سارنگ اسٽوڊيو جو قيام
ٽائيم فوٽوز جي پاٽنرشپ ختم ٿيڻ، مُنهنجي لاءِ بيحد افسوس ناڪ هُئي، پر ان کان پوءِ به مُنهنجي دل ۾ نور احمد لاءِ عزت ۽ احترام برقرار رهيو، مون کي اهو احساس هميشه رهيو ته نور احمد مُنهنجو اُستاد آهي، هن مونکي دنيا جا بهترين ڪتاب پڙهايا، مون هن مان گهڻون ڪجهه پرايو آهي. اهو ايڏو وڏو احسان هو جيڪو مونکي هميشه ياد رهيو، انهي احساس جيڪري مُنهنجي من ۾ ڪو به مير نه آيو. حالانڪه اسان هڪ ٻي وٽ ڪو نه ايندا ويندا هئاسين پر مُنهنجي خواهش هُئي ته اسان مِلون ۽ اڳي وانگر هڪ ٻي وٽ اچون وڃون، جيڪڏهن ڪا رنجش آهي ته اُها ختم ڪريون ۽ مُنهنجي طرفان ڪا غلطي يا گُستاخي ٿي آهي ته مان معذرت ڪرڻ لاءِ به تيار آهيان، اها مُنهنجي خواهش هُئي ۽ پوءِمون پنهنجن انهن جذبن ۽ خيالن کي نور احمد تائين پهچايو، مونکي ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن نور احمد اُنجو مثبت جواب ڏنو، مُنهنجي پيغام جي جواب ۾ نور احمد هڪ ڪاغذ تي چنداکر لکي موڪليا، ”تون اچڻ چاهين ته ڀلي اچ“ اها چٺي مُنهنجي لاءِ اطمينان ۽ خوشي جو باعث هُئي، ان ڪري اها مون سنڀالي رکي، جيڪا اڄ تائين مون وٽ محفوظ آهي. اُن کان پوءِ مان نُور احمد وٽ ويس، ته هن اهوئي قُرب ۽ عزت ڏني. مان مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا نور احمد جي گهر ويندو هُئس، نور احمد به منهنجي گهر ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو، اهڙي طرح اسان جا تعلقات بحال ٿي ويا.. نور احمد پنهنجو ٽائيم فوٽوز سنڀاليندو رهيو ۽ مان پنهنجو سارنگ اسٽوڊيو هلائيندو رهيس.
نور احمد سان پاٽنرشپ ختم ٿيڻ کانپوءِ حامد منزل کي ڇڏي اسان ٽنڊي ولي محمد ۾ حيدر منزل ۾ اچي رهيا هئاسين، حامد منزل ۾ جيئن ته هڪ ڪمرو هو، اسان جي فئملي به وڌي رهي هُئي. سارنگ به پئدا ٿيڻ وارو هو، ٻيو مون وٽ مُنهنجا ساهُرا به ايندا هُئا ته تڪليف ٿيندي هُئي، ان ڪري اسان حيدر منزل واري وڏي فليٽ ۾ آياسين، جتي سارنگ ڄائو ۽ سارنگ آرٽ اسٽوڊيو قائم ٿيو هو.
هاڻ سڀ ڪُجهه ٺيڪ ٿي ويو هو، سليم جي شادي مُنهنجي ننڍي ڀيڻ زيب النساءُ سان ٿي ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي، هڪ ته مُنهنجو پيارو دوست سليم هاڻ مائٽ به ٿي ويو، رشتي دار بڻجي وياسين، ٻيو ته مُنهنجي ڀيڻ کي سليم جهڙو بهترين گهوٽ مليو هو. نانگا هائوس تي ڪچهريون گهٽ ٿينديون هُيون پر هفتي ۾ هڪ ڀيرو موڪل واري ڏينهن ضرور ملندا هُئاسين. ڀٽي جي دور ۾، پوليس ۾ ڊائريڪٽ D.S.P جون پوسٽون آيون ته سليم کي شوق ٿيو، تنهن اپلاءِ ڪري ڇڏيو، بابا حاجي خوجه (ايڇ ايم خوجه) جيڪو سليم جو سڳو چاچا هو، ان جي مدد سان سليم سليڪٽ ٿي ويو، ٽريننگ لاءِ شهدادپور ويو ته ڪچهريون به گهٽ ٿي ويون....
