”واجهائيندي وطن کي“
مان هرگز اها دعويٰ نٿو ڪريان ته مون قوم وطن ۽ پارٽي لاءِ وڏا ڪم ڪيا، يا ڦاڙها ماريا آهن، ڪي وڏا ڪارناما انجام ڏنا آهن، نه هرگز نه، بس هڪ عام سنڌي ماڻهو وانگر زندگي گُذاري آهي، پنهنجي ڌرتي ۽ قوم سان وفادار رهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، دلي ذهني ۽ روحاني طرح پارٽي ۽ مظلوم عوام سان لاڳاپيل رهيو آهيان، جڏهين کان شعور آيو، تڏهين کان جيڪو وچن ويڙهيچن سان ڪيو، اُن کي نڀايو آهي، اُنتي قائم رهيو آهيان، 1968ع کان مُحترم حيدر بخش جتوئي، سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو صاحب جن کي پنهنجو رهبر ڄاڻي جيئي سنڌ تحريڪ سان وابسته رهيو آهيان، ون يونٽ خلاف تحريڪ کان ابتدا ٿي، نيلام بند ڪريو، لسٽون سنڌي ۾ ڇاپيو، هارين جا حق ڏيو جي جلسن جلوسن ۾ شريڪ رهيس، حيدرآباد ۾ ٿيندڙ احتجاجن کان شروعات ٿي، سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۾ ٻه ڀيرا شريڪ ٿيس، سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ به ويندا رهياسين، 1975ع کان پوءِ جناب رسول بخش پليجو صاحب سائين جي ايم سيد جي ان نظريي سان اختلاف ڪري جدا ٿيا هئا، سائين جي ايم سيد جو فڪر هو ته في الحال صرف قومي جدوجهد ڪجي، پليجو صاحب اختلاف رکي جدا ٿيو ته قومي ۽ طبقاتي جدوجهد گڏوگڏ هلڻ گهرجي ان صورت حال ۾ اسان به مُحترم پليجي صاحب جي فڪر کي درست سمجهي اُن ساڻ وابسته رهڻ وارو رستو ورتو، سنڌي عوامي تحريڪ ۾ عملي طور شامل ٿي ڪم شروع ڪيو. اُن وقت پارٽي جا تعليمي ڪلاس ٿيندا هُئا، جن ۾ نظرياتي ڪتاب پڙهايا ويندا هُئا، باقاعدا ڪورس هوندو هو، ابتدا ۾ هلڪيون ڦلڪيون عوامي انقلابي ڪهاڻيون، چين، ويٽ نام ۽ روس جون ڪهاڻيون پڙهيون، پوءِ مائوزيتنگ، هوچي منهه، ڪارل مارڪس، لينن ۽ ڪم ال سنگ جا قول فڪر ۽ نظريا پڙهندا اُنهن کي سمجهندا ۽ تبصرا لکندا هئاسين، گورڪي جو ناول مان، قافلا شهيدون ڪا، دارو رسن ڪي آزمائش ۽ ٻين ڪتابن اسان جي دماغن جا ڪپاٽ کولي ڇڏيا هُئا، دنيا ۾ هزارن سالن کان اڄ تائين ڪهڙا نظام رائج رهيا، دنيا جي تاريخ، انقلابن جي تاريخ ۽ عظيم رهنمائن جي زندگي تي لکيل ڪتاب پڙهياسين، پڙهي اسان پڪا پخته ٿي، نظرياتي هٿيارن سان ليس ٿي، بٺيءِ مان پچي تيار ٿي نڪتاسين، مُنهنجو ڪاروبار ته فوٽو گرافي هو، پر اصل ۾ سارنگ فوٽو اسٽوڊيو پارٽي جو ٺڪاڻو به هو، جتي سڄي سنڌ مان ساٿي ڪارڪن ۽ ليڊر به ايندا هُئا، مونکي فخر آهي ته سارنگ اسٽوڊيو تي عظيم رهنمائن جو به اچڻ ٿيندو هو. محترم رسول