ماما عاشق علي ۽ دوست عاشق علي
ماما عاشق علي، جنهن ڏک ڏٺا، ۽ دوست عاشق علي، جيڪو خوش نصيب رهيو.
اسان جو ننڍو ماما عاشق علي، جنهن ننڍپڻ کان ڏاڍا ڏُُک ڏٺا. چاليهه سالن تائين سور سٺا، دربدريون ۽ ڌڪا کاڌا، ننڌڻڪائيون ۽ تنهائيون مليون. اسان جا ڪُل ٽي ماما هُئا، سڀ کان وڏو ماما نور الدين جيڪو ترڙ نڀاڳو ۽ بگڙيل ماما هو، جنهن عياشيون ڪيون، رول فيٽاڙ ۽ ڦڏائي قسم جو ماڻهو هو، جنهن اسان جي درويش قسم جي نانا کي به ڏاڍا سور ڏنا ۽ پريشان ڪيو. فوج ۾ ڀرتي ٿيو، اُتي ٿوري دٻ آئي ته ڀڄي آيو، فوجي پٺيان پئجي ويس ته بمبئي ڀڄي ويو پوءِ نانا وارن جيئن تيئن ڪري هن جي جان ڇڏائي، ڦڏائي اهڙو جو هر ڪنهن سان جهيڙا ڪندو هو، ٿوري ڳالهه تي پنهنجن مائٽن تي به عدالت ۾ ڪيس ڪندو، ايتري قدر جو اسان جي بابا تي، جيڪو هن جو وڏو سالو به هو، اُنتي به ڪيس ڪري عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو، بهرحال ٻيو نمبر ماما صدر الدين هو، جيڪو جواني ۾ ساوڪ ٿي ۽ گذاري ويو، ٽيو نمبر سڀني کان ننڍو ماما عاشق علي هو، ماءُ ته ٻن سالن جو هو تڏهين گُذاري وئي، ڏهن ٻارهن سالن جو هو ته پيءُ به وفات ڪئي، وڏو ڀاءُ ۽ ڀاڀي هن معصوم سان ظلم ڪيو، ماني پاروٿي ڪڏهين ملندي هُئي، ڪڏهين بُک تي هوندو هو، رات جو به گهر اندر نه پر دروازي کان ٻاهر ڌڪي تي سمهندو هو، چوڏهن سالن جو ٿيو، ڀاءُ ۽ ڀاڀي جي عذابن کان تنگ ٿي تلهار ڀڄي ويو، جتي هُنجي بيو نمبر ڀيڻ امينا پرڻيل هُئي، تلهار ۾ ڀيڻويو جي ريزڪي دڪان تي لڳو، پڙهائي يا اسڪول ته ويچاري جي نصيب ۾ ڪو نه لکيل هُئي، تلهار ۾ هن جو دوست هو شير علي ۽ ٻيا جن سان هن جي ياري هُئي، اڪثر ٻن پهرن جو ٽاڪ منجهند مهل سخت گرمي ۾ هن جا دوست اچي هڪل ڪندا هُئا ڀيڻويو گهر آرام ڪرڻ ويندو هو، پٺيان هي دڪان کي ائين ڇڏي دوستن سان وڃي گوني ۾ وهنجندا هُئا، اها گوني جيڪا ڦُليلي مان نڪتل شاخ هُئي، تلهار شهر سان لڳ تار وهندي هُئي، اهو علائقو وڻن سان ڍڪيل هو، بڙ جا وڏا پُراڻا وڻ، گوني مٿان ڇانوَ ڪيو بيٺا هوندا هُئا ۽ هي ڇوڪرا وڻ تان چڙهي گوني ۾ جمپ لڳائيندا هُئا ۽ وڻ ۾ رسي ٻڌي پيا لڏندا هُئا، ڏاڍا مزا ڪندا هُئا ۽ جڏهين انهيءَ موج مستي ۾ مشغول هوندا هُئا، تڏهين اوچتو هن جو ڀيڻويو وڻ جي