انهن ڏينهن اسان جي خاندان ۾ هڪ دردناڪ واقعو ٿيو، مُنهنجو ننڍو ڀاءُ حسن علي اوچتو گُذاري ويو، حسن علي جنهن کي اسان سڀ ڇوٽو چوندا هئاسين، مونکان ٻه سال ننڍو هو، چاچا جي ڌيءَ دلشاد سان شادي ٿي هُئي ٻه پُٽڙا ۽ هڪ نياڻي هُئي، 35 سال عمر هُئس، بلڪل ٺيڪ صحت مند هو. گاڏي کاتي ۾ پنهنجو دڪان هوس ۽ فوٽو ڪاپي مشينن جو ماهر ڪاريگر به هو، دڪان تي ويٺو هو ته هنکي بيچيني محسوس ٿي، ڇاتي ۾ سور ٿيڻ لڳو، هن سمجهيو عام رواجي سور آهي، سهي ٿي ويندو پر اصل ۾ هن کي هارٽ اٽيڪ ٿيو هو. تڪليف وڌي ته رڪشه ڪري گهر آيو. بدقسمتي سان ڇوٽو جو فليٽ چار ماڙ مٿي هو. دل جي دوري دوران هو سيڙين تان چڙهي چار منزل مٿي پهتو ته ڪِري پيو، شديد قسم جو اٽيڪ هو، بيهوش ٿي ويو. ڀاڀي دلشاد اسان کي سڏايو، اسان فورن هنکي کڻي هاسپيٽل پهچايو پر افسوس اسان جو پيارو ڀاءُ هميشه لاءِ اسانکان هليو ويو هو، اهو تمام وڏو سانحو هو، اسان جي خاندان جو پهريون وڏو دردناڪ واقعو هو. امان جي جگر جو ٽڪڙو ڇڄي پيو هو، ان درد ۽ ڏُک امان کي شگر جي بيماري ڏني. ڀاڀي دلشاد ويچاري ته مڇي وانگر ڦٿڪندي روئيندي رهي. چوٽو منهنجو ننڍو ڀاءُ مُنهنجو ته پل پل جو ساٿي رهيو هو. مون کان ٻه سال ننڍو هو، اسان ته ننڍپڻ کان گڏ رهي وڏا ٿيا هئاسين، مونکي به دلي صدمون رسيو هو، پهريون ڀيرو مان بي اختيار رُنو هُئس.. حسن جا ٽي ننڍا ٻار هُئا، برڪت علي، پنجن ڇهن سالن جو هو، ٻيو نمبر راجيش حسن جنهن جو نالو ڇوٽو پنهنجي پسنديده اداڪار راجيش کنه جي نسبت سان رکيو هو. اهو اڍاي ٽن سالن جو هو، سڀ کان ننڍي نياڻي حسن جي دادلي ۽ پياري ڌي سورٺ جيڪا ڏيڍ ٻن سالن جي هُئي، جنهن کي کڻي مون پنهنجي ڇاتي سان لاتو هو ۽ پنهنجي پياري مرحوم ڀاءُ جي جنازي اڳيان دل ۾ ان سان وچن ڪيو هوم ته، اڄ کان پوءِ سورٺ منهنجي نياڻي آهي، هاڻ آئون هن جو بابا آهيان، هيءِ هميشه مون ساڻ رهندي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو هو. منهنجو فرزند سارنگ جڏهين ٻاويهن سالن جو ٿيو، ۽ سورٺ سورهن سالن جي تڏهن ٻنهي جي رضامندي سان رشتو پڪو ڪيو هو، پوءِ ڪجهه سالن بعد سورٺ کي ڪنوار بڻائي هميشه جي لاءِ پاڻ وٽ وٺي آياسين، هن وقت سارنگ ۽ سورٺ جا ماشا الله ٻه خوبصورت پٽڙا آهن، وڏي جو نالو، مرحوم ڀاءُ جي نسبت سان علي حسن رکيو آهي، حسن علي مرحوم جي ٻنهي پٽن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، برڪت علي نيشنل بئنڪ جو مئنيجر ٿيو، پر هاڻ فئملي سوڌو آمريڪا شفٽ ٿي ويو آهي، جتي سيٽ ۽ خوش آهي، ننڍو راجيش حسن، ڊاڪٽري پاس ڪئي، لنڊن مان ماسٽرز ڪئي، هن وقت سعودي عرب، جدي ۾ جاب آهي، دلشاد ڀاڀي ڪڏهن جدي ۾ راجيش وٽ، ته ڪڏهن آمريڪا ۾ برڪت وٽ ته ڪڏهن سورٺ سارنگ وٽ حيدرآباد ۾ رهندي آهي. خوش آهي.
