حميد جعفري
حميد خوش شڪل خوش اخلاق ۽ خوش ڪردار انسان آهي، هميشه صاف سٿرو، بهترين لباس، مهانگا سگريٽ ۽ بهترين ولايتي وسڪي پسند ڪندو رهيو آهي، حميد صاحب به ابتدا کان علمي ادبي قسم جو باذوق ماڻهو رهيو آهي، تلهار شهر جي وچولي طبقي جي سَرنديءَ واري خاندان مان آهي، هن جي مائٽن جون زمينون تلهار شهر سان لڳ آهن، ڪاروبار به ڪندا رهيا آهن، حميد جو وڏو ڀاءُ وڪيل هو، ڀيڻيويو پروفيسر احمد علي جعفري سنڌ يونيورسٽي ۾ هو، حميد جي ڀاڻيجي مشهور ليکڪا خير النساءِ جعفري پڻ يونيورسٽي ۾ پروفيسر هُئي، حميد پاڻ ماسٽرز ۽ ايل ايل بي ڪئي ۽ ڪجهه عرصو وڪالت پڻ ڪيائين، هنن جو مائٽ قلب علي خواجه به تمام سٺو شاعر هو ۽ سندس ڀاءُ بيدم خواجه ٽائون ڪميٽي جو چيئرمين رهيو ۽ سائين جي ايم سيد جو دوست رهيو، مطلب ته حميد جو خاندان سلجهيل ۽ پڙهيل لکيل هو، حميد جعفري پڻ علم و ادب جي ان رنگ ۾ رنڱيل آهي. تلهار شهر ۾ 1960ع کان علمي ادبي ۽ قومي سرگرميون شروع ٿيون. جنهن ۾ اُن وقت جي نوجوانن، حميد جعفري، نور احمد خوجو، خواجه قلب علي، نبي بخش ڪلهوڙو، خواجه رمضان حيدري، عبدالعزيز خواجه، نياز محمد جتوئي ۽ ٻيا سرگرم رهيا، هي قوم پرستي جي اُڀار وارو دورو هو، محترم حيدر بخش جتوئي جي ڏنل نعري جيئي سنڌ نوجوانن جي دلين کي گرمايو هو. 4 مارچ کان پوءِ سنڌي شاگردن ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو هو، ون يونٽ خلاف تحريڪ زور وٺي رهي هُئي، شيخ اياز جو ڪلام نوجوان جذبن کي جاڳائي ڇڏيو هو، ته اُن وقت 1969ع ۾ قوم پرست پارٽين، جناب حيدر بخش جتوئي، محترم رسول بخش پليجو، فاضل راهو وغيره، خاص ڪري لالا قادر ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرائڻ ۽ ون يونٽ ٽوڙيو واري تحريڪ شروع ڪئي، جنهن سموري سنڌ ۾ باهه ڀڙڪائي ڇڏي. سنڌ جي بهادر نياڻي محترم اختر بلوچ به ميدان تي نڪري، جيئي سنڌ جو نعرو هڻي ون يونٽ ٽوڙيو، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇاپيو، نيلام بند ڪريو جي مُطالبن سان احتجاج ڪندي ڪمشنر آفيس حيدرآباد اڳيان بک هڙتال جو اعلان ڪري اچي ويهي رهي، پوليس گرفتار ڪري جيل موڪليو، بي بي سي تان خبر نشر ٿي ته سڄي مُلڪ ۾ ڄڻ دماڪو ٿيو، پريس ۽ ميڊيا ۾ هاهاڪار مچي وئي، هڪ سنڌي نياڻي جي احتجاج ۽ گرفتاري،نوجوانن جي غيرت کي جاڳائي ڇڏيو، سنڌ جي شهرن مان سنڌي نوجوان نڪري نعرا هڻندا گرفتاريون ڏيڻ لڳا، تڏهين تلهار شهر جي نوجوانن به گرفتاريون ڏنيون، جن ۾ اسان جو دوست حميد جعفري به شامل هو. حميد جعفري جيڪو اُن وقت بلڪل نوخيز جوان هو، اُن کي مس مس لوڪل ڪائونسل ۾ آفيسري جي نوڪري ملي هُئي، پر وطن جي سڏ تي لبيڪ چوندي سڀ ڪجهه ڇڏي نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي سڌو آيو حيدرآباد، اُتان ئي اچي گرفتاري ڏني، جتان اختر بلوچ گرفتاري ڏني هُئي، هن کي جيل موڪليو ويو، جتي 23 ڏينهن جيل ۾ رهيو، پوءِ جڏهين يحييٰ خان ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو، تڏهين هي سڀ گرفتار به آزاد ٿيا هئا. ڪٿي