”موسيقي سان دلچسي“
اسان جي اسماعيلي برادري، ترقي پسند ۽ روشن خيال ڪميونٽي آهي، منظم، متحد جماعت آهي، اسانجا ڪيئي فلاحي، خدمتگار ادارا آهن، اسڪول، اسپتال، ميٽرنٽي هوم ۽ ٻچه خانه، سماجي ڀلائي، بهبود جا ڪم ٿيندا آهن. انهي سان گڏ تفريحي منڊليون به آهن. اسڪائوٽ بينڊ ۽ آرڪيسٽرا به هُئي. جيئن ته مون کي ٻالجتيءَ کان گيت، راڳ ۽ موسيقي پسند هُئا. دل چوندي هُئي مان به گيت ڳايان، ميوزڪ ۽ ساز وڄايان، اسان جي ڪميونٽي جي آرڪيسٽرا هُئي، جيڪا اسانجي خوشين وارن تهوارن تي پروگرام پيش ڪندا هُئا. ڏانڍيون ۽ راسوڙا ڊآنس ڪرائيندا هئا. انهن جو ٺڪاڻو جماعت خاني جي سامهون هڪ جاءِ ۾ هو جتي ڇوڪرا رات جو رياض ڪندا هُئا. مونکي ايڏو شوق ٿيو جو مان به روز اُن جاءِ ٻاهران بيهي پيو ڏسندو ۽ ٻُڌندو هُئس. انهن ميمبرن مهينن تائين اچي بيهڻ ۽ ٻڌڻ جو منهنجو شوق ڏسي مون کي اندر اچي ويهڻ ٻڌڻ جي اجازت ڏني. هاڻ مان به روز ويندو هُئس، هنن جا ننڍا ننڍا ڪم ڪندو هُئس. سازن کي به هٿ ۾ کڻي ڏسندو ۽ وڄائڻ جي ڪوشش ڪندو هُئس. آرڪيسٽرا جو چيئرمين وزير علي خواجه نوٽ ڪيو ته مون ۾ ميوزڪ جو شوق آهي ۽ ردم مائينڊ به آهيان. سو اُن مون کي سيکارڻ جو فيصلو ڪيو. سڀ کان پهرين مونکي آرگن ڏنائون، آرگن جا هارميونم وانگر بٽڻ آهن پر انکان ٻيڻ تي وڏو هوان ۾ هوا ڀرڻ واري دمڻ، هٿ جي بجاءِ پيرن ۾ هُئي. هنن مون کي اولين سبق سرگم سيکاري، سا، ري، گا، ما، پا، دا، ني، سا پوءِ ته مون ڏاڍي محنت ڪئي، دل سان سکڻ شروع ڪيم، ڪجهه مهينن ۾ مان گانا، گيت وڄائي ويندو هُئس، آهسته آهسته مون تار وارا ساز به سکڻ شروع ڪيا. وائلن، دل رُبا، ستار، ميڊولين ۽ ڀينجو وغيره. تار وارا ساز تمام مٺن سُرن وارا ٿيندا آهن ۽ ڏکيا به هوندا آهن. مان سورنهن سالن جو هُئس، جڏهين باقائدا آرڪيسٽرا جو ميمبر ٿيس، ٻن سالن ۾ مان ماهر ٿي ويس، مون کي تقريبن سڀ ساز وڄائڻ ايندا هُئا. اسانکي ريڊيو پاڪستان جو ميوزڪ ڊائريڪٽر اُستاد نياز حُسين سيکارڻ ايندو هو. نياز حسين هفتي ۾ ٽي ڏينهن سيکارڻ ايندو هو. سو به وڏي معاوضي ۽ منٿن سان. استاد نياز حُسين پوءِ پاڪستان فلم انڊسٽري جو وڏو ميوزڪ ڊائريڪٽر ٿيو هو. استاد نياز، استاد منظور علي خان جو سئوٽ هو، جيڪي گواليار جي خاندان مان هُئا، هونءِ هي ميراثي پنهنجو فن صرف اولاد کي