سارنگ آرٽ اسٽوڊيو، 15 سال قائم رهيو. اهي پنڌرهن سال مُنهنجي زندگي جا به اهم ترين يادگار سال هُئا، مان پارٽي سان وابسته رهيس، پارٽي لاءِ ڪم ڪندو رهيس، مونکي فخر آهي ته مون قوم وطن ۽ پارٽي جي ايمانداري سان خدمت ڪئي. سارنگ اسٽوڊيو مان مون ڪمايو ڪجهه به ڪونه ڏهه ايڪڙ اباڻي زرعي زمين هُئي، جنهن مان گذر سفر ٿيندو هو. منهنجي پنهنجي جاءِ به ڪا نه هئي، مسواڙ تي رهندو هُئس، مونکي فخر آهي ته سارنگ اسٽوڊيو تي سنڌ جون عظيم شخصيتون آيون آهن، محترم ابراهيم جويو، جناب رسول بخش پليجو، شهيد فاضل راهو ته ڪيئي ڀيرا آيا، سائين عالم شاهه ته هر هفتي ضرور ايندو هو ۽ اڪثر سائين ٻارن کي گهر تي وٺي ايندو هو، انهن کانسواءِ، ماما عارب ڪيڙانو، ڏاڏا قادر رانٽو، ڊاڪٽر عبدالغفار قاضي جيڪو وارهه مان ايندو هو ته مون وٽ ضرور ايندو هو، جبل جاني جيڪو انتهائي با علم، باشعور هاري اڳواڻ هو، فوٽو رستماڻي، پناهه جگر سنڌي، سلام ميمڻ، اسلم پرويز، خليل قاضي، منير ڀرڳڙي ۽ ٻيا دوست ساٿي ايندا هُئا. اياز لطيف پليجو، اسماعيل راهو، اسلم راهو، اهي ننڍا هُئا، اول سجاڳ ٻار تحريڪ ۾ هئا، پوءِ سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ آيا. اسماعيل راهو کي فوٽو گرافي جو شوق هو، مونکي چيائين چاچا مونکي توهان جهڙي ڪئميرا وٺي ڏيو، جيڪا توهان جي اسٽوڊيو ۾ آهي، اهڙا سٺا صاف فوٽو ڪڍڻ واري ڪئميرا وٺي ڏيو، حالانڪه مون سمجهايو مانس ته پُٽ، اهڙا صاف فوٽو اسٽوڊيو اندر لائيٽن جي ڪري ايندا آهن، پر همراهه چوي نه مونکي اهڙي ڪئميرا وٺي ڏيو. ۽ پوءِ واقعي اهڙي ڪئميرا وٺي ڏني مانس، پر ظاهر آهي ته اسٽوڊيو جهڙا فوٽو ڪو نه ايندا هئا، سو ڪجهه عرصي کان پوءِ بيزار ٿي شوق ئي ڇڏي ڏنو.... منهنجو گهر ٽنڊي ولي محمد ۾ هو، جتي جيجي زرينه بلوچ ڪيترائي ڀيرا آئي هُئي. هڪ ٻه ڀيرا ادي اختر بلوچ به آئي هئي، سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون به اڪثر ڦوڙي فنڊ يا پروگرام جي دعوت لاءِ اينديون هيون... هڪڙو موقعو مونکي مليو، جيجي زرينه بلوچ جو قرض لاهڻ جو. جيجي مُنهنجي مدد ڪئي هئي، جڏهن مان ٽائيم فوٽوز ڇڏي رهيو هُئس، ان جو ذڪر آئون اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان. اڃا غلام قادر پليجو وڏو ٺيڪيدار ڪو نه ٿيو هو، هن پهريون وڏو ٺيڪو سپر هائي وي جي ٽول ٽيڪس جو کنيو هو، جنهن لاءِ هن کي پئسن جي سخت ضرورت هُئي، ان لاءِ دوستن ۽ ساٿين کان به مدد ورتي پي وئي، ان لاءِ جيجي مُنهنجي گهر آئي ۽ مدد لاءِ چيو، اسان وٽ پئسا ته هُئا، ڪو نه، پر مون پنهنجي امان ۽ زال جو سڀ سون کڻي جيجي اڳيان رکيو، جيجي اهو سون پنهنجي سون سان گڏ بئنڪ ۾ رکيو هو. جيڪو ڪُجهه عرصي کان پوءِ ڪڍرائي جيجي پاڻ واپس ڪرڻ آئي هُئي، غلام قادر پليجو، جيڪو پوءِ پاڪستان جو وڏو ڪانٽريڪٽر بڻجي ويو، ماشا الله.
ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالت ڦاسي جي سزا ٻڌائي، تڏهين فوجي آمر جي ڏهڪاءُ ۽ خوف واري ماحول ۾ ڪنهن به احتجاج ڪو نه ڪيو هو، ان موقعي تي سڄي پاڪستان مان سڀ کان پهرين سنڌياڻي تحريڪ احتجاج ڪيو هو، حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي مان عورتن جو جلوس نڪتو هو، جيڪو بينر، پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي نعرا هڻندو صدر پهتو هو. جتي پوليس پهچي منتشر ڪيو هو، اهو جلوس اسان منظم ڪيو هو ۽ جيجي زرينه بلوچ اُن جي اڳواڻي ڪُئي هئي. جيئن ته جلسن جلوسن تي پابندي هُئي. پر اسان سوزڪين ۽ ڪارن ۾ پهرين عورتن کي کوکر محلي جي درگاهه ۾ گڏ ڪيو هو. پوءِ اوچتو ٻاهر نڪري، بينر ڪڍي جهنڊا لهرائي نعرا هڻنديون ڏيڍ ٻه سئو عورتون اڳتي وڌڻ لڳيون، نعرا هُئا، ڀٽي جي سزا ختم ڪريو، ڀُٽي کي آزاد ڪريو، جمهوريت بحال ڪريو، نعرا هڻنديون تيزي سان اڳتي هلنديون ويون، جيستائين پوليس کي خبر پوي ۽ پهچي تيستائين جلوس صدر تائين پهچي ويو، اخباري نمائندا، فوٽو گرافر ۽ ميڊيا وارا اچي ويا، پوليس ايندي شرط آنسو گئس هلاءِ لٺ بازي شروع ڪئي، عورتن صدر واري وڏي مسجد ۾ پناهه ورتي، ان جلوس ۾ جيجي به بُرقعو پائي شريڪ ٿي هُئي، ڇاڪاڻ ته سرڪاري ملازم هُئي، ان ڪري ڪيترين ئي عورتن بُرقعن ۾ شرڪت ڪئي هئي. ڪجهه دير بعد اسان ٿوريون ٿوريون عورتون وٺي گهرن تائين پُهچايون هيون، شڪر ٿيو جو سڀ خير ٿي ويو، ڪا به گرفتار ۽ زخمي وغيره ڪا نه ٿي.
1981 يا 82 جو سال هو، فاضل راهو ڪراچي جيل مان آزاد ٿيو، اسان سڀ ڪراچي وياسين، ان جي آجيان ڪري، گُلن جا هار پاءِ وڏي زبردست ريلي جي صورت ۾ ڪراچي کان گگر ڦاٽڪ تان ٿيندا ٺٽي پهتاسين، جتي وڏو جلسو ٿيو. ٺٽي مان وري ريلي هلندي، شهرن ڳوٺن مان ٿيندين، بدين پهتي ته اُتي فاضل جو زبردست استقبال ڪيو ويو، شاندار جلسو ٿيو. جنهن ۾ فاضل راهو شاندار تقرير ڪئي هُئي. مون ان سڄي ريلي جا فوٽو ڪڍيا هئا. فاضل راهو جي آزادي ۽ ان ريلي کان هفتو کن بعد شام جو مان اسٽوڊيو تي ويٺو هُئس ته هڪ پيجارو ٽائپ نئين جيپ، ڳاڙهي گهاٽي ميرون ڪلر جي اچي بيٺي، ان بهترين گاڏي مان فاضل راهو پنهنجي مخصوص مُسڪراهٽ سان لهي اچڻ لڳو، مان به اُٿي اڳتي وڌيس، ڀاڪر پاءِ مليو، ۽ چيائين هي ڏس راڪي گاڏي، اڄ هي نئين وٺي اچان پيو. مون ڏٺي واهه جي راڪي جيپ هُئي، اسان اندر اچي ويٺاسين، خير عافيت کان پوءِ چيائين ادا هاڻ هيئن ٿا ڪريون، تون اُهي سڀ وڊيو ڪئسٽون کڻ، جيڪي پروگرام ، احتجاج ۽ جلسا، مان جيل ۾ هُئس ان دوران ٿيا هُئا، اهي کڻي ٻئي ڀائر هلون ٿا راهوڪي، جتي سڄي رات پاڻ ۽ ٻيا دوست گڏجي ڏسنداسين ۽ ڪچهري به ڪنداسين، فاضل جي اها شاندار دعوت منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هُئي، ڪاش مان وڃي سگهان ها، پر افسوس ان رات هڪ پروگرام جا فوٽو ڪڍڻا هئا، ان ڪري مون فاضل سان معذرت ڪئي، هنکي اهي سڀ وڊيوز ڏنم ۽ چيم توهان ڀلي هي سڀ وڃي ڏسو ته توهان جي آزادي لاءِ ڪيئن عوام احتجاج ڪيا آهن، جلسا ۽ جلوس ڪڍيا آهن.
