”عظيم شاعر، اديب ۽ دانشور شيخ اياز سان ٽين ملاقات“
3، مارچ، 1992ع“ محترم محمد ابراهيم جويو، ادا نور احمد، رئوف اويسي ۽ مان، مُنهنجي ڪار ۾ ڪراچي وياسين، شيخ اياز سان ملاقات کانسواءِ جويو صاحب جو پنهنجو ٿورو ڪم هو، ۽ مونکي به ڪئمرا ٺهرائڻ لاءِ ڏيئڻي هُئي، ٻارهين بجي ڪراچي پُهتاسين، پنهنجو ڪم ڪار لاهي، ٽين بجي پرنس ڪامپليڪس پُهتاسين. اياز سائين چاهت ۽ حُب سان مليا، اياز سائين پنهنجي ڪتاب جا پروف ٿي ڏنا. جويو صاحب سان پنهنجن اچڻ وارن ڪتابن جي چپائي متعلق ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ طارق اشرف تي سائين ڏاڍو ناراض هُئا، ڇاڪاڻ ته طارق پنهنجي هلڪڙي ۽ وائڙي طبعيت جي ڪري اياز سائين کي ڏاڍو پريشان ڪيو هو، خاص طور تي سُهڻي رسالي جي سر ورق تي اياز جو نالو ڏيڻ ۽ اندر ڪو به شعر يا مواد نه ڏيڻ ۽ سازشي انٽرويو ڪرائڻ، يا اياز مُتعلق ڪي غلط ۽ سطحي ڳالهيون ڇاپڻ ۽ پوءِ ترديدون ڪرڻ وغيره تي اياز سائين ڏاڍا ناراض هُئا، اياز سائين کي ناراض ۽ غُصي ۾ مون پهريون ڀيرو ڏٺو هو. اسان ڪلاڪ ڏيڍ اياز سائين وٽ ويٺاسين، اسان جي ماني جويو صاحب پنهنجي فرزند سليم جي گهر ٺهرائي هُئي، اياز کي وري شام جو اچڻ لاءِ چئي گهر آياسين. سليم جويو صاحب ٽيليگراف ۾ انجنيئر هو.
بهترين سرڪاري بنگلي ۾ رهائش هُئي، ٻه خوبصورت ٻار، نياڻي ۽ پُٽ هئا، جيڪي پنهنجي ڏاڏا جويو صاحب سان پياريون ڳالهيون ڪندا رهيا، تمام ڀلي ماني کارائي، انڊيا پاڪستان ڪرڪيٽ ميچ ورلڊ ڪپ جي سلسلي ۾ هلي رهي هئي، ڪجهه دير مئچ ڏسي صدر ۾ آياسين، جتان ٽنهي ڄڻن کي ڪجهه ڪئسٽون وٺڻيون هيون، ڇهين بجي وري اياز سائين وٽ آياسين ته اُتي حيدرآباد جو نوجوان هندو ڊاڪٽر ڀرت ڪُمار به ويٺل هو، اياز سائين وٽ تمام سُٺي ڪچهري ٿي، خاص طور تي انڊيا جي ”هڪ گُرو ڀڳوان رجنيش“ جي لکيل ڪتابن تي، هُن جي آمريڪا ۽ يورپ مان نيڪالي تي، هن جي نظريي ۽ فڪر تي، هن جي پوئلڳن ۽ هُن جي وسيع جائيداد ۽ دولت تي، اياز سائين کي تمام گهڻي معلومات هُئي، اياز سائين وٽ رجنيش گرو جي ڪتابن جا پورا سيٽ ڪئٽلاگ هُئا، ڪچهري دوران اياز سائين جا خيال روحانيت ڏانهن مائل نظر آيا، ميٽا فزڪس واري فلسفي جي قريب، جنهن ۾ الهامي قوتن ۽ روحاني طاقتن جا ذڪر هُئا. ظاهر آهي جويو صاحب ڪميونسٽ خيالن جو ماده پرست، سائنسي فڪر جو مالڪ، سو اُن ميٽا فزڪس جي سخت مخالفت ڪئي، انهن اڻ ڏٺل ۽ اڻ ثابت ٿيل الهامي قوتن تي بلڪل يقين نه پيو رکي ۽ هر هر اهو چوي ته ڀلا ڀڳوان رجنيش جو فلسفو آخر آهي ڇا ۽ اُن سان مظلوم ماڻهن جي بهتري ۽ ڀلائي جو ڪهڙو پهلو وابسته آهي. جويو صاحب سيڪيولر ذهن جو روشن خيال ماڻهو، سو خدا، روحن ۽ حيات بعدالممات تي بلڪل يقين نه پيو رکي. اياز سان ڇتو بحث ڪيائين.