بخش پليجو، سائين محمد ابراهيم جويو، شهيد محمد فاضل راهو، سائين عالم شاهه، ڊاڪٽر غفار قاضي، ڏاڏا قادر رانٽو، ماما عارب ڪيڙانو، جبل جاني، سائين شير خان لنڊ، محترم يوسف ڪيڙانو ۽ ٻيا ڪيئي ليڊر ڪارڪن ساٿي ۽ عالم اديب شاعر ۽ فنڪار به ايندا هُئا، اڪثر پارٽي جون گڏجاڻيون، تنظيمي ميٽنگون اسٽوڊيو اندر ٿينديون هيون، ڪيترين خفيه گڏجاڻين ۾ فاضل راهو، عالم شاهه ماما عارب به شريڪ ٿيندا هُئا، سنڌ ۾ هلندڙ تحريڪن دوران جلسن جلوسن ۽ احتجاجن جي رٿابندي ۽ حيدرآباد ۾ عملي ڪمن جي تياري سارنگ اسٽوڊيو ۾ ٿيندي هُئي، هتان ئي هدايتون اڳتي وينديون هيون، ٻين پاسان ايندڙ رپورٽون هتي اينديون هيون، پليجو صاحب وارا سينٽرل جيل ۾ هوندا هُئا، ته جيل مان هدايتون هتي اينديون هيون، جيل ۾ گهربل ڪتاب سامان وغيره هتان اچي جيل جا پوليس وارا کڻي اندر پهچائيندا هُئا، ان کان علاوه شهر ۾ پارٽي جو ڪم ۽ تنظيم سازي به ڪندا هئاسين، ٽنڊو ولي محمد ۽ ٽنڊو يوسف ۾ مضبوط تنظيم ۽ سرگرميون مثالي هيون، ان کان سواءِ تمام پارٽي فنڪشن، جلسن جلوسن جي فوٽو گرافي مان ڪندو هُئس، سڄي سنڌ ۾ جتي به پليجي صاحب جا پروگرام جلسا جلوس يا ريليون ٿينديون هيون، مان گڏ ويندو هئس، مان به قومي جذبن سان سرشار هُئس، وطن ۽ ماروئڙن جي خدمت ۾ خوشي محسوس ڪندو هُئس، حالانڪه شهرن ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃڻ ٿيندو هو، جتي راتيون به رهڻيون پونديون هيون، ڏاڍيون تڪليفون ۽ پريشانيون درپيش اينديون هيون، تمام گهڻي جاکوڙ ڪرڻي پوندي هُئي، مُنهنجي هر پروگرام ۾ اها ڪوشش هوندي هُئي ته پروگرام جو هر سين هر لمحو فوٽن ۾ قيد ڪريان ان لاءِ مان سر دهڙ جي بازي لڳائيندو هُئس، ڪنهن به جلوس يا ريلي کي سڄي فُل ۽ وڏي ڏيکارڻ لاءِ اڀ ماڙ بلڊنگس يا وڏن وڻن تي يا ٽرڪن مٿان به چڙهي ويندو هُئس، ڪيترا ڀيرا حادثا به پيش آيا ۽ ڏاڍا ڌڪ به لڳندا هُئا، هڪ ڀيري ته مرندي بچيس، زخمي ٿي پيس، اها تاريخي ريلي هُئي هزارين بيل گاڏين جي، جنهن جي قيادت محترم حيدر بخش جتوئي، جناب رسول بخش پليجو، محترم حفيظ قريشي ۽ سائين عالم شاهه جن ڪري رهيا هئا، اها بيل گاڏين جي ريلي بٺورو کان دڙي تائين نڪتي هُئي، جيڪا ميلن تائين ڊگهي هُئي، اُن کي مڪمل ڏيکارڻ لاءِ مان هڪ وڏي وڻ جي چوٽي تي چڙهي ويس، ٻه چار فوٽو مس ڪڍيا ته منهنجو پير ٿڙي ويو ۽ مان مٿان کان هيٺ ڪري پيس، ڏاڍا ڌڪ لڳا پر شڪر جو هڏ بچي ويا، پر مون پرواهه نه ڪئي اُٿي وري ڪم کي لڳي ويس، بس جوش ۽ جذبو هوندو هو ته اهڙيون تصويرون ڪڍان