اڪثر پارٽي جي ڪاميٽين جون گڏجاڻيون اسان جي اسٽوڊيو ۾ ٿينديون هيون، ٻن ٽن گڏجاڻين ۾ فاضل راهو ۽ سائين عالم شاهه به شريڪ ٿيا هُئا. جڏهين سنڌي مهاجر جهيڙا ٿي رهيا هئا، تڏهن پارٽي شهري ڪاميٽيون ٺاهيون هُيون، ٽنڊي ولي محمد ڪاميٽي جون ميٽنگون اسٽوڊيو ۾ ٿينديون هيون، اسان حيدرآباد جي ٻين پاڙن ۾ به وڃي گڏجاڻيون ڪندا هئاسين، ٽنڊو يوسف، کوکر پاڙو ۽ ڦليلي ۾ دوستن ٻڌايو ته، مهاجر زبردست حملا ڪري رهيا آهن. پر اسان وٽ هٿيار بلڪل ڪو نه آهن، مهرباني ڪري هٿيارن جو انتظام ڪيو. اسان مٿي رپورٽ ڪئي، تڏهين فاضل راهو هٿيارن جو انتظام ڪري هڪ ڊاٽسن ۾ پنجويهه رائفلون، پنجاهه کن پسٽل ۽ گوليون خفيه طور موڪليون، جن کي پوءِ اسان نمبر لڳائي مختلف پاڙن ۾ ڏنا، جنهن کان پوءِ سنڌين جو ڪجهه بچاءُ ٿيو هو.
ٽنڊو ولي محمد ۾ غلام حيدر بابل به گهر وٺي اچي رهيو هو، تڏهين اُتي بابل ڏاڍو سٺو ڪم ڪيو هو. بابل پنهنجي گهر جي هڪ ڪمري ۾ لائبريري قائم ڪئي هُئي ۽ ان کي پارٽي آفيس طور استعمال ڪندا هئاسين، بابل ٽنڊي ولي محمد جي ڪيترن ئي نوجوانن کي پارٽي ۾ آندو، جن ۾ اهم ترين ليڊر نواز پٺاڻ، قدير سومرو، سجاد چانڊيو هُئا، اسان ٽنڊو ولي محمد ۾ فلاحي ڪم ڪرڻ به شروع ڪيا هئا، بلڊ بئنڪ قائم ڪئي، جنهن ۾ ٽنڊي جي نوجوان بلڊ ڊونرس جا بلڊ ٽيسٽ ڪرائي، مختلف بلڊ گروپس وارن جو رجسٽرڊ تيار ڪيو هو، ڪنهن غريب مريض کي رت جي ضرورت هوندي هُئي، اُن گروپ واري دوست کي چوندا هُئاسين ته اهو اسپتال پهچي رت ڏئي ايندو هو، ان کانسواءِ هاءِ اسڪول جي شاگردن لاءِ امتحانن جي تياري واسطي فري ٽيوشن سينٽر به کوليا هئاسين، جڏهين ٿر ۾ ڏُڪار آيو هو، چون ٿا هي ڪارو ڏڪار هو، ستن سالن کان ٿر ۾ برسات ڪا نه پئي هُئي، ماڻهو ۽ مال مري رهيا هئا، تڏهين ٿرين جي مدد لاءِ سڄي سنڌ ۾ امدادي ڪئمپون قائم ٿيون هيون، مختلف پارٽيون امداد گڏ ڪري رهيون هيون، تڏهين اسان به بابل جي قيادت ۾ ڪاميٽي ٺاهي ٽنڊي ولي محمد ۾ ڪئمپ قائم ڪئي هُئي، جنهن تي هفتي کن ۾ جام سامان گڏ ٿيو هو، ان ۾ اناج، اٽو، چانور، ڪڻڪ، گيهه، کنڊ، چانهه جي پتي، ڪپڙا لٽا، هند بسترا، ڪمبل ۽ پڻ ڪافي روڪ رقم به گڏ ٿي هُئي، پوءِ اسان روڪڙن پئسن جو به وڌيڪ اناج خريد ڪري سڄي ٽرڪ مال سان ڀرائي بابل جي قيادت ۾ ٻن ڪارڪنن کي ساڻ ڪري ٿرپارڪر جي وڌيڪ متاثر علائقن ۾ پهچي بابل پاڻ پنهنجن هٿن سان اها امداد ورهائي هُئي... بابل هميشه کان تمام سرگرم ڪارڪن رهيو آهي. ٽنڊي ولي محمد ۾ بابل ڪيئي سچا مُحب وطن ساٿي بنايا، جيڪي اڄ به پارٽي جا سچا وفادار آهن، جنهن مان ڪجهه گذاري ويا ۽ ڪجه حال حيات آهن، (خدا کين وڏي حياتي بخشي) .
