڃي، پر فاضل ڪونهي، فاضل ڪير به نٿو ٿي سگهي، فاضل تنهنجو اولاد تو وارو رستو ڇڏي چڪو آهي، تنهنجي جن سان جنگ هُئي، هِنن اُنهن سان ٺاهه ڪيو آهي، حڪمران مير پير سردار جن سان تو ه هميشه جهيڙا ڪيا، مسڪينن جي حقن لاءِ دليرانه ويڙهون ڪيون، پر تنهنجا پويان خود وڃي انهن ميرن، پيرن، حڪمرانن سان گڏ ويٺا آهن، عهدا ۽ وزارتون پيا ماڻين، فاضل تون به جيڪڏهن ائين ڪرين ها ته پوءِ ته تون شهيد به نه ٿين ها، پر تو ائين ڪو نه ڪيو، انهن ظالمن سان ٺاهه ڪو نه ڪيو، ۽ جيڪا عظمت اڄ تو ماڻي آهي، اُها تنهنجا پويان ماڻي نه سگهندا.
فاضل تنهجي ورسيءِ تي،
فاضل نظر نه آيو آهي،
هونءِ ته ڪيئي قائد آيا،
فاضل ڪو به نه آيو آهي.
اهو شعر ذهن ۾ تري آيو، سج لهي ويو هو، ۽ مان به ٿڪل قدمن سان موٽي آيس.