ايم آر ڊي واري تحريڪ
14 آگسٽ 1983ع تي، جنرل ضياءُ الحق خلاف ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي، ايم آر ڊي اتحاد ۽ تحريڪ جو خيال، تجويز، سنڌ جي ڏاهي محترم رسول بخش پليجي صاحب جيل مان مُحترمه نصرت ڀٽو صاحبه تائين پهچائي هُئي، ياد رهي ته پليجو صاحب ڪيترن سالن کان جيل ۾ هو، جتان هي تجويز پنهجي نمائندي، جناب ڊاڪٽر فيروز احمد ذريعي مُحترمه نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو تائين پهچائي هُئي ۽ پڻ پاڪستان جي ٻين وڏن ليڊرن، ولي خان، بزنجو، نواب زاده نصر الله خان وغيره ڏانهن وفد موڪلي انهن کي به راضي ڪيو هو ۽ اهو اتحاد ٺهيو هو، جنهن 14 آگسٽ 83 کان تحريڪ هلائي ۽ هر شهر مان جلسا جلوس ڪڍي گرفتاريون ڏيڻ ۽ جيل ڀرڻ جو اعلان ڪيو هو. ان تحريڪ ۾ اسان جي پارٽي سنڌي عوامي تحريڪ اهم ترين ڪردار ادا ڪيو هو. حيدرآباد مان اسان سڀ ساٿي سرگرم هُئاسين ۽ روزانه شهر جي ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان جلوس ڪڍي گرفتاريون ڏياريندا هُئاسين. سڀ کان اول پهرين ڏينهن سنڌياڻي تحريڪ جي رهنمائن گرفتاري ڏني هُئي، جن ۾ محترم پليجي صاحب جي ڀيڻ ۽ فاضل راهو جي ڀيڻ ۽ نياڻي به گرفتاري ڏني هئي. M.R.D جي انهي عظيم الشان تحريڪ جي باري ۾، اُن وقت مون پنهنجا تاثرات ڊائري ۾ لکيا هُئا، 83 جي اُن ڊائري مان ڪُجهه تاثر ۽ واقعه هتي پيش ڪريان ٿو.
20 آگسٽ 1983: ايم آر ڊي جي سول نافرماني واري تحريڪ کي شروع ٿئي هفتو کن ٿيو آهي، اُها اميد کان به گهڻو وڌيڪ تيزي سان پکڙجندي وڃي، خاص طور تي سنڌ ۾ سنڌي عوام ان تحريڪ کي انتهائي جوش ۽ جذبي سان کنيو آهي، هونءِ ته سڄي پاڪستان مان ليڊر ۽ ڪارڪن گرفتاريون ڏين پيا، لاهور، پنڊي، پشاور ۽ ڪوئيٽه مان به گرفتاريون ٿين پيون، پر هن وقت ان تحريڪ ۾ سنڌ ڪمال ڪيو آهي. سنڌي قوم ۽ خاص طور ٻهراڙي جو عوام سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺن مان جلوس ڪڍي گرفتاريون ڏئي رهيا آهن، فوج ۽ پوليس جي تشدد جي ڪري ماڻهو به مڇرجي سرڪاري ملڪيتن کي باهيون ڏئي رهيا آهن، ريلوي اسٽيشن، بئنڪون ۽ سرڪاري ادارن کي ساڙيو ويو آهي، خاص طور خطرناڪ عمل ريلوي جون پٽڙيون اُکوڙڻ وارا واقعا وڌي رهيا آهن. سنڌ جي ٻهراڙين جا اصلي سنڌي هيل پاڻ ملهائي رهيا آهن. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته ٻهراڙين جا عوام جن ڪڏهين به ايجيٽيشن جي سياست نه ڪئي هُئي، جلسا جلوس ۽ هنگاما هن قوم جي فطرت مان ئي نڪري چُڪا هُئا، اُها قوم، اُهي ڳوٺن جا عوام هيل پنهنجي پوري جوش ۽ جذبن سان ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان زبردست جلسا جلوس ڪڍي احتجاج ڪري رهيا آهن، انهي حد تائين جو مورو، ميهڙ، دادو، نوابشاهه، وارهه ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۽ جوهي وغيره ۾ به زبردست مظاهرا ٿيا آهن، فوج ۽ پوليس سان ٽڪراءُ ٿيا آهن، نتيجي ۾ ويهه پنجويهه ماڻهو فائرنگ ۾ شهيد ٿيا آهن، ٽرينن جون پٽڙيون اُکوڙيون پيون وڃن، ڪورٽن بئنڪن ۽ ريلوي اسٽيشنن ۽ سرڪاري ادارن کي باهيون ڏنيون پيون وڃن... سنڌ جي هن دليرانه عمل پوري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، اهي ماڻهو جيڪي سنڌين کي ناڪارا ڄٽ NoN MARTIAL RACE يا غير فوجي نسل ۽ بزدل چوندا هُئا، انهن جا وات ڦاٽي ويا آهن، سنڌي عوام جو فوجي آمريت خلاف، اڪيلي سر جنگ ڪرڻ تي، سنڌي ماڻهن پنجاب، پختون ۽ بلوچستان وارن کي چوڙيون موڪليون ته اهي پائي ويهن، انهن چوڙين جي تحفن کان پوءِ، سرحد، بلوچستان ۽ ڪجهه پنجاب ۾ به هل چل هلي آهي، جلوس ۽ گرفتاريون به ٿيون آهن، پر سنڌ هيل پاڻ ملهايو بيٺي آهي، حالانڪه فوج احتجاج ڪندڙن تي سڌيون گوليون پئي وسائي، ماڻهو مرن پيا، زخمي ٿين پيا، هزارين گرفتار آهن، پنجاهه پنجاهه ڪوڙهن جون سزائون، قيد، ڏنڊ جون سزائون، جيلن ۾ تشدد ۽ اذيتون، ماڻهن جون ڏاڙهيون، مڇون پٽي، جسمن تي ڏنب به ڏنا ويا آهن، هر طرح جو ظلم و جبر جاري آهي، ٻي طرف عوام ۾ جدوجهد جو جوش ۽ جذبو اڃا وڌي پيو، جيئن ٿو ظلم وڌي، عوام جو غيض و غضب به تيئن ٿو تيز ٿئي، ماڻهو ملٽري جي بندوقن سامهون ڇاتيون کولي گوليون پيا کائن، غالب جي هن شعر واري ڪيفيت آهي، ”بڙهتا هي ذوق جرم يهان، هر سزا ڪي بعد“
”25 آگسٽ 83“ M.R.D جي تحريڪ ۾، سنڌي عوامي تحريڪ ۽ اُن جون ذيلي تنظيمون، سنڌي هاري ڪاميٽي، سنڌي شاگرد تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ انتهائي اهم ترين رول ادا ڪري رهيا آهن. سڄي سنڌ ۾، پليجي صاحب جي نظرياتي فڪر سان آراستا، باشعور ڪارڪن ئي آهن،جيڪي هن تحريڪ کي سنڌ جي هر ڳوٺ، شهر ۽ واهڻن ۾ کڻيو بيٺا آهن. پي پي جا ڪيترا وڏيرا گهرن ۾ لڪيو ويٺا آهن، جن کي فاضل راهو زوري وڃيو گهرن مان پيو ڪڍي. پ پ جي ڪجهه ليڊرن، چند وڏيرن به گرفتاريون ڏنيون آهن، پر جهڙي طرح ڳوٺن ۽ شهرن مان منظم طريقي سان روزانو چاليهه پنجاهه ماڻهو سنڌي عوامي تحريڪ جا هوندا آهن ته انهن سان گڏ پنج ست ڪارڪن پي پي جا هوندا آهن. شهيد ٿيندڙ ۽ زخمين ۾، گرفتارين ۽ ڪوڙهن جي سزائن ۾ به عوامي تحريڪ جا ڪارڪن وڌيڪ هوندا آهن. ڪيترن جاين تي ته صرف عوامي تحريڪ وارا ئي جلوس ڪڍي ۽ گرفتاريون ڏئي رهيا آهن. ٺٽي ۾ هفتي کن کان صرف عوامي تحريڪ ۽ هاري ڪاميٽي وارا پيا جلسا ڪن ۽ گرفتاريون ڏين، پي پي جا وڏيرا جن ۾ محمد خان سومرو ۽ ٻيا انتظاميه کي لکي ڏئي آيا آهن ته اسان ڪو نه نڪرنداسين.