جو دنيا وارا ڏسن ته سڄي قوم اُٿي کڙي ٿي آهي، اسان جا رهنما تصويرون ڏسي خوش ٿين ۽ داد ڏين، پئسن يا معاوضي جو فڪر نه هو جو قومي انقلابي ڪم ٿي ڪيم. هڪ ڀيري شاهه پور چاڪر ۾ محترم رسول بخش پليجو صاحب ريلي جي قيادت ڪري رهيا هُئا، ليڊر ٽرڪ مٿان بيٺل هُئا، مان ٽرڪ جي اڳيان کان پليجي صاحب وارن ڏانهن مُنهن ڪري اُبتو پوئتي هٽندو ويس، فوٽو ڪڍندو ته پويان ڪا کڏ هُئي، جنهن ۾ وڇي ڪريس، پليجي صاحب ڏٺو پي، مون کي ڪرندو ڏسي هو به پريشان ٿي ويو، مان ته فورن ڪپڙا ڇنڊي اُٿيس ته پليجي صاحب مونکي سڏ ڪيو ۽ خيريت پُڇي ته ڌڪ ته ڪو نه لڳو، ڌڪ معمولي هُئا، مون چيو ته سائين خير آهي، اهڙي طرح هڪ جذبي سان سالن جا سال پارٽي قوم ۽ وطن جي خدمت ڪندو رهيس، ظاهر آهي ساٿين وٽ پئسا ڪو نه هوندا هُئا، فوٽو به ڪو نه کڻندا هُئا، صرف اخبار ۽ پريس لاءِ ٻه چار ڪاپيون کڻي ويندا هُئا، باقي تصويرون مون وٽ گڏ ٿينديون رهنديون هيون، پوءِ جڏهين 1998ع ۾ سارنگ اسٽوڊيو بند ڪيم ته ٻه ٻوريون فوٽن جون هيون، جيڪي مون کڻي گهر تي رکيون، اهو پارٽي جو رڪارڊ هو، انهن کي گهڻو ئي مون ۽ مُنهنجي زال سنڀاليو پر هڪ ڀيري زبردست برسات پئي، اُن ۾ اسان جي فرنيچر ۽ سامان سان گڏ اُهي ٻئي ٻوريون به پاڻي ۾ پُسي خراب ٿي ويون، جنهن جو مون کي ڏاڍو ڏُک ٿيو هو......
1998ع ۾ هارڊ اٽيڪ کانپوءِ سارنگ اسٽوڊيو ختم ڪيم ۽ اسان به لڏي مبارڪ ڪالوني هليا آياسين، مون کي ٻارن فوٽو گرافي جو مشڪل ڪم ڪرڻ نه ڏنو پر پارٽي جي حيدرآباد ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندا رهياسين، مبارڪ ڪالوني ۾، مان غلام حيدر بابل، ڊاڪٽر گُلزار جماڻي ۽ ذوالفقار کوساڻي، جيڪي پُراڻا ساٿي هُئاسين، ڪم ڪندا رهياسين ٻه ٽي ڀيرا محترم رسول بخش پليجو صاحب کي گهرايوسين، جناب اياز لطيف پليجو 2013ع جي اليڪشن ۾ بيٺو ته اسان به زبردست ڪم ڪيو، اياز جون ڪارنر ميٽنگ ڪرايون، چانهه پارٽيون ڪيون ۽ بلديه جي پولنگ تان اياز کٽيو هو، ان کانپوءِ تازو 2015ع ۾ بلدياتي اليڪشن ٿيا ته محترم اياز لطيف مون کي ٽڪيٽ ڏني چيئرمين جي سيٽ جي پر مَنهنجي صحت اجازت نه ڏني ۽ مون معذرت ڪئي ته اياز مونکي چيو ته غلام علي سائين اسانکي سياست ۾ توهان آندو هاڻ وري پاڻ پوئتي ٿا هٽو، مون چيو ته سائين اسان سڀ گڏ آهيون ۽ هميشه ساٿ رهندو. پوءِ غلام حيدر بابل کي ٽڪيٽ ڏني، ڪراچي ۾ صفوران ڳوٺ وارو واقعو جنهن ۾ طالبان 45 اسماعيلين کي شهيد ڪيو ته سڀني کان اڳ هميشه جيان اياز لطيف پليجو صاحب احتجاج لاءِ ٻاهر نڪري پوري هفتي