”ڪراچي جو سفر“
شايد اهو سال 1992 جو سال هو
مُحترم محمد ابراهيم جويو صاحب، ادا نُور احمد خوجه ۽ مان، اسان گڏجي مُنهنجي پُراڻي ٽويوٽا ڪار ۾، ڪراچي وڃڻ ۽ مُحترم شيخ اياز سان مُلاقات ڪرڻ، ۽ ڪُجهه پيا ڪم ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيوسين.
اسان ٽئي ڄڻا صُبح نوين بجي نڪتاسين، ٻارهين بجي ڪراچي پُهچي اول سڌو پرنس ڪامپليڪس اياز سائين وٽ پُهتاسين، خوش خير عافيت کان پوءِ، اياز ڪجهه ڪاغذات جويو صاحب کي ڏنا ۽ پوءِ شام جو تفصيلي مُلاقات ۽ ڪچهري جو پروگرام ٺاهي اسان روانه ٿي جويو صاحب جي فرزند جي گهر تي آياسين، جنهن تمام سٺي ماني کارائي، ڪُجهه دير آرام ڪري، جويو صاحب کي اُتي ڇڏي، شام جو اياز وٽ ملڻ جو واعدو ڪري، ادا نور احمد ۽ مان صدر آياسين، ڪجهه ڪتاب ۽ ڪئسٽون ٻيو سامان ورتو، زيب النساءِ اسٽريٽ جو چڪر لڳائي شام جو پرنس ڪامپليڪس پُهتاسين، جتي جويو صاحب به موجود هو. پوءِ ته هنن ٻنهي عظيم شخصيتن جون ڳالهيون اسان خاموشيءِ سان ويهي ٻُڌيون، علم، ادب، تاريخ ۽ فلسفي جي ڄاڻ جو درياهه وهي هليو هو، جنهن مان اسان به ڍُڪ ڀريندا رهياسين، اڍائي ڪلاڪن ۾ اسان ايترو ڪجهه حاصل ڪيو، جيڪو سالن جي مطالعه جي برابر هو. جويو صاحب پنهنجن خيالن ۽ فڪر تي قائم، دائم هو، جڏهين ته اياز سائين نئين سوچ ۽ نون خيالن کي پيش ڪري رهيا هُئا، اياز موت بعد زندگي جو قائل هو، ته جويو صاحب سخت انڪاري هو، پوءِ ته دنيا بر جي عظيم عالمن دانشورن، فلسفين ۽ ۽ نظريه دانن جا دليل ، حوالا، تاريخ و تمدن جا اولڙا، افلاطون، سُقراط کان شاهه سچل سامي تائين، دين ڌرم پيغمبر ڪميونزم لبرلزم، خُدا جو وجود ۽ عدم وجود، سماجيات ۽ سائنس، مطلب ته هاءِ پروفائل دانشورن جي گفتگو، علم و ڄاڻ معلومات جا موتي وکرجندا ويا. ڪي ڪڻا اسان کنيا، باقي ضائع ٿي ويا، ڪاش اها ڪچهري رڪارڊ ڪري سگهجي ها، ته قيمتي خزانو محفوظ ٿي وڃي ها.