حميد جهڙو نازڪ ۽ نفيس انسان ۽ ڪٿي ڪوٽ ڪڙا ۽ جيل جون دال مانيون، بقول حميد جي دال اهڙي هوندي هئي جو جهرڪيون به هڪ ڀيرو چهنب وجهي ڀڄي وينديون هيون، پليجي صاحب سچ چيو آهي ته هونئن جو ماڻهو پاڻ کي اجايو، خامخواهه ۽ بنهه ڌرتي تي هڪ بوجهه محسوس ڪندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن قومي تقاظا هوندي آهي ته اهو ئي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي بنهه بهادر، دلير ۽ سرويچ ثابت ٿو ڪري، تلهار مان ٻين اسان جي دوستن به گرفتاري ڏني هُئي، عاشق علي خواجا عرف پريتم پنجواڻي ۽ ذوالفقار علي خواجه رمضان علي حيدري، امام بخش جتوئي ۽ ڪجهه ٻيا شامل آهن، خير، جيل ڪاٽي اچڻ کان پوءِ تلهار جي نوجوانن ۾ قوم پرستي جا جذبا عروج تي پهتل هُئا، حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو جيئي سنڌ تحريڪ جا سرواڻ هُئا، اُنهن ئي ڏينهن سائين جي ايم سيد جو پروگرام ٺهيو، بدين ۽ ماتلي وڃڻ جو، تڏهين تلهار جا هي نوجوان بيچين ٿي اُٿيا، ته هُنن جو رهبر تلهار شهر مان گذرندو پر شهر جي ڪارڪنن سان ڪو نه ملندو، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. حميد کي ان ڳالهه ڏاڍو پريشان ڪيو ۽ دوستن کي چيائين ته اوهان انتظار ڪريو، آئون سائين کي تلهار وٺي ٿو اچان، سڀني دوستن چيو ته هاڻي اهو ممڪن ڪونهي جو سائين جو پروگرام اڳ ۾ ئي طئي ٿيل آهي ۽ هن وٽ وقت ڪونهي ۽ هو سڀاڻي دوري تي روانو ٿي رهيو آهي، پر حميد ان شام جو ئي اڪيلي سر حيدرآباد روانو ٿيو ۽ مدد علي سنڌي جي گاڏي کاتي واري جاءِ تي پهتو جتي خوشقسمتي سان شاهه محمد شاهه به موجود هو، حميد کين حقيقت ٻڌائي شاهه محمد شاهه سائين جي تلهار ۾ پروگرام لاءِ وقت ڏنو ۽ پوءِ تلهار ۾ سائين جو زبردست استقبال ۽ جلسو ٿيو، سائين جي ايم سيد تلهار کان پوءِ ماتلي ۾ سائين ڪريم بخش نظاماڻي وٽ آيو ۽ پوءِ حيدرآباد روانو ٿيو. شام جو مسلم ڪاليج ۾ سائين جي جلسي دوران بم ڦاٽو، جنهن ۾ سائين ته خيرن سان بچي ويو هو پر پراچا صاحب نالي بينڪ آفيسر مارجي ويو ۽ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيا هُئا... بهرحال حميد ۽ نور احمد ته بچپن جا دوست هُئا، پر اسان جي حميد سان ملاقات ۽ دوستي، نور احمد جي وسيلي ٿي. 1960 ۾ منهنجي مڱڻي تلهار ۾ مُنهنجي ماسي جي ڌيءَ سان ٿي، ته مُنهنجو تلهار ۾ اچڻ وڃڻ شروع ٿيو، نور احمد ته اڳ هي اسان جو مائٽ هو، مان تلهار ۾ ايندو هُئس ته نور احمد وٽ ئي ترسندو هُئس، بس اُتي ئي مُنهنجي ملاقات حميد سان ٿي ۽ پڻ ٻين دوستن سان به مليس، مون ساڻ اڪثر منهنجا دوست سليم ۽ عاشق علي ماما به تلهار هلندا هُئا، پوءِ اسان جون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون، بس اُتان ئي اسان جي پڪي دوستي جي ابتدا ٿي، جيڪا اڄ تائين تقريبن اڌ صدي بعد به قائم آهي. اُنهن ڏينهن کانپوءِ جيڪي به پروگرام ٿيا، جيڪي به اسان سير سفر ۽ دورا ڪيا، سڀني گڏجي ڪيا. حيدرآباد جي بسنت هال ۾ جشن روح رهاڻ ۾ اسان گڏجي شريڪ ٿياسين، انهن جي ڪجهه مهينن بعد