ٽار جو سنهو لڪڻ کڻي اچي مٿان ڪڙڪندو هو، عاشق علي ۽ شير علي کي جيڪو هن جي ڀاءُ جو پُٽ هو، اچي ڪُٽيندو هو، دڪان ڇڏي ڀڄي وڃڻ جي سزا ۾، چامڪين سان ماريندو هو، ٻنهي کي واري واري سان، شيري کي ٻه ٽي چامڪيون لڳنديون هيون ته روئيندي چوندو چاچا هاڻ عاشق علي کي هڻ، عاشق علي چوندو بس هاڻ شيري کي هڻ، بهرحال عاشق علي تلهار ۾ جيڪو وقت گذاريو اهو حيدرآباد کان وري به چڱو هو، گهٽ ۾ گهٽ ماني ٽڪي ملندي هُئي، رات جو به گهر ۾ رهندو ۽ سمهندو هو، هُنجي ڀيڻ ڀائيندي هُئي، هن جو خيال رکندي هُئي، جڏهين نوجواني ۾ پير پاتو ته وري حيدرآباد ڀڄي آيو، جتي هن جو گهر گهاٽ ته هو ڪو نه، پوءِ جتي ڪم ڪندو هو. اُتي رات به سُهمندو هو، ٽنڊو ولي محمد ۾ گاهه ڪُتر جي ڪارخاني تي ڪم ڪيائين، ته اُتي هي رات جو ٻوريون وڇائي سمهندو هو، اسان دوست، مان ۽ سليم به رات جو اُتي وڃي ڪچهري ڪندا هئاسين، اسان جي دوستي به اُتان شروع ٿي، نور احمد ايندو هو ته اهو به شامل ٿيندو هو، سليم مان عظيم ۽ مولا بخش چانڊيو، جيڪو پيپلز پارٽي جو ليڊر، وزير ۽ سينيٽر به ٿيو، اهو به ايندو هو ۽ اسان سياسي ڪچهري ڪندا هئاسين، مولا بخش هاڻ به جڏهين ملندو آهي ته چوندو آهي ته اسان سياست توهان کان سکي آهي. بهرحال عاشق علي کي امان ڀائيندي هُئي، گهر ايندو هو ته ماني ضرور کارائيندي هُئي، اسان ننڍا هُئاسين ته امان عاشق علي کي پئسا ڏئي اسان کي فلم ڏيکارڻ لاءِ سئنيما موڪليندي هُئي، امان پئسا ڊي سي جي ٽڪيٽ جا ڏيندي هُئي، پر ماما اسان کي ٻارهن آني واري ڪلاس ۾ ويهاريندو هو. مون کي ياد آهي، هڪ فلم علاوالدين جادوئي چراغ اسان ٽي ڀيرا ڏٺي هُئي، مئجسٽڪ سئنيما ۾، انٽر ويل ۾ پڪوڙا روٽي کائڻ جو مزو اڃا به ياد آهي، ان دور جون سئنيمائون ڇا هيون ڄڻ ڪ بهشت برين جي برابر هيون. خير پوءِ عاشق علي وري رڪشا هلائڻ شروع ڪئي ته پوءِ گيريج تي سهمندو هو، عاشق علي جو بچپن جو دوست شير علي به حيدرآباد ڀڄي آيو، اهو به رڪشه هلائيندو هو، اهو به يتيم ۽ بي گهر هو، پوءِ 1970ع ۾ هنن ٻنهي ڄڻن، ميرن جي قبن وٽ اها جاءِ مسواڙ تي ورتي، جيڪا پوءِ ”نانگا هائوس“ نالي مشهور ٿي، جتي اسان سڀ دوست گڏ ٿي ڪچهريون ڪندا هُئاسين، اُنهن ڏينهن عاشق علي سخت بيمار ٿيو هو ۽ مرندي بچيو هو، بيماري