سارنگ اسٽوڊيو تي هر قسم جا ماڻهو ايندا هُئا، فوٽو ڪڍائڻ جن ۾ عورتون مرد، ڇوڪرا، ڇوڪريون، فئمليون وغيره شامل هئا، ڪڏهن آواراه ۽ دل ڦئنڪ حسينائون به اينديون هيون، جيڪي پنهنجي ادائن، ناز ۽ نخرن سان ڪوشش ڪنديون هيون ته مُرغو ڦاسي، پر اسان اهڙين حرڪتن کي سختي سان روڪي ڇڏيندا هُئاسين... ڪُجهه عورتون ۽ ڇوڪريون اهڙيون به اينديون هيون جيڪي شريف ۽ ڏُکويل هونديون هيون، ڪڏهن ڪڏهن اچي پنهنجا ڏک سور اورينديون هيون، ته مان به هنن جي وس آهر مدد ڪندو يا سُهڻي صلاح ڏيندو هوس... هڪ ڀيري هڪ ڇوڪري آئي فوٽو ڪڍائي وئي پاسپورٽ سائز جو، وري جڏهين کڻڻ آئي ته ٿوري ڳالهه ٻولهه ٿي، ته خبر پئي هوءِ سنڌي آهي، پرائمري ٽيچر، پيءُ گذاري ويو هوس، بيمار ماءُ ۽ وڏي ڀيڻ جيڪا به ڪنواري ۽ ٻه ننڍا ڀائر هئا، عمر اٽڪل ٽيهه سال کن، خوبصورت ڇوڪري هُئي، پوءِ اڪثر ايندي هُئي، جڏهن واقفيت ٿوري وڌي، ته مون کي چيائين تون مون سان شادي ڪر، ڀلي پهرين زال ۽ ٻارن سان به رهه، مون هن کي ٻُڌايو ته اهو قطعن ناممڪن آهي، منهنجي پياري زال آهي، نياڻين جو پيءُ آهيان، مان بلڪل ڪو نه ڪندس ٻي شادي، تڏهين هن چيو ته ٺيڪ آهي، نٿو ڪرين ته ٻيو ڪو شريف ماڻهو تنهنجو ڪو دوست يا مائٽ هُجي، مُنهنجي وڏي ڀيڻ به ڪنواري آهي، تون اسان جي مدد ڪر، مون مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو ته مان ڪوشش ڪندس، مُنهنجو دوست عظيم ڪنوارو هو، ان کي ڪٿان رشتو ڪو نه پي مليو، ان کي چيم، فوٽو پڻ ڏيکاريم، پر اُن چيو ميان پنهنجو پاروٿو کاڌو وري مونکي ٿو کارائڻ چاهين، پاڻ هٿ صاف ڪري وري مُنهنجي مٿي ۾ ٿو هڻين، حالانڪه ائين هرگز ڪو نه هو، مون هنکي هٿ به ڪو نه لاٿو هو. عظيم کي گهڻو ئي سمجهايم پر ڪو نه مڃيو، خير ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجو هڪ آرٽسٽ دوست آيو، جيڪو ڊراما آرٽسٽ ۽ ٽيچر هو، ان سان ذڪر ڪيم ته هن چيو مونکي ڏيکار، فوٽو ڏيکاريو مانس ته چيائين اُن سان ملاءِ، مون هنن کي ملايو، هڪ ملاقات اسٽوڊيو تي ڪرايم، پوءِ هي پاڻ ۾ ملندا رهيا، ڏيڍ ٻن مهينن کان پوءِ ٻئي اسٽوڊيو تي آيا، شادي لاءِ تيار هئا، پر همراهه جا مائٽ راضي نه هُئا، ان ڪري هنن سول ميرج جو ارادو ڪيو هو، جنهن ۾ مون مدد ڪئي، هڪ وڪيل دوست معرفت ڪورٽ ۾ نڪاح ٿيو، مان هنن جو گواهه ۽ وڪيل هُئس، باقي حياتي ماشا الله هنن خوش گذاريو، ٻار ٻچا ٿيا.
اڄ اهو دوست سنڌي ڊرامن جو وڏو ٽي وي آرٽسٽ ۽ ڊائريڪٽر به آهي ۽ ڪامياب زندگي پيو گذاري، مان هنن جا نالا ان ڪري ڪو نه پيو لکان ڇاڪاڻ ته اجازت ڪونه ورتي اٿم، پر اصل ۾ اهي ٻئي حقيقي ڪردار آهن...
اهڙي طرح هڪ ڀاڳڙي ڇوڪري ايندي هئي، موهني، خيرات وٺڻ، عمر سورنهن سترهن سال، ٺُپ ڪاري رنگ جي، پر بلا جا خوبصورت نيڻ نقش هُئس، سُنهري وار، وڏو چمڪندڙ نراڙ، وڏيون شيريون اکيون، نڪ ڊگهو، سنهڙا ڳاڙها چپ، مطلب ته هوءِ هر لحاظ کان حَسين هُئي، پر صرف رنگ هُن جو بلڪل ڪارو هو. اڇا موتين جهڙا ڏند هُئس، هوءِ شادي شده هُئي، سال کن جي ڇوڪري ڪڇ تي کڻي پنندي هُئي، مون جڏهين هنجا مختلف پوزن سان فوٽو ڪڍيا ته پاڻ کي به ڪو نه پئي سُڃاڻي، اهڙا ته شاندار فوٽو آيا جهڙا ڪنهن اداڪاره جا هجن، رنگين فوٽو سندس اصل ڪاري رنگ ۾ ڪڍيم جيڪو ڪلاسڪ ۽ آرٽ جو بهترين نمونو هو. اُن جو نالو موهني هو ۽ واقعي هي من موهڻي هُئي، پوءِ جلد ئي گُم ٿي وئي، وري نه آئي. اهڙي طرح اسٽوڊيو تي هڪ ٻيو به عجب سين ڏٺم. مان اسٽوڊيو تي ويٺو هُئس، ڏينهن جا ٽي کن ٿيا هوندا ته هڪ هُڊ واري ڊاٽسن اچي بيٺي، پٺيان کان ٻه ٽي ٻار لٿا، پوءِ چار کن ڇوڪريون لٿيون جيڪي سڄيون چادرين سان ڍڪيل صرف اکيون کُليلن هيون، ٻه کن پوڙهيون مايون لٿيون، تيستائين اڳيان سيٽ تان آهسته آهسته هڪ ستر کن سالن جو پوڙهو لٿو، جنهن جا وار ۽ مُڇون خزاب سان ڪارا ڪيل، کاڌي جي سلوار قميص، مٿان ڪاري ڪوٽي پاتل چيل ٿوري جُهڪيل، هٿ ۾ اسٽڪ، عورتون اندر اسٽوڊيو ۾ ويون هي همراهه لٺ ٽيڪيندو آيو ۽ چيائين ادا فوٽو ڪڍائڻا آهن، مون چيو ٺيڪ آهي، سائين، هلو اندر تياري ڪريو، مان اچان ٿو، همراهه اندر ويو، ته ڊاٽسن جو شيدي ڊرائيور اچي ويٺو، مون ان کان خبر چار ورتي ته، سائين جن ڪير آهن، ڪٿان جا آهن، شيديءَ ٻُڌايو ته سائين جن مٽياري جي سيدن جي سڀ کان وڏي پاڙي جا سردار سيد فلاڻو خان جيلاني آهي، مون چيو اڇا شاهه صاحب ٻارن جا فوٽو ڪڍائڻ آيو آهي، ڊرائيور چيو نه سائين بيبيون ته حويلي مان ڪو نه نڪرن، هي سائين جن جون ٻانهيون آهن، جن کي وٺي آيو آهي، خير ٿوري دير ترسي مان اندر ويس ته منظر ئي تبديل هو، چئن ڇوڪرين مان ٻه بيحد خوبصورت ۽ ٻه مڙئي چڱيون هيون، خوبصورت ڇوڪرين کي رزق برق لباس، سوڙها ڪپڙا، بغلن تائين ٻانهون اُگهاڙيون، وڏي گلي وارا چولا، جنهن مان ڇاتين جا اُبار ۽ وچ مان سير نظر پئي اچي، بنا پوتين جي کلن ٽڙن پيون ۽ سائين سڳوري سان انگل پيون ڪن.