تلهار ۾ بزم روح رهاڻ جي، حميد جعفري جي ننڍي ڀاءُ عزيز مرحوم جي ڪوششن سان آفيس کلي ۽ سندس ئي محنت سان تلهار ۾ ٽنڊي باگي جي ئي نه پر سنڌ جي عظيم شاعر ۽ اُستاد مرحوم محمد صديق مُسافر جي ورسي ملهائڻ جو پروگرام ٺاهيو، جنهن ۾ جناب رسول بخش پليجو، محترم حميد سنڌي، جناب نياز همايوني، پروانو ڀٽي، عبدالرحمان نقاش قلب علي خواجه، بيدم خواجه ۽ ڪيترن اديبن شاعرن شرڪت ڪئي هُئي، اسان سڀ دوست اُن ۾ مددگار ۽ شريڪ رهياسين. 1970-71: تلهار ۾ اسان جيون تاريخي ڪچهريون ٿيون، جن ۾ نور احمد، حميد، عسڪري، نبي بخش، امداد، عاشق علي، سليم، عزيز خواجه، انور ۽ مان شامل هوندا هُئاسين، 70 ۾ اليڪشن 71 ۾ انڊيا پاڪستان جي جنگ، بنگلاديش جو قائم ٿيڻ، اهو سڄو وقت اسان زياده تر تلهار ۾ ڪچهريون ڪيون. اسانجيون همدرديون مظلوم بنگالين ۽ شيخ مُجيب سان هونديون هيون، فوج بنگالين جو قتل عام ڪيو ته اسان سڀ ان جي خلاف ڏکويل ۽ غمگين هوندا هُئاسين ۽ پوءِ انڊيا مُداخلت ڪئي، ملڪ ٻه اڌ ٿيو، بنگلاديش وجود ۾ آيو ته سموري دنيا جي جمهوريت پسند عوام سان گڏ اسان سمورا دوست به تمام گهڻو خوش ٿياسين. 1972ع۾ منهنجي شادي ٿي. فورن بعد نور احمد به حيدرآباد شفٽ ٿي ويو، اسان گڏجي ٽائيم فوٽوز قائم ڪيو، نانگا هائوس وارو دور شروع ٿيو، ته حميد به زياده تر حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو ۽ اسان جيون محفلون، ڪچهريون نانگا هائوس تي شروع ٿي ويون، حميد صاحب ۽ اسان جو ساٿ ائين ئي هلندو رهيو.
اسان ٻچڙيوال به ٿي وياسين، پر حميد شادي ڪو نه ڪئي، اسان چوندا هُئاسين ته يار هاڻ تون به شادي ڪر گهر ٻار وارو ٿي ته هميشه اهو ئي جواب ڏيندو هو ته جيڪو گناهه اسان جي مائٽن ڪيو ۽ اسان کي هن وجود جي جهنم ۾ اڇلايو اهو گناهه اسان پنهنجي اولاد سان نه ٿا ڪرڻ چاهيون، اهي عدم جي جنت ۾ آرام سان آهن وجود جي دوزخ ۾ آيا ته اسان وانگر سڙي خاڪ ٿي ويندا. حميد جعفري هن وقت زندگي جون ستر 70 بهارون ڏسي چڪو آهي، هڪڙو هارڊ اٽيڪ به ڀُڳتايو ويٺو آهي، علمي ادبي ماڻهو شروع کان رهيو آهي، لکڻ ۽ پڙهڻ جي ڪم ۾ مصروف رهندو آهي، ماشا الله سنڌ جي عظيم ليکڪن جا ٽي ڪتاب ترجمو ڪري ڇپايا آهن، پاڪستان جي وڏي مشهور ٽائون پلانر عالم ۽ اديب جناب اختر حميد خان جا ٻه جڳ مشهور ڪتاب انگريزي ۽ اردو مان سنڌي ۾ ترجمو ڪري ڇپايا ۽ سنڌ جي عظيم قومي شاعر دانشور ۽ اديب جناب شيخ اياز جي آتم ڪٿا ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ جي چئن جلدن جو اُردو ۾ ”کهين بهي راهه مين منزل نه هوگي“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ثقافت کاتي طرفان ڇپايو ويو آهي، پنهنجن ٽن چئن طبعه زاد ڪتابن ڀارت جو سفر نامو، سرمد جي ساڻيهه ۾، سنڌ جو سفر نامو کي سهيڙي ڇپائڻ جي تيارين ۾ آهي. ڪيتري عرصي کان سنڌي اخبارن ۾ مسلسل ڪالم لکندو رهيو آهي، ڪيترائي شاندار ڪالم صحافت جي دنيا ۾ مشهور ٿيا آهن، سندس ڪالمن تي مشتمل ڪتاب به تيارين جي مرحلي ۾ آهي، حميد جعفري سنڌي ۽ اُردو جي بهترين ليکڪن ۾ شامل آهي.