”13 سيپٽمبر 1983“ ٽيو ڏينهن دادو ۾ جنرل ضياءُ الحق جڏهن دوري تي پهتو ته دادو جي دلير ماڻهن، هڪ لک جي تعداد ۾ گڏ ٿي، جنرل جي آمد تي زبردست احتجاج ڪيو، صدر جي ڪار تي پٿرن ۽ گندگي جي بارش ڪيائون، فوجي پهرن ۽ ناڪابندين جي باوجود وڏي هجوم، سرڪٽ هائوس جو گهيراءُ ڪيو، ٻاهر لکين مڇريل ماڻهو هئا، تڏهين انتظاميه ۽ پهريدارن، صدر ۽ ٻين کي چيو ته سر صورتحال خراب ٿيندي وڃي، ممڪن آهي قابو کان ٻاهر ٿي وڃي، ان ڪري صدر ۽ سندس ساٿي پٺيان گيٽ مان نڪري وڃن، صدر ۽ ٻيا هڪدم اُٿي ڀڳا هجوم سرڪٽ هائوس ٻاهران بيٺل چئن پنجن ڪارن ۽ گاڏين کي باهه لڳائي ڇڏي، هوڏانهن هجوم جو ڪُجهه حصو ان رستي تي روڊ تي ليٽي پيو ۽ صدر جي گاڏين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو ايڏو ته خوفزده هُئا جو محافظ گاڏيون، هوائي فائرنگ ڪنديون، تمام گهڻي اسپيڊ ۾ ماڻهن مٿان چاڙهي هلندا ويا، پر تڏهين به هجوم پٿر ۽ سروٽا ۽ گند ڪچري سان صدر جي ڪار تي وسڪارو لائي ڏنو، هن جي ڪار جا شيشا ٽُٽي پيا ۽ هو تيزي سان نڪري ويا، مطلب ته جنرل ضياءَ الحق جي ڏاڍي بيعزتي ٿي هئي.. هوڏانهن ڪالهه خيرپور ناٿن شاهه ۾ پوليس ۽ مظاهرين ۾ ٽڪراءُ ٿيو، پوليس فائرنگ ۾ سڌيون گوليون هلايون، ست سنڌي شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي... ٻئي طرف وري جڏهين صدر ضياءَ بدين پهتو ته اُتي به زبردست مظاهرا ٿيا، حالانڪه بيپناهه حفاظتي انتظامن ۾، هڪ بند جاءِ ۾، ڪُجهه ماڻهن کي خطاب ڪري، اُتان ئي جلد هيليڪاپٽر ۾ چڙهي موٽي ويو، جنرل جي آمد تي سڄي ضلعي ۾ مظاهرا ٿيا، تلهار شهر ۾ هڪ وڏي هجوم ريلوي اسٽيشن، پيٽرول پمپ، بئنڪن، ميونسپلٽي ۽ ٻين عمارتن کي باهيون ڏئي ساڙهي ڇڏيو. 7 آڪٽوبر 1983“... لاهور ۾ پندرهن هزار ماڻهن جلوس ڪڍيو، جنهن ۾ ٽي چار هزار وڪيل هئا، جن جا نمائندا سڄي ملڪ مان آيا هُئا، انهن سان گڏ اديب، شاعر، عالم، شاگرد، مزدور ۽ عام ماڻهو به شامل هُئا، ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ پنجاب مان هي پهريون وڏو جلوس ۽ احتجاج هو. اڄ بلوچستان، ڪوئيٽا ۾ به پهريون ڀيرو وڏو جلوس ۽ جلسو ڪيو ويو.