سائين پاڻ به فوٽو جو پوز ٺاهيو. ڪرسي وچ ۾ رکي ويٺو، ڪُرسي جي هڪ ٻانهن تي هڪڙي ڇوڪري ويٺي، ٻي ٻانهن تي ٻي ويٺي، سائين ٻنهين جي چيلن ۾ هٿ وڌا، ٻه ٻيون ڇوڪريون سائين جي پٺيان کان ڪُلهن تي هٿ رکي بيٺيون، سائين سڳوري نقلي ڏند ڪڍي مسڪرائيندي چيو ابا هي فوٽو ڇڪ، پوءِ وري هر ڇوڪري سان جُدا جُدا ڀاڪر پاءِ فوٽو ڪڍايا، اهڙي انداز ۾ جو مونکي شرم ٿي آيو. پر پوڙهو سيد وڏي بيحيائي سان، ڌيئرن بلڪي پوٽين جيڏي ڇوڪرين کي ڪڇ ۾ ويهاري فوٽو ڪڍايا، آخر ۾ هڪ گروپ فوٽو ٻنهي پوڙهين، ٻارن ۽ ڇوڪرين جو به ڪڍايو، مڙئي ڏهه ٻارهن فوٽو ڪڍائي، هزار جو نوٽ ڏئي فوٽن جي پارت ڪري هليو ويو ۽ مان سوچيندو رهيس هنن سيدن سڳورن جي حالت تي، انهن مٽياري جي سيدن مان، هڪ سيد سائين عالم شاهه به آهي، جنهن انهن حويلين ۽ ٻانهين وارن سيدن سان زبردست بغاوت ڪئي، هڪ سيد زادي مان وڏو عوامي انقلابي ليڊر بڻجي ويو. سورهن سترهن سالن جي نوجواني ۾ عالم شاهه وڏيرن وانگر وڏو پٽڪو ٻڌي، ڪلف وارا سلوار قميص پائي چانديءَ جي تارن وارو سينڊل، ڀلي گهوڙي تي چڙهي هلندو ۽ ٻنين تي گهمندو هو. پر پوءِ جڏهن محترم رسول بخش پليجو سان مليو ان سان ڪيئي ڪچهريون ڪيائين، تڏهين سچ کي ڳولهي لڌائين، حق جي راهه اختيار ڪيائين، پارٽي ۾ شامل ٿيو ته اُهي سڀ وڏيراڻا انداز ۽ شوق ڇڏي، مڪمل عوامي انقلابي ماڻهون بڻجي ويو. سيدن ۾ سخت پردي جو رواج هو، چوندا آهن ته ڪنهن جي مجال جو حويلي مٿان نر پکي لنگهي وڃي. خاندان جون عورتون بيبيون ويچاريون حويلي ۾ پيدا ٿي حويليءِ ۾ مريو وڃن، پر ٻاهر ڪو نه نڪرن، نه تعليم نه علاج، نياڻين جون شاديون به صرف پنهنجن ۾ ئي ڪندا يا ملڪيت کي بچائڻ لاءِ ڇوڪرين کي قُرآن سان نڪاح ڪرائي هميشه لاءِ ويهاري ڇڏيندا، مورخ لکن ٿا ته ڪنهن به مغل بادشاهه پڻ پنهنجي ڀيڻن يا ڌيئرن مان هڪڙيءِ جي به شادي ڪو نه ڪرائي. سائين عالم شاهه، اُنهن سيدن مان پهريون باغي هو، جنهن اُنهن تمام مُدي خاج روايتن سان بغاوت ڪئي. سڄي سيد برادري هُن جي خلاف ٿي وئي. پر سائين عالم شاهه، هڪ ترقي پسند، روشن خيال، مُحب وطن ماڻهو هو، جنهن انهن پُراڻي زنجيرن کي ٽوڙهي، پنهنجي نياڻين ٻن فرزندن ۽ پنهنجي فرشته صفحت محبوب شريڪ حيات کي وٺي حيدرآباد آيو، پنهنجن سڀني نياڻين ۽ پنهنجي بيواهه ڀيڻ جي نياڻين کي به اعليٰ تعليم ڏياري. سائين جون ٻه نياڻيون ڊاڪٽر ۽ هڪ بار ايٽ لا وڪيل آهي، هڪ انجنيئرنگ ۽ هڪ بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ نمايان ڊگري هولڊر آهي، ٻئي فرزند علي مير شاهه ۽ رضوان علي شاهه پڻ اعليٰ تعليم يافته باصلاحيت جوان آهن، ڪجهه عرصو اڳ بي بي سي ريڊيو هڪ پروگرام ڪيو هو، ”عورتن جا حق ۽ آزادي“ هي سڄي دنيا جي عورتن تي مُشتمل ڪيئي پروگرامن جي هڪ سيريل هو، جنهن ۾ هڪ پروگرام پاڪستان ۽ سنڌ تي مشتمل هو. ان ۾ تجزين کانسواءِ مختلف ماڻهن ۽ اهم شخصيتن کان سوال جواب به ڪيا هُئا، ٻين ڪيترن کانپوءِ ممتاز علي ڀٽو کان سوال ڪيو، ڪارو ڪاري جي باري ۾ توهان ڇا چوندا؟ ممتازڀٽو جواب ڏنو، اها رسم اسان جي غيرت مندي جي فخر لائق روايت آهي، ڪاروڪاري اسان جي عزت و حُرمت جي مثال آهي، غيرت مندي جو اظهار آهي. ان جي فورن بعد بي بي سي جي نمائندي اهو ساڳيو سوال، مٽياري شهر جي سيدن جي حويلي ۾ رهندڙ هڪ روشن خيال بي بي صاحبه فخر النساءِ عرف بتول بيبي کان پڇيو ته هن جواب ڏنو ”اُهو ظلم آهي، اها رسم انتهائي ظالمانه جهالت آهي، عورتن سان معصوم نياڻين سان ظلم آهي، قرآن سان نڪاح پڻ غلط ۽ انسانيت سوز عمل آهي، اهو سڀ جاگيردارانه نظام اندر، جهالت ۽ بي علمي جي ڪري آهي.“
ياد رهي ته بي بي صاحبه، سائين عالم شاهه جن جي شريڪ حيات هُئي. اهو انٽرويو هليو، ته ها هاڪار ٿي وئي، سمجهدار ۽ روشن خيال ماڻهن بي بي صاحبه جي سچائي، دانش مندي ۽ جُرعت تي داد ڏئِي رهيا هئا ۽ پڻ ممتاز ڀٽو جيڪو آڪسفورڊ جو پڙهيل هو ان جي جاهلانه جواب تي ڦٽڪار ڪري رهيا هئا. ته ٻي پاسي رجعت پرست، مذهبي ٺيڪيدار ۽ سيد برادري به ڪاوڙ جي پئي. تڏهين سائين عالم شاهه فخر سان چيو ته اسان عورتن جي حقن جا علمبردار آهيون. سائين عالم شاهه، هميشه کان سچو مُخلص عوام دوست رهنما رهيو آهي. سائين جي عزت و احترام نه صرف سنڌ ۾، پر پاڪستان جا سڀ رهنما به سائين سان پيار ۽ عزت ڪندا آهن، سائين جون چوٽي جي ليڊرن سان ملاقاتون هيون ۽ گڏجي سياسي جدوجهدون هلايون آهن، محترم نصرت ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، ولي خان بزنجو، نواب زاده نصر الله خان، جنرل شيروف ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ شامل آهن.سندس بلوچ سردارن سان به ملاقاتون رهيون آهن.
هارين جي تحريڪ دوران سائين عالم شاهه هڪ زبردست تاريخي بيل گاڏين جي وڏي ريلي بٺوري کان ڌڙي تائين ڪڍڻ جو انتظام ڪيو هو. اُن تاريخي ريلي جي اڳواڻي عظيم هاري پورهيت ليڊر مُحترم حيدر بخش جتوئي، محترم رسول بخش پليجو ۽ حفيظ قريشي ڪري رهيا هئا. سوين بيل گاڏين جون ميلن تائين قطارون هيون، بيل گاڏين تي سوار سنڌي هاري ۽ پورهيت ، اجرڪن جا پٽڪا ٻڌل هٿن ۾ ڳاڙها جهنڊا ۽ ڏاٽا لهرائيندا، زوردار نعرا هڻندا، جيئي سنڌ جي نغمي تي نچندا ٿي آيا، سچ ته عجيب دل فريب منظر هُئا، بيل گاڏين جو ايترو وڏو جلوس، جنهن ۾ هاري پورهيت نعرا ٿي هنيا، ”هيءِ سنڌ ڪنهن جي؟ سنڌين جي،“ ”نعراءِ سنڌ، جيئي سنڌ،“ ”آيا آيا هاري آيا،“ جا پُرجوش نعرا هڻندا ڌڙي پهتا هُئا، ڦُليليءِ جي ڪناري وڏو عام جلسو ٿيو هو، جنهن کي عظيم هاري اڳواڻ محترم حيدر بخش جتوئي، جناب رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي ۽ سائين عالم شاهه خطاب ڪيو هو.