به عجيب هُئي، جو اوچتو هن کي رت جون الٽيون شروع ٿي ويون، رت به ايڏو گهڻو جو بالٽي ۾ رت ڏسي اسان خوف زده ٿي وياسين، پوءِ امان هن کي کنيو، اسان به گڏجي ڪراچي جي مڊ ايسٽ اسپتال پهتاسين ۽ ان ۾ داخل ڪيوسين، ڊاڪٽر رت چاڙهڻ شروع ڪيو ته، امان مونکي ۽ منهنجي ڀاءُ ڇوٽو کي چيو توهان رت ڏيو، پوءِ ٻه ٻه بوتلون رت اسان ڏنو، ٻيو وري خريد ڪيو. امان هن کي هڪدم کڻي ڪراچي نه هلي ها ته ماما پورو ٿيو پيو هو، بهرحال زندگي هُئي بچي ويو، پوءِ امان هن کي ڪجهه ڏينهن گهر ۾ رهائي جام کارايو پياريو ته ماما وري تيار ٿي ويو... بهرحال عاشق علي اسڪول ته ڪڏهين ڪو نه ويو هو پر دڪانن جا بورڊ، ٽرڪن جي پويان لکيل جملا پڙهي ڪجهه پڙهڻ سکيو، ريڊيو ٻُڌڻ جو شوقين هو ۽ ريڊيو جي علمي ادبي پروگرامن ۽ اسان دوستن جي ڪچهرين مان ايڏو ته پرايو جو هاڻ عاشق علي به باقاعدا علمي ادبي ماڻهو هو، شاهه، سچل ۽ اياز جو ڪلام ياد هوندو هُئس، پوءِ وري غالب مير ۽ فيض کي به پڙهڻ شروع ڪيو ته انهن جا شعر به موقعي جي مناسبت سان اهڙا ٻڌائيندو هو جو دل خوش ٿي ويندي هُئي، اڄ هو غالب جو وڏو عاشق آهي.... بهرحال نانگا هائوس جيڪو هڪ درس گاهه هو، ڪميون هو، يونيورسٽي هُئي، جنهن مان اسان سڀني ڪافي علم پرايو، ۽ جيڪو ڏهه يارهن سال قائم رهيو پوءِ جڏهين نانگا هائوس جي پڄاڻي ٿي، ته اُها به دردناڪ هُئي، اُنجا ٻيا به ڪجهه سبب هُئا، مثلن دوستن جي تبديل ٿيل مصروفيات سان گڏ وڏو ڪارڻ هو، نانگا هائوس جو روح روان ۽ اسان سڀني جو پيارو دوست سليم جي ناگهاني وفات، سليم جيڪو نانگا هائوس جي جان هو، زنده دل، خوش باش ۽ رنگين طبيعت جو، نانگا هائوس جو ناز هو، فخر هو، اوچتي جُدائي، اسان سڀني دوستن کي تسبيحه جي ٽُٽل داڻن وانگر داڻو داڻو ڪري ڇڏيو، اسان جي امان پنهنجي ننڍي ڀاءُ عاشق علي جي گهر آباد ڪرڻ لاءِ فڪر مند هوندي هُئي، هن ڪيترن گهرن ۾ هُن جي رشتي لاءِ ڪوشش ڪئي پر جيئن ته هو غريب هو، مزدور ماڻهو، نه گهر نه تڙ سو هر ڪو انڪار ڪريو ڇڏي، پر نيٺ امان هڻي وڃي هند ڪيو، سلطلن آباد ڳوٺ جي هڪ غريب گهر جي، غريب ۽ سُلڇڻي ڇوڪري سان رشتي جي ڳالهه هلي، مڱڻي لاءِ سلطلن آباد وڃڻ لاءِ مون وٽ 1969ع ماڊل جي ٽويوٽا ڪار هُئي جيڪامُحترم رسول بخش پليجو صاحب جي