”ميراڻي شادي جي هڪ جهلڪ“
1981-4-26، ميرپورخاص، ميرن جي شادي جا فوٽو ۽ وڊيو رڪارڊنگ لاءِ پهتس، ظاهر آهي ميرن جي شادي هُئي زبردست ٺاٺ ۽ ميراڻو انداز هو، وڏي پئماني تي دعوت جو انتظام هو، مير پير سردار، وزير ۽ سفير، وڏا بيورو ڪريٽ انهن لاءِ وي آءِ پي انتظام هو، عام ماڻهن لاءِ پريان جُدا انتظام هو، رات جو ماني هُئي، ميراڻو ڊنر بيشمار طعام هُئا، جن ۾ هرڻ، ٻڪر، تتر، مُرغي ۽ مڇي جا ڪيئي انداز ۾ تيار ٿيل کاڌا هُئا، چاليهن کان مٿي آئيٽم هُئا کاڌي جا، انتهائي سليقي سان ماني هلي، فل ڊريس ۾ بيرا خدمت ۾ مصروف، فنڪار الغوزي تي مدر دُهنون وڄائي رهيا هئا ماني کان پوءِ راڳ رنگ جي محفل شروع ٿي، جيڪا رات جو ٻين بجي تائين هلي، جنهن ۾ فنڪارن کي انعام ۾ سئو ۽ پنجاهه جي نوٽ کان گهٽ ڪو نه هليو هو، ڪڙڪ نوٽن جي دستين جي ڪڙڪن سان نوٽ نڇاور ٿيندا رهيا. پروگرام پٽاندڙ مونکي صرف اها وي آءِ پي مردن جي محفل رڪارڊ ڪرڻي هُئي. پر اُنهن جو هڪ نوجوان مير، جيڪو گهوٽ جو ڀاءُ هو، اُن مون کي چيو سائين توهان رات بنگلي تي رهو صبح جو حويلي ۾ عورتن جي وڊيو به ڪڍينداسين، مون چيو ٺيڪ آهي سائين پر ٻيا بزرگ مير ڪاوڙجن پيا ۽ ننڍي مير کي چيائون اهو ناممڪن آهي، حويلي ۾ ڪڏهن به فوٽو ڪو نه ڪڍيا آهن، سو وڊيو فلم ڪيئن نڪرندي پر نوجوان مير، مونکي چيو انهن کي ڇڏيو سائين بس توهان مون ساڻ هوندا، صُبح نڪاح ۽ سڀ رسمون اندر ٿينديون ۽ پاڻ اهي رڪارڊ ڪنداسين، جنهن کي اعتراض هوندو، اهو ڀلي پنهنجا ٻار پاسيرا ڪري ڇڏي، بهرحال، ننڍي مير مونکي رات بنگلي جي بهترين ڪمري ۾ رهايو. صُبح جو نڪاح مردن ۾ ٿيو، پوءِ همراهه مونکي وڏي حويلي ۾ وٺي هليو، گيٽ مان اندر داخل ٿياسين ته وڏو شاهي اڱڻ، جنهن مٿان ٽينٽ لڳل هو، هيٺ قالين، ٽن پاسن کان وڏيون هالا جون جنڊي واريون کٽون جن تي رليون ۽ وهاڻا، عورتون ويٺل، وچ ۾ ڳائڻيون ڳيچ ڳائي ۽ ناچ ڪري رهيون هيون، اڱڻ جي پريان، ڪاٺ جي ونجين وارن دروازن اندر وياسين ته وڏو شاهي ڊگهو ورانڊو هو ۽ لائين سان پنج ست ڪمرا هُئا، همراهه مون کي وچ واري ڪمري ۾ وٺي هليو، جيڪو ڪافي وڏو هو. اُن ۾ هڪ عاليشان هِنڌورو ۽ پاسن کان بهترين هالا واريون وڏيون کٽون جن تي ريشمي هند، بسترا وڇايل، کٽن ۽ هندوري ۾ تمام خوبصورت اڇيون ڳاڙهيون صحت مند ميراڻيون ويٺل هيون، زرق برق لباس، سون جا ڳرا زيور، هر طرف عطر ۽ عنيبر جي خوشبوءِ هُئي انهي ڪمري جي اندر به ڪمرو هو، مير مونکي اُن ۾ وٺي هليو، قالينن پڙدن ۽ ٻين سجاوٽن جي وچ ۾ هڪ عاليشان پُراڻي زماني جو پلنگ، ڪاٺ جي خوبصورت ڊزائين وارو، مٿان کان سُهڻي سينگاريل ڇٽي جنهن تان پلنگ جي چئني پاسن کان سنها ريشمي پردا لٽڪيل، پلنگ تي ڳاڙهي بخمل ۽ ڪمخواب جي بستري تي، جهرڪندڙ ڪپڙن ۾ وڏو گهونگٽ ڪڍي ويٺل ڪنوار هُئي، اُن سان گڏ ڪنوار جون ڀينرون، ماءُ ۽ ٻيون مائيٽياڻيون به هُيون... مان حويلي ۾ داخل ٿيندي ئي، وڊيو رڪارڊنگ چالو ڪئي هُئي، اڱڻ، ورانڊا ۽ ڪمرا، اُنهن ۾ ويٺل سڀني عورتن ٻارن ڇوڪرين جي فلم ٺاهيندو، ڪمري ۾ اچي ڪنوار جا پوز به ورتم، ته گهوٽ به آيو، پوءِ گهوٽ ڪنوار جا پوز رڪارڊ ڪيم، فوٽو ڪڍيم، پوءِ گهوٽ ڪنوار جون لائون ۽ ٻيون رسمون ٿيون. جن ۾ ميرياڻين خوب ادائن سان حصو ورتو، هر مائٽياڻي نچندي ڪڏندي اچي ٿي رسم ادا ڪئي، نوجوان ڇوڪرين، جن جديد فيشن جا ڪپڙا پاتا هُئا، اُهي گهڻو پيون چمڪن، خوبصورت ته سڀ هُيون، ميراڻو رت هو، پر انهن ۾ ٻه ڇوڪريون بي پناهه حسين باوقار روايتي ميراڻي لباس ۾، غراڙو ۽ گج گول پڙو ۽ گج ٽڪلين ڀريل، سڄين ٻانهن تي ڀرت وارا چُولا ۽ ان تي ڪشميري شال، قد آوار ۽ حسين ڇوڪريون جيڪي ٻين کان الڳ واقعي خانداني ميرياڻيون ٿي لڳيون، جيڪي هندوري ۾ ويٺل هيون، باقي ٻيون، جديد فيشن واريون ڇوڪريون، انهن کي فوٽو ڪڍائڻ ۽ وڊيو جو شوق هو سو اڳيان پيون اچن. لائون کان پوءِ سڀ آيا اڱڻ تي، جتي ڊانس شروع ٿيو، جنهن ۾ سڀني ميراڻين حصو ورتو، پر نوجوان ڇوڪرين بهترين ڊانس ڪيو، فلمي گاني تي جديد ڊانس ڏسي مونکي حيرت ٿي ته حويلين ۾ به جديديت پهچي وئي آهي. بهرحال مون اهي سڀ پروگرام رڪارڊ ڪيا، جيڪو مير صاحب مونکي اندر حويليءِ ۾ وٺي هليو هو، اُن به پنهنجي مڱيندي يا محبوبه سان گڏ فوٽو ڪڍايا ۽ پوءِ ڪم ختم ٿيو ته مونکي به ڪار ۾ واپس روانو ڪيائين. اها هُئي ميراڻي شادي.