10 آڪٽوبر 83“ ... سنڌي عوام جي دليرانه جدوجهد جاري آهي، هفتي کن کان روز، ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ فوج سان ٽڪراءُ ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ روزانه ٻارهن پنڌهن ماڻهن کي ماريو پيو وڃي، ماڻهن ۾ تيئن جوش وڌي پيو، اڪثر ماڻهو جن جي مائٽن عزيزن جان جون قربانيون ڏنيون آهن يا جيڪي زخمي ٿيا، جيلن ۾ ويا ۽ ڦٽڪا کاڌا آهن، اُنهن جي رشتيدارن، مائٽن ۽ دوستن جو چوڻ آهي ته هاڻ اسان کي آزادي گُهرجي، هاڻي ڇا جي اليڪشن، ڪهڙي جمهوريت، هاڻ اسان کي نه کپي پاڪستان، هاڻ بس آزادي ۽ صرف آزادي جي جنگ آهي.
رچي جي ريٽو ٿيا، ڪِن اُٻا ٽجن اوءِ،
کُنڀ نه کاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
توڻي ڌوٻي ڌوءِ، تب لالائي نه لهي.
”شاهه“
1984ع، جو سال هو، اها دردناڪ خبر آئي، اسان جو پيارو، نوجوان خوبصورت دوست، ذوالفقار علي خواجه تلهار ۾ گُذاري ويو، نوجوان جي هن موت تي ڏاڍو ڏُک ٿيو هو، اصل ۾ هي شهيد وطن هو، پر هن گندي سماج اُن کي ضائع ڪري ڇڏيو ۽ هڪ ڀرپور باصلاحيت زندگي برباد ٿي وئي. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ جڏهين سنڌ جي بهادر نياڻي اختر بلوچ جيئي سنڌ جو نعرو هڻي بُک هڙتال ڪري گرفتاري ڏني ته سنڌ جي نوجوانن جي غيرت به جاڳي پئي، سڄي سنڌ مان گرفتارين جو سلسلو شروع ٿي ويو هو. تڏهين تلهار شهر جي نوجوانن به گرفتاريون ڏنيون هُيون، جن مان ٽي اسان جا دوست به شامل هُئا، حميد جعفري، ذوالفقار علي خواجه ۽ عاشق علي عرف پريتم پنجواڻي ۽ ان ۾ ٻيا به قومي ڪارڪن رمضان علي حيدري، امام بخش جتوئي ۽ ڪجهه ٻيا شامل هُئا، تحريڪ جڏهن زور ورتو ۽ جيل ڀرجڻ لڳا، تڏهين يحييٰ خان ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ۽ سڀ گرفتار به آزاد ٿيا.... پر انهي قوم پرست جدوجهد، جيئي سنڌ جي نعري ۽ شيخ اياز جي انقلابي گيتن، ”سنڌڙي کي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير معيار او يار“ اهڙن اعلانن نوجوانن جي دلين ۾ ديس سان محبت جا ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏيا هُئا، قوم پرستي جي نڪور جذبن جو اهڙو طوفان اُٿيو هو، جو هزارين سنڌي نوجوان، پنهنجيون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار هُئا، ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جون شهادتون، 4 مارچ جا واقعا انهن قومي جذبن جا مثال هُئا.... پر افسوس جو قيادت انهن جذبن، وطن سان عشق جي انهن احساسن ۽ صلاحيتن کي سهيڙي، مُنظم ڪري درست تعميري رُخ ۾ استعمال نه ڪري سگهي، نتيجي ۾ اهي تمام جوش جذبا، بيپناهه صلاحيتون ضايع ٿي ويون، ڪيترا نوجوان ڀٽڪي ويا، ڪيتريون زندگيون رائيگان ويون... انهن برباد ٿيندڙ زندگين مان هڪ اسان جي پياري دوست ذوالفقار علي جي به هُئي، ذوالفقار علي خواجه، تلهار جي سُکئي ستابي خاندان جو فرد هو. تعليم دوران قومي تحريڪ سان وابسته رهيو، ون يونٽ خلاف جدوجهد ۾ رضاڪارانه گرفتاري ڏني ۽ جيل ڪاٽي هُئي، آزاد ٿيڻ کان پوءِ خاموش گهر ويٺو نه ٿيو، وري سڌو سن پهتو، سائين جي ايم سيد جي حضور ۾ حاضر ٿيو، آزاد سنڌ جي گوريلا فوج ۾ شامل ٿيڻ، وطن تان جان قَربان ڪرڻ لاءِ پاڻکي رهبر جي حوالي ڪيو. هفتو ڏيڍ سن ۾ رهيو، وري سائين کي عرض ڪيو ته هن کي گوريلا جنگ جي تربيت لاءِ موڪليو وڃي، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سيد سائين جي ايم ڪي اهم خط ذوالفقار ۽ سليمان سولنگي کي ڏنا ته اُهي نوابشاهه ۾ فلاڻي صاحب کي پهچائي اچن. همرائن ٿيلهو کنيو ۽ روانه ٿيا، جڏهين مورو پهتا، چانهه پيئڻ لاءِ هوٽل تي ويٺا ته اُتي موجود ڪُجهه نوجوانن هنن کان حال احوال ورتو، خبرون چارون ڪيون، هنن ٻڌايو ته اسين شاگرد آهيون، سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندا ۽ هاسٽل ۾ رهندا آهيون، هنن پنهنجا اصل نالا ۽ ذات جي بدران نقلي نالا ۽ ذات لاکا ٻڌائي، بدقسمتي سان هنن اُها ذات ٻڌائي، جنهن ذات جي هڪ شاگرد ڄام شوري جي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ نوجوان سيد شاگرد کي مبينه طور پسٽل جي گولين سان قتل ڪيو هو، مورو جي انهن ماڻهن مان هڪ همراهه هنن جو تعارف ٻڌو ته اُن جا ڪن کڙا ٿي ويا، هُو فورن اُٿيو ۽ خاموشي سان تڪڙو هليو ويو، ۽ سڌو مورو جي سيد خاندان جي چڱي مڙس وٽ پهتو، ان کي چيو، سائين توهان جي جنهن نوجوان فرزند سيد فلاڻي شاهه کي انٽرنيشنل هاسٽل ۾ بيگناهه قتل ڪيو ويو هو، ان جا قاتل جنهن کي توهان مهينن کان پيا تلاش ڪريو، اڄ اُهي پاڻ هلي مورو آيا آهن ۽ فلاڻي هوٽل تي ويٺا چانهه پين، سيد صاحب اها ڳالهه ٻُڌي ته هن جي اکين مان رت ٽمڻ لڳو، هڪدم هڪل ڪري چار پنج جانٺا جوان وٺي، هوٽل تي پهتا، جتي هي پئسا ڏئي هاڻ وڃڻ وارا هئا، مُخبر سيد کي ٻُڌايو ته اُهي اٿو قاتل پوءِ ته همراهه اچي مٿان ڪڙڪيا، نڪا هم نڪا تم، ايندي شرط، شروع ٿي ويا، هنن ٻنهي کي مارڻ، لتون مُڪون ۽ ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو، ٻئي ساڻا ٿي ڪري پيا ته ٻنهي