هُئي، پاڻ جيل ۾ هُئا، ڪار مون کي ان ڪري ڏئي ويا ته بيٺي هوندي ته زنگجي خراب ٿي ويندي، استعمال ۾ هوندي ته ٺيڪ رهندي، بهرحال ان ڪار ۾ مان ٻارهن عورتن ۽ ڇوڪرين کي کڻي سُلطلن آباد ماما عاشق علي جي مڱڻي ڪرڻ وياسين، مڱڻي کان پوءِ ماما جي لاءِ ٽنڊو ولي محمد ۾ هڪ ڪمري وارو فليٽ مسواڙ تي ورتو، جنهن ۾ فرنيچر لاءِ امان پنهنجو پلنگ ڏنو، سستا صوفه، ٽيبل ٻه ٽي ڪرسيون ورتيون، گهر جو ڪجهه سامان امان ڏنو، ماما جو ڪمرو ڀاءُ ڇوٽو سجايو ۽ پوءِ اُن ئي پراڻي ڪار ۾ هڪ ويگن ڪرائي تي ڪري ڄڃ وٺي سلطلن آباد وياسين، مُنهنجي ڀينرن به دل کولي ڳايو وڄايو ۽ پوءِ ماما جو نڪاح ڪرائي ڪنوار وٺي آياسين، اهڙي طرح پنجيتاليهه سالن جي ماما جو گهر آباد ٿي ويو. سالن جي دربدرين، ڌڪن ٿاٻن کان پوءِ ماما جو پنهنجو گهر ٺهيو، سالن جي اڪيلاهين کان پوءِ هن کي زندگي جو ساٿي ، پيار ڪرڻ واري همسفر ملي هُئي، محبت ملي ۽ سُک مليو هو. ماما جي اباڻي زمين ست ايڪڙ هُئي، جنهن جي وڪري مان ڏهه لک کن حصو مليو، ته ماما مبارڪ ڪالوني ۾ پنهنجو فليٽ به خريد ڪيو. اڳتي هلي اولاد به ٿيو، ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽڙو ٿيو، ماما پاڻ ته ڪو نه پڙهي سگهيو هو، پر جيئن ته ترقي پسند ۽ روشن خيال هو، ٻارن کي پڙهايو ته ماشا الله نياڻيون غير معمولي طور ذهين ۽ پڙهائي ۾ هوشيار هيون، ڪاليج ۽ پوءِ يونيورسٽي مان پوزيشن حاصل ڪئي، آغا خان هاسپيٽل ۾ اهم پوسٽ تي جاب پيون ڪن، ٻنهي نياڻين جي شادي به سُٺن ۽ سُکين گهرن ۾ ٿي، پٽڙو سُهيل جنهن ڪمپيوٽر سائنس ۾ ماسٽرز ڪئي، هن وقت دُبئي ۾ سٺي جاپ پيو ڪري، ان جي به مڱڻي ڪرائي اٿس، ماشا الله هاڻ اسان جو ماما بهترين بيحد خوش ۽ مطمئن زندگي پيو گُذاري، شاهه لطيف ۽ غالب جو ورد روزانو ڪندو آهي، ريڊيو ٻُڌڻ هُن جي معمول ۾ شامل آهي، اسان دوستن حميد جعفري ۽ مون سان فون تي اڪثر ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي، مهيني ٻين حميد حيدرآباد ايندو آهي ته گڏجي ڪچهري ڪندا آهيون، نانگا هائوس کي ۽ پُراڻين يادن کي ورجائيندا آهيون، سڀ پوڙها ٿي ويا آهيون پر بقول ملڪ پکهراج جي ابهي تو مين جوان هون، جو دل اڃا جوان آهي، سچل جي لفظن ۾:
”عاشق ٻڍا نا ٿيوين توڻي چٽي هووي ڏاڙهي.“