سائين عالم شاهه کي مون ساڻ هميشه کان پيار رهيو آهي، ۽ ال حمد الله اڃا به آهي، ماضي ۾ تنظيمي گڏجاڻين ۽ اسٽوڊيو تي اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون، پر سائين مهيني اڌ، پنهجن ٻارن کي وٺي مُنهنجي گهر ضرور ايندا هُئا، سائين کي فوٽو ڪڍائڻ جو شوق ۽ ذوق رهيو آهي، جڏهين به ٻار وٺي ايندو هو ته سڀني جا گڏيل گروپ فوٽو ڪڍائيندو هو. جيڪي هاڻ ٿا ڏسون ته انهن ۾ اسانجا ٻار سڀ ننڍا ننڍا ۽ اسين به جوان آهيون، سائين جي عظيم ماءُ، جنهن هن بغاوت ۾ پُٽ جو ساٿ ڏنو، اُن امان مونکي به پنهنجو پُٽ ٺاهيو هو. مٽيارين يا ڌڙي ۾ اڪثر مان فوٽو ڪڍڻ ويندو هُئس، پر جڏهين سائين بغاوت جي ابتدائي دور ۾ پهريون ڀيرو مٽياري ۾ فوٽو ڪڍائڻ لاءِ وٺيو هليو هو. شايد سائين جي ننڍي ڀاءُ پرويز علي شاهه جي ميهندي وغيره هُئي، عورتن جو پروگرام هو، سائين مونکي وٺي حويلي اندر اُماڻيو، پاڻ ته هليو ويو، دروازي وٽ بيهي اندر جو جائزو ورتم، ڪُجهه ڊپ به پيو ٿئي، وڏي اڱڻ تي جام عورتون ڇوڪريون ۽ ٻار هُئا، وچ ۾ شيدياڻين دهل تي ڳيت ٿي ڳاتا ۽ ناچ به ڪيو ٿي، مان ڊڄندي ڊڄندي پاسو وٺي اڳتي وڌيس ته ڪجهه بيبين ۾ بيچيني پئدا ٿي، هڪ پڪي عمر جي بيبي وڏي آواز چيو:” ائي امان هي وري ڪير مُڙسالو آهي جيڪو اندر ڀڳو اچي“؟ مائي ڪو شرم آهيس، ڌاريون ماڻهو حويلي ۾ ڪاهي پيو آهي. مُنهنجو ته ساهه سُڪي ويو، سُسڙجي بيهي رهيس، تيستائين سائين جي امان اُٿي بيٺي ۽ هڪل ڪري چيائين ”مايون هي ڪو غير ڪونهي منهنجو پُٽ آهي، اسان جي گهر جو ماڻهو آهي، هي ايندو ۽ فوٽو ڪڍندو، باقي جنهن بي بي کي پڙدو ڪرڻو آهي، اها ڀلي اندر هلي ويهه، امان وڌي مون وٽ آئي، ٻانهن کان جهلي اڳيان آڻي چيائين، ابا هليا هليا ڀلي فوٽو ڪڍ، پنج ست بي بيون اندر ويون، ٻيون سڀ ويٺيون رهيون ۽ مون فوٽو ڪڍيا. فوٽو گرافي ۽ وڊيو رڪارڊنگ جي سلسلي ۾، ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهين ڪنهن شهر ۾، جلسن پارٽين، شادين سالگراهن وغيره ۾ هر ڀيري نوان علائقا، نوان ماڻهو، نيون ريتون رسمون ڏسڻ جو موقعو ملندو رهندو هو. ڪڏهن ميرن پيرن ٽالپرن ۾ ته ڪڏهن رئيسن نوابن ۽ جاگيردارن ۾، اڪثر موقعن تي عجيب و غريب ماڻهو ملندا هُئا، ڪٿي عجيب واقعا به ٿيندا هُئا، جيڪي ڪڏهين ته دلچسپ ۽ مزيدار هوندا هُئا ته وري ڪڏهين تڪليف وارا ۽ افسوسناڪ هوندا هُئا، اهڙو هڪ واقعو ياد ٿو اچي ميرپورخاص کان پنڌرهن ويهه ميل پري ملڪاڻي ٻروچن جي هڪ شادي جي رڪارڊنگ لاءِ شام جو پنجين بجي اُتي پهتس ته جنگل ۾ منگل متل هو، زبردست قسم جون تياريون هيون، تقريبن فرلانگ کن جي ايريا ۾ شاميانه ۽ ٽينٽ لڳل هُئا، جن۾ وي وي آءِ پي، جُدا درميانه ماڻهن لاءِ الڳ، عام ماڻهن جو پريان جدا هو، هڪ پاسي ڏهن ايڪڙن جي ميدان ۾ سوين ڌيڳون ماني جون تيار ٿي رهيون هيون، وڏا وڏا جنريٽر بجلي پيدا ڪري رهيا هئا ۽ سڄو علائقو شام کان ئي روشنين سان جهرڪي رهيو هو، هاڻ وڏن وڏن ماڻهن جون ڪارون، پجارو جيپون اچڻ شروع ٿيون هيون. ته اوچتو اُتر کان ڪارا ڪڪر اُٿيا، ڏسندي ڏسندي تيز واچوڙو هليو ۽ زبردست قسم جي وڏڦڙي سان تيز بارش شروع ٿي وئي. مينهن پورو هڪ ڪلاڪ وسندو رهيو. پوءِ ته سائين سڀ ڪجهه ڊانواڊول ٿي ويو. سڀ شاميانا تنڀو اُڏامي ڊهي پيا، هر شئي پاڻي ۽ گپ ۾ گچي برباد ٿي وئي، سوين ديڳون وي آءِ پي ماني جون، پاڻي ۾ ٻڏي ويون ته ڪي پاڻي ۾ تري رهيون هيون، آسپاس وري ڪا اهڙي جاءِ يا گهر يا پناهه گاهه به ڪو نه هُئي جتي ماڻهو ڊوڙي وڃي پناهه وٺي، جيڪي مهمان آيا هُئا، اهي برسات ۽ گپ ۾ پُسي ۽ ڦاسي پيا، انهن جون گاڏيون گپ چڪ ۾ گچي ويون، جيڪي مهمان آيا پي يا رستي ۾ هُئا، اُهي اُتي ئي رستي تي گاڏيون ڦاسائي عذاب ۾ اچي ويا. مطلب ته سڄي شادي جا انتظام درم برم ٿي ويا، ڪا به شئي سلامت نه بچي، مان به سڄو پُسي ڀت ٿي ويس، ڏاڍي مشڪل سان پنهنجو سامان بچائي ڀر ۾ هڪ مسجد ۾ وڃي پناهه ورتم، جتي ٻيا به ڪجهه مون جهڙا اچي پهتا هُئا، پوءِ ته سڄي رات ان مسجد ۾، جيتن ۽ مڇرن جي يلغار ۾ هڪڙي اجرڪ سان ڪيئن رات گذاري. ” پاڙي ناهي پروڙ ته ڪيئن رات رنجهائي گذري“ صبح جيئن تيئن ڪري واپس پهتاسين.