کي کنڀي کڻي گاڏي ۾ وڌو، آيا پنهنجي اوطاق تي، اُتي به هنن کي چڱي مار ڏني. ذوالفقار وارن هُنن کي هاڻ اصل حقيقت ٻُڌائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر سيدن چيو هاڻي ڪوڙ ڳالهاءِ بچڻ ٿا چاهيو، توهان ئي مُنهنجي پُٽ جا قاتل آهيو، توهان کي جيئري دفن ڪري بدلو وٺنداسين، سيد کي وڌيڪ ڪاوڙ ذوالفقار تي هُئي، جو اصل قاتل جو شڪ ان تي وڌيڪ هو، ذوالفقار کي ڏنڊن ۽ ڪُهاڙي جي پاهن سان مٿي ۾ زور دار ڌڪ لڳا هُئا، سڄو رتورت ٿي پيو هو، بيهوش ٿي ويو، ته هنن ٻنهي کي گاڏي ۾ وجهي کڻي آيا جنگ ۾، کڏ کوٽي، اُن ۾ پورڻ وارا هئا ته سليمان هوش ۾ آيو، جنهن هنن کي ٻُڌايو ته مان نوابشاهه جو سولنگي آهيان، منهنجا مائٽ ۽ چڱي مڙس جا نالا فلاڻا آهن، توهان تصديق ڪريو، اسان اُهي قاتل ڪو نه آهيون، تڏهين سيدن جي هڪ همراهه جيڪو سليمان جي مائٽن جو واقف هو، تنهن هن کي سڃاتو ۽ پوءِ سليمان کان حقيقت معلوم ڪئي، جڏهن پيرائتي خبر چار ورتي تڏهين همرائن کي احساس ٿيو ته هنن کان ڪيڏي وڏي غلطي ٿي رهي هُئي، جو همرائن کي جيئري دفن ڪري رهيا هُئا، پوءِ ته سيدن پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ پنهنجي واقف صوبيدار کي فون ڪري سڏايو ۽ هنن ٻنهي کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ چالان ڪرائي جيل حوالي ڪرايو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ذوالفقار ڪجهه ٺيڪ ٿيو ته هن پنهنجن مائٽن ۽ دوست کي خط لکي اُماڻيو، جيڪي مورو پهتا، ڪجهه سفارش ۽ ڪجهه ڏوڪڙ ڏئي همرائن جي جان ڇڏائي ڳوٺ آيا، ذوالفقار جو علاج وغيره ٿيو، ظاهري ڦٽ ته ڇُٽي ويا پر هن کي جيڪي مٿي ۾ ڏنڊا لڳا هئا، اُنهن هن جي دماغي توازن تي اثر ڪيو، ڪيڏي مهل عجيب ڳالهيون ڪندو هو، چوندو هو سنڌ آزاد ٿي وئي آهي، سڀ جشن پيا ملهائن هلو پاڻ به هلون، همراهه نشو به ڪرڻ لڳو، چرس ۽ ڀنگ وڌيڪ خراب اثر ڪيا، اڪيلو پيو جنگ ۾ ڦرندو هو. اڪثر شهر جي ڀر ۾ گونيءِ ڪناري لطف علي شاهه جي درگاهه تي قبرستان ۾ ڪنهن ڪُنڊ ۾ يا ڪنهن وڻ تي چڙهي ويٺو هوندو هو، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اڪيلو اُتي ويٺو هوندو هو. ڪجهه مهينا گُذريا ته هڪ ڏينهن وري هن کي رُچڪي آئي، اڪيلو گهران نڪتو، حيدرآباد، اُتان ٺٽي جي بس ۾ چڙهي اچي ڪينجهر تي پهتو، ٻيڙيءَ واري کي چيائين مونکي ڪينجهر ۾ نوري جي مزار تي وٺي هل، شام جا پنج ٿيا هُئا، ٻيڙيءِ واري ڪلاڪ کن ۾ هن کي ڍنڍ جي وچ ۾ نوري جي قبر تي پهچايو، تڏهين هن ملاح کي چيو