اٽڪل اٺين بجي اُتي هڪ هندو ڊاڪٽر ڀرت ڪمار آيو، جيڪو پڻ حيدرآباد جو هو، ۽ اسان ساڻ گڏجي حيدرآباد هلڻو هو، اسان ساڍي اٺين اياز سائين کان موڪلايو، هوٽل تي ماني کائي يارهين بجي ڪراچي شهر مان نڪتاسين. ڪراچيءِ مان نڪرندي مونکي محسوس ٿيو ته، مون واري گاڏي ڪُجهه اڙي پئي ڪري، سو آهسته آهسته هلڻ لڳاسين، واٽ تي ڊاڪٽر ڀرت، جويو صاحب سان موت بعد حيات ۽ سياست تي، قوم پرستي تي بحث ڪندو هليو. حيات بعد الممات تي جويو صاحب اڳي ئي اياز سان بحث ڪري، بر ٿيو آيو هو، سو وري جو ڊاڪٽر اهو رينگٽ ڪيو ته جويي صاحب کيس ڏاڍي ڇنڊ پٽي ته، هندو ميٿالاجي تي انڌو ايمان نه رکو ۽ ٻيو ته قوم پرستي واري جدوجهد ۾، جيڪو به جيترو به سچو حقيقي ڪم ڪري ته اُنکي مڃجي ۽ اُن جو ساٿ ڏجي، پوءِ پليجو هُجي، ممتاز ڀُٽو هجي يا آريسر يا ڄام ساقي، سڀني ۾ ڪُجهه خوبيون ته ڪجهه خاميون به ٿينديون آهن... اهو بحث هلندي جڏهين اسان نوري آباد کان ٿورو اورتي هُئاسين ته ڪار جواب ڏنو، انجن بند ٿي وئي. اونداهو جنگ ۽ سُڃ، سخت سردي، ڪار مان ٻاهر نڪرون ته سيءُ جسم وڍڻ ٿي لڳو، ڊاڪٽر هندو ماڻهو سو اُنکي اچي ڊپ لڳو، چيائين يار هي ڌاڙيلن جو علائقو آهي، ڄام صادق جي دور ۾ ڌاڙا ۽ ڦرون وڌي ويا، آهن، هونءِ به هي پالارين جو علائقو آهي، ڊاڪٽر صاحب اسان کي به ڊيڄارڻ لڳو پر اسانکي ڊپ ڇا ٿئي، ماڳئي ايڊوينچر ۾ مزو پي آيو، پر فڪر هو، صرف جويو صاحب جو جيڪو بزرگ شخصيت هو ته هن کي پريشاني نه ٿئي. جويو صاحب پاڻ کل ڀوڳ پيو ڪري، اسان جي همت پيو وڌائي. ٺُپ اُونداهي رات جو هڪ ٿيو هُجي، گاڏيون هن مقام تي فُل اسپيڊ ۾ پيون گُذرن، اسان بسن ۽ ڪارن کي هٿ ڏئي بيهارڻ جي ڪوشش ڪريون پر ڌاڙيلن ۽ ڦوروئن جي خوف ۾ گاڏيون اڃان تيز فل اسپيڊ ۾ هلايو پيا وڃن، ڪير به بيهڻ لاءِ تيار نه هو... هڪ عجيب اتفاق اهو به ٿيو هو جو اُن ئي ڏينهن ڄام صادق وفات ڪئي هُئي، بهرحال رات جو ڏيڍ ٿيو هو، گهگهه اُونداهي ۽ ويران علائقي ۾ اسان اڌ مُنو ڪلاڪ بيٺا رهياسين، ڪا به بس، ڪار يا ٽرڪ به بيهڻ لاءِ تيار ڪا ن هُئي، اسان کي به فڪر مندي ٿيڻ لڳي ته اوڏي مهل پيٽرولنگ پوليس جي موبائل اچي اسان وٽ بيٺي، پوليس وارن چيو، ڪار کي ڌڪو لڳائي هيٺ ڪچي ۾ بيهاريو، باقي توهانکي اسان نوري آباد جي ڪنهن هوٽل تائين پُهچائي ڇڏينداسين، اڳتي توهانجي قسمت، اسان سوچيو اهو به شڪر، هن اونداهي ويراني ۽ سيءُ کان ته بچون، اڳتي الله مالڪ آهي، پوليس موبائل اسان کي نوري آبادي واري پاسي هڪ پٺاڻ جي هوٽل وٽ ڇڏيو، ڊاڪٽر ڌاڙيلن جي اغوا ڪري وڃڻ واري خوف کان آجو ٿيو، سردي تمام گهڻي هُئي. اسان جويو صاحب کي هڪ کٽ تي صاف سٿرو بسترو وٺي ڏنو، هن کي سوڙ اوڍائي سمهاري اسان گرم گرم چانهه پيتي، نور احمد ۽ مان ڪچهري ڪرڻ لڳاسين پر ڊاڪٽر کي چين ڪو نه هو، سو آسپاس جانچڻ لڳو ته ڪا لفٽ ملي يا ڪرائي جي گاڏي ملي وڃي، رات جو اڍائي بجي هڪ نئين ويڳن چوڏهن سيٽن واري پر سڄي خالي، هڪ ڊرائيور ۽ هڪ ماڻهو ٻيو ان سان اڳيان ويٺل ڊرائيور چانهه پيئڻ لاءِ بيٺو هو. ڊاڪٽر اڳتي وڌي خبرچار ورتي ته خبر پئي ته ڊرائيور سان گڏ اڳيان جيڪو ٻيو شخص ويٺل هو، اُهو علڻ فقير هو، جيڪو ڪراچي ۾ ثقافت کاتي جي ڪنهن پروگرام مان واندو ٿي، اداري جي ويگن ۾ واپس وڃي رهيو هو. هُن جي حالت تمام خراب هُئي، نشي ۾ ڌُت هو، اڃا به گاڏي ۾ انگريزي شراب جي بوتل کولي پي رهيو هو، هُنجي اک نه پئي کُلي، ماڻهو سڃاڻڻ يا ڳالهه کي سمجهڻ مشڪل هو. ڊاڪٽر اچي اسان کي ٻڌايو نور احمد ۽ مون وڃي هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو ڌڙڪا ڏيڻ ۽ وڙهڻ پيو اچي، پر پوءِ ڏاڍي مُشڪل سان اسان هن کي اهو سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين ته محمد ابراهيم جويو به هتي موجود آهي، هُو کٽ تي ستل آهي، تون چوين ته اٿاري وٺي اچون، علڻ کي جڏهين اسان واري ڳالهه سمجهه ۾ آئي، تڏهين رڙ ڪري چيائين، ڇا جويو صاحب مُنهنجو ابو مُنهنجو بابا هتي موجود آهي؟ منهنجو بابو هتي ڪيئن آيو آهي، اهو چوندو هاڻ گاڏي مان لهڻ لڳو ته همراهه جا پير نه کُپن پٽ تي بت نه جهلي سگهيو ۽ ڦاڪو اچي ڪري ها پٽ تي، پر مون به کڻي هن کي ٻک وڌا، مان اڳي تيار هُئس، هن جي حالت ڏسي، سو جهلي بيهاريو مانس، پر هن همراهه جي رٽ لڳي اچي، مُنهنجو بابو ڪٿي آهي، مان آهسته سان وٺي آڻي جويو صاحب واري کٽ وٽ بيهاريو مانس، جويو صاحب کي اٿاريوسين، هن کي ڏسي علڻ ابو ابو ڪري هُنجي پيرن تي ڪري پيو، وڏا ڀاڪر پيو پائي، جويو صاحب پريشان ٿي ويو، خير هنکي وٺي گاڏي ۾ ويهاريوسين، اسان به پويان ويٺاسين، رستي ۾ شراب پيو پئي، جويو کان معافي پيو گهري ۽ ٻين ثقافت کاتي جي آفيسرن کي گاريون پيو ڏي، صرف حميد آخوند جي واکاڻ پيو ڪري، جنهن انگريزي شراب جي بوتل ۽ گاڏي ساڻ ڪري ڏني هُئي، سئو کن گاريون ڏيو ٻين کي وريو اچي جويو صاحب جي واکاڻ تي ۽ ان کي هٿ ٻڌيو، ”ابو آهين، مُنهنجو بابو آهين، پادر لاهي مونکي هڻ، بخش ڪر، مُنهنجو بابا آهين،“ مطلب ته سڄي رستي تي گوڙ گند ڪندو هليو. جڏهين حيدرآباد آيو، جويو صاحب جي گهر وٽ گاڏي پهتي ته اسان کي به چيائين لهو توهان به ڦٽو مان رڳو بابي جو ڪم ڪيو آهي، مون توهان جو ٺيڪو ڪو نه کنيو آهي، خير اسان اُتي ئي هن جو شڪريو ادا ڪيو. باقي گهر تائين پنڌ وياسين، ڊاڪٽر به نور احمد جي گهر تي هلي رات رهيو، اهڙي طرح ساڍي چئين بجي گهر پهتاسين.