اسان جي ڪچهري دوران ، سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جا عهديدار، خدا بخش ابڙو، سندس گهر واري عطيه دائود، مجتبيٰ صحافي ۽ ٻه ٻيا نوجوان آيا، اياز سائين جي سالگرهه ڪراچي ۾ ملهائڻ لاءِ دعوت ڏيڻ ۽ تاريخ وٺڻ لاءِ آيا هئا، پوءِ سڀ اچي اياز جي لائبريري ۾ ويٺاسين، جتي چئني طرفن ديوارن ۾ خوبصورت بُڪ شيلف، جن ۾ سليقي سان ڪتاب سجايل هُئا، هيٺ سائيڊ ٽيبلن ۽ ڪارنر ۾ اياز کي مليل ميڊل، ايوارڊ، لينن جو مجسمو ۽ موهن جي دڙي واري ڊانسنگ گرل جو اسٽيچو ۽ ٻيا فن جا شاهڪار پيل هُئا، فرش تي اڇو قالين، اڇي رنگ جا ڪاٺ جا نقش اُڪريل صوفه ۽ ٽيبل، ڇت تي بهترين بلوري ڪانچ جي بتين جو جهومر هو، اياز سائين ٻُڌايو ته سکر ۾ مُنهنجو سڄو ڀريل تُريل گهر، جنهن ۾ ٻي سڄي سامان سان گڏ، ڪيتريون ئي تصويرون ، فن پارا ۽ ٻيو قيمتي سامان هو سو سڀ پاڙي وارا مُهاجر چوري ڪري کڻي ويا ۽ زبردست فائرنگ ڪيائون، جنهن سان پاڙي جو هڪ سنڌي نيڪ نمازي، جنهن جي نرڙ تي تعجد جو وڏو نشان به هو، اُنکي به گولي هڻي ماري وڌائون، مان هُجان ها ته مونکي به مارين ها، پر مان ڪراچي اچي چڪو هُئس، اياز سائين کان موڪلائڻ تي دل نه پئي چوي، هنن عظيم شخصيتن جون ڳالهيون سالن جي مطالعي جي برابر هُيون، پر اياز سائين مونکي ڏاڍو ڪمزور نظر آيو، اُٿڻ، ويهڻ ۽ هلڻ ۾ به تمام آهسته آهسته حرڪت ٿي ڪيائون، پر مون محسوس ڪيو ته هو پنهنجي ڪمزور جسم سان پنهنجي تمام طاقت ور ۽ روشن دماغ کان ڀرپور ڪم وٺي رهيو آهي ۽ ڏينهن رات لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ مصروف آهي، پنجاهه کان مٿي ڪتاب ڇپيل آهن ۽ پاڻ ٻُڌايو ته ٻه ڪتاب پريس ۾ آهن، چار ٻيا تيار ٿي رهيا آهن، چيائون ته ڪيتريون ڊائريون ۽ نوٽ بُڪ جيڪي ويهارو کن ڪتاب ٿيندا، حياتيءِ ساٿ ڏنو ته سڀ چپرائي پڌرو ڪندم... ماشاءَ الله ڇا ته رڪارڊ ڪم آهي، اياز سائين ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهن، سندن بيڊروم به سڄو ڪتابن سان سٿيل هو، سمهڻ وارو پلنگ جي به اڌ حصي تي ڪتاب رسالا ڊائريون، لکڻ وارا پيڊ ۽ ڪاغذن جا ڍير پيل هُئا، باقي ڪو سُمهڻ لاءِ ٻه اڍائي فُٽ جاءِ بچيل هُئي. سچ ته سلام آهي اياز سائين کي.