هاڻ تون ڀلي وڃ ۽ صُبح جو مون کي وٺڻ لاءِ اچج، ملاح حيران به ٿيو پر پنهنجو ڀاڙو وٺي هليو ويو. هن وڏي شاهي ڍنڍ جي وچ ۾ ٽيهه چاليهه فٽن جي پليٽ فارم تي وچ ۾ نوري جي قبر هئي، پليٽ فارم کي چئني پاسن ٻه اڍائي فوٽ جي ديوار هُئي، سج لٿو هي همراهه اڪيلو هڪ ڪُنڊ ۾ ٿي ويٺو، هن وٽ نه ماني نه پاڻي صرف سگريٽ جو پاڪيٽ ۽ چرس هو، جنهن جون سگريٽون ڀري پيئڻ لڳو. ذوالفقار خبر ناهي ڪهڙن جذبن ۽ سوچن سان هتي پهتو هو، پر پوءِ جيئن رات ٿي هوندي، اونداهي جي پراسرار ماحول ۾ هي اڪيلو جوان، تن تنها ڪيئن سڄي رات گُذاري هوندي، عجيب آوازن ۾ پاڻي جي ڇولين جا ڇپاڪا، جيتن ۽ ڏيڏرن جا آواز، پراسرار ماحول ۾ هو ڇا سوچيندو رهيو، خوفناڪ صورتحال ۾ هن ڪيئن صُبح جو انتظار ڪيو هوندو، ڪهڙين ڪيفيتن مان گذريو هوندو، اها خبر به هن کي هوندي، صُبح جو ٻيڙي وارو آيو ته همراهه سڄو لڙهيو پيو هو، چهرو پيلو ۽ ڪمزور، اوجاڳو ۽ ٿڪاوٽ ظاهر هُئي، ملاح هن کي ڪناري تي آندو، ذوالفقار ٻيڙيءَ ۾ مڇيون ڏٺيون ته هڪ مڇي ان کان خريد ڪئي، جيڪا هن کي ڪاغذ ۾ ويڙهي ڏني ۽ اها مڇي کڻي بس ۾ چڙهي سڌو پنهنجي چاچا نور احمد جي گهر حيدرآباد پهتو ۽ چيائين ته بس سنڌ آزاد ٿي وئي آهي، ماڻهو جشن پيا ملهائن، توهان اڃا هتي ويٺا آهيو، هن پنهنجي چاچي کي چيو هي مڇي جو هيڊو ڀت رڌيو ته کائون، سنڌ آزاد ٿي وئي آهي. نور احمد هن کي ناشتو ڪرائي آرام خاطر سُمهاري ڇڏيو ۽ فون ڪري هن جي وڏي ڀاءُ کي سڏائي، اُن جي حوالي ڪيو. اسان کي هن جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏُک ٿيو هو. ذوالفقار جي مٿي ۾ لڳل ڌڪن ۽ وري ڪينجهر نوري جي مزار تي خوف واري ماحول دماغي توازن مزيد بگهاڙي ڇڏيو، ڊاڪٽرن کان علاج به ڪرايو پر خاطر خواهه فائدو نه ٿيو، سال کن کان پوءِ اسان ٻڌو ته هن جي حالت وڌيڪ خراب ٿيندي وڃي. هاڻ وڙهي ٿو گهر وارن کي ڌڪ ٿو هڻي، ان ڪري ڪمري ۾ بند ڪري رکيو آهي، ڪمزور ٿيندو ويو، هن ۾ غصي ۽ ناراضگي جو عنصر وڌندو ويو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن اها خبر آئي ته ذوالفقار علي خواجه گُذاري ويو... ستاويهن سالن جو خوبرو جوان، مُحب وطن، تعليم يافته، پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي جذبن سان سرشار، ڌرتي تان جان نڇاور ڪرڻ جي تمنا کڻي نڪتو هو، پر افسوس هن گندي سماج جي زهر ناڪين جو شڪار ٿي ويو ۽ بقول اياز.
”بيموت مئا تو لاءِ ڪٺا انسان هزارين مان نه رڳو
هن ڌرتيءَ تي اي ديس هئا نادان هزارين مان نه رڳو“