ڏيندا آهن. ٻي ڪنهن کي ڪو نه ڏيندا آهن پر استاد نياز جي به اسان ساڻ دل لڳي وئي، ٻيو ته هن ڏٺو ته هي پروفيشنل ڪونهن صرف فلاح ۽ خدمت جي جذبي سان ٿا سکن، تڏهين هن اسان کي سيکاريو، اسان به سڀ هن جي عزت و احترام ڪندا هُئاسين، گهران وٺي اچڻ ۽ ڇڏي اچڻ، کاڌي پيتي جو به خيال رکندا هُئاسين، سياري ۾ ٻاڦل بيدا ڪافي ۽ چانهه وغيره جو انتظام ڪندا هُئاسين. اهو ئي سبب هو جو هن اسان کي موسيقي جا خاص نقطا ۽ گُر سيکاريا، اسان به جلدي ماهر ٿي وياسين، پنهنجي جماعت جا سڀ پروگرام مفت ڪندا هئاسين، خاص خوشين جي ڏيهاڙي تي، يا اسان جو مُرشد ايندو هو ته، اسان وڏيون خوشيون ملهائيندا هُئاسين، جنهن ۾ ناچ، گانا، گيت ۽ اسان جا راجستان ۽ گجرات جا رقص، ڏانڍيون ۽ راسوڙا ته وڏي شوق سان کيڏيا ويندا هُئا. مرد، ڇوڪرا، عورتون ۽ ڇوڪريون سڀ گڏجي ۽ جُدا جُدا به ڏانڍين ۽ راسوڙن جا ڊگها دور ڪلاڪ ٻن تائين انتهائي جوش ۽ جذبي سان هلندا هُئا. جنهن جو ميوزڪ، سنڌي ۽ گجراتي لوڪ ڌُنون اسان وڄائيندا هُئاسين، باقي شهر ۾، وڏن فنڪشن ۽ امير ماڻهن جي پروگرامن جا جام پئسا وٺندا هُئاسين، پر اهي پئسا اسان ڪو نه کڻندا هئاسين، انهن مان وري نوان جديد ساز و سامان خريد ڪندا هُئاسين، جيئن ته هي ادارو جماعت جو هو. ان ڪري اسان صرف خدمت جي جذبي طور ڪم ڪندا هُئاسين. هونءِ به اسان جيڪي ست اٺ ميمبر هئاسين سي سڀ سُکين گهرن جا خوشحال نوجوان هُئا. اُن دور ۾، جناب ذوالفقار علي ڀُٽو جيڪو شايد وزير خارجه هو. ان لاڙڪاڻي ۾، غير ملڪي مهمانن جي دعوت ڪئي هُئي، ان ۾ اسان کي دعوت ڏئي گُهرايو هو. جيڪو سمبارا ان هوٽل ۾ ٿيو هو، اسان جو پروگرام ڀُٽو صاحب کي ڏاڍو پسند آيو هو. اسان کي شاباس سان گڏ انعام به ڏنا هئائين..... جڏهين اسان جا پراڻا ميمبر ڪجهه رٽائر ٿيا، ڪي ڪراچي ته ڪي آمريڪا هليا ويا. تڏهين مان چيئرمين ٿيس. مان آرڪيسٽرا جو چيئرمين ٿيس، ته نوان جديد اليڪٽرانڪ ساز خريد ڪيا ۽ نوان خوبصورت نوجوان ميمبر ڪيا. ان ئي دور م سليم خواجه، ساز ۽ آواز جي شوق ۾ اسان وٽ آيو. هن جو آواز سُريلو هو، ان ڪري سنگر، ڳائڻ واري حيثيت ۾ هن کي ميمبر ڪيو ۽ اسان ٻئي پڪا دوست ٿي وياسين. اسان جي اها دوستي پوءِ ويهه پنجويهه سالن تائين ڀائرن وانگر هلي، ۽ سليم جي نوجواني ۾ اچانڪ درد ناڪ وفات تائين قائم رهي.
سليم جيڪو انتهائي خوبصورت جوان هو، ڊگهو قد، ڳورو رنگ، اکيون شيريون، سُنهري گُهنڊي دار وار هُئا. مزاج به نهايت مٺو پيارو، کل ڀوڳ ڪرڻ وارو، زنده دل نوجوان هو. اسان گڏجي آرڪيسٽرا کي عروج تي پهچايو. سليم، مُڪيش ۽ طلحت جا گانا ڏاڍا سٺا ڳائيندو هو. اسان وڏا وڏا ٽوئر ۽ پروگرام ڪيا. اسان جي گروپ جو ڊريس به فل سوٽ هوندو هو. سڀ نوجوان خوبصورت ۽ باوقار لڳندا هُئاسين. حيدرآباد جي هائي ڪلاس سوسائٽي ۾ اسان جي ڌوم هُئي. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اسان کي پسند ڪندا هُئا. اسان ساڻ دوستي رکڻ ۽ ميوزڪ سکڻ يا ڳائڻ لاءِ منٿون ڪندا هُئا. ڪيترن اعليٰ خاندانن جون ڇوڪريون اسان کي لفٽ ڪرائينديون هُيون. پر جيئن ته اسان جو گروپ آغا خان جي نالي سان وابسطه هو، ان جو نالو پرنس ڪريم آرڪيسٽرا هو، ان ڪري اسان کي به عزت احترام ۽ وقار برقرار رکڻو پوندو هو. لحاذا اسان ڪا به هلڪڙائي ڪو نه ڪندا هُئاسين. سڀني سان عزت احترام سان پيش ايندا هُئاسين... آرڪيسٽرا واري دور ۾ اسان هڪ وڏو يادگار ڪم اهو ڪيو جو، سنڌ جي لوڪ گيتن کي، جديد اليڪٽرونڪ سازن تي، جهنڪار واري ميوزڪ ۾ ڪمپوز ڪيو. هو جمالو، ڪوهياري، پيرن پونڌي ساڻ چوندي ساڻ، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾، مور ٿو ٽلي راڻا مور ٿو ٽلي، ڇلڙو ري ڪري پيو پاڻي ۾،
ان نئين ٽرينڊ جي ابتدا اسان ڪئي. جيڪا تمام گهڻي پسند ڪئي وئي. اهي ڌُنون ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسان رڪارڊ ڪرايون، جيڪي ڪافي عرصي تائين ريڊيو تي اينديون رهيون، اڃا به ڪڏهين ڪڏهين ڪا ڌُن ڏيندا آهن.
حيدرآباد آرڪيسٽرا جو بنياد وجهندڙ هُئا، وزير علي خواجه، جيڪو بئنڪ مئنيجر هو، گُلزار علي خواجه، انور علي خواجه، شمشاد علي ۽ هڪ ڪاٺياواڙي وزير علي اوڳڙجي جيڪو موسيقي جو ماهر هو، انهن جڏهين آرڪيسٽرا جو بنياد وڌو تڏهين اڃا بجلي وارا ساز ڪو نه آيا هُئا. اُهي سڀ پراڻا رواعيتي ساز هُئا، ستار، وائلن، دل رُبا، ميڊولن بينجو، هارمونيم، ڊولڪ تبلو وغيره هئا. تارن وارا ساز تمام مِٺا ۽ سُريلا ٿيندا آهن، اهي سِکڻ ۽ وڄائڻ ۾ به ڏکيا هوندا آهن. مون به وائلن کان ابتدا ڪئي هُئي. هڪ ڏينهن مون دل رُبا ساز ڪڍي وڄائڻ جي ڪوشش ڪئي. دل رُبا ستار وانگر ڊگهو ۽ ڪئي تارن وارو ساز آهي. مون جڏهين اُنکي وڄائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، تڏهين مُنهنجي دوست سليم مذاق ڪندي چيو، يار پري کان ائين پيو لڳي، جهڙوڪر پاڏي جي ٽنگ ڪلهي تي رکيو ويٺو آهين. بهرحال اسانجن سينيئر ساٿين جڏهين آرڪيسٽرا اسان جي حوالي ڪئي. تڏهين مون کي چيئرمين مقرر ڪيو ۽ ٻيا ساٿي هئا. وڏو مهدي محمد، ننڍو مهدي سليم، قربان ڪريم ۽ سلطان عرف نني، نني ڏهن ٻارهن سالن جو بيحد خوبصورت ڇوڪرو هو، جيڪو آرڪيسٽرا جي ڌن تي بهترين ٽوئيسٽ ڊانس ڪندو هو، جنهن کي 70-1969ع ۾ جناب ذوالفقار علي ڀُٽو جڏهين حيدرآباد ۾ پرنس علي روڊ تي اليڪشن آفيس جو افتتاح ڪرڻ آيل هو، اُتي نني جو ٽوئيسٽ ڊانس ڏسي ڏاڍو خوش ۽ متاثر ٿي، پنهنجي گلي مان ٽاءِ لاهي نني کي انعام طور ڏني هئي.