لاءِ علامتي بک هڙتال جو اعلان ڪيو، پريس ڪلب تي بک هڙتال ۾ اسان اسماعيلي به وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿياسين، اياز صاحب مبارڪ ڪالوني ۾ اچي اسماعيلي ليڊرن سان عذر خواهي ۽ همدردي ڪئي هُئي. هن وقت مُنهنجي عمر ستر 70 سال کن ٿيندي، 45 سالن کان مان پارٽي سان وابسته رهيو آهيان، مون کي فخر آهي ته اڌ صدي دوران لمحي لاءِ به پارٽي ۽ پليجي صاحب کان جُدا نه رهيو آهيان، تنظيم ۽ ليڊر شپ لاءِ عشق ۾ ڪمي نه آئي آهي. مون ڪڏهين بيوفائي جي باري ۾ سوچيو ئي ناهي، انهي دوران ڪيترائي ساٿي آيا ۽ ويا، مُنهنجي اڳيان نوان ڪارڪن آيا، سرگرم ٿيا، وڏي مقام تي پُهتا، پر پوءِ پنهنجي غلطين ۽ انائن جو شڪار ٿي واپس هليا ويا، ڪيترا عظيم پيارا ليڊر ۽ ساٿي گُذاري ويا، شهيد فاضل راهو، ڊاڪٽر غفار قاضي، يوسف ڪيڙانو، جبل جاني، حڪيم هاليپوٽو، شير خان لنڊ فيروز علي خواجه ۽ ٻيا جيڪي عظيم ماڻهو هئا، پر حياتي وفا نه ڪئي.
مون کي خوشي ۽ اطمينان آهي ته مان ڪڏهين به پارٽي ۽ رهنما سان غداري نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪڏهين مايوس ۽ دل برداشته ٿي ويٺس ۽ نه ڪڏهين دل ۾ مير آيو، ها ڪجهه پارٽي پاليسين ۽ فيصلن سان اختلاف رهيو پر پارٽي ليڊر شپ لاءِ محبت ۽ عقيدت هميشه قائم رهي، اهو ئي سبب آهي جو محترم رسول بخش پليجو صاحب مون کي هميشه پيار ۽ عزت ڏيندو رهيو، محترم اياز لطيف پليجو صاحب جڏهين به مليو آهي مُحبت ۽ عزت سان ملندو آهي. مُحترم اياز لطيف اڪثر موقعن تي اسان جي عزت افزائي ڪئي آهي، ڀريل جلسن ۾ يا گڏجاڻين ۾، اسان ڏانهن اشارو ڪري نالو کڻي چوندو آهي ته هي بزرگ آهن، جن اسان جي تعليم ڪئي آهي، هنن اسان کي سياسي رستي تي آڱر کان جهلي هلڻ سيکاريو آهي، اياز سائين چوندو آهي ته هي اسان جا سياسي استاد آهن، سچ ته ليڊرن طرفان اهڙو مان ۽ عزت اسان لاءِ وڏو اعزاز آهي، رهنما طرفان اهڙن خيالن سان اسان جو ڪنڌ فخر سان بُلند ٿي ويندو آهي ۽ محسوس ٿيندو آهي ته اسان جي زندگي سجائي ٿي آهي، قيادت طرفان اهو مرتبو اسان لاءِ وڏو سرمايو آهي، وڏو خزانو آهي، جيڪو دنيا وي مال ملڪيت کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ قيمتي ۽ انمول آهي، جيڪو اسان پنهنجي نيڪ عملن سان، سچائي ۽ عشق سان ڪمايو آهي، جيڪو اسان کي تاريخ ۾ هميشه زنده رکندو.
اڄ به سڄي سنڌ جا پارٽي ليڊر ۽ پُراڻا ساٿي عزت ڪندا آهن، جڏهين به ملندا آهن ڏاڍي قرب سان ملندا آهن، هر پروگرام جي دعوت ڏيندا آهن، ويندا آهيون ته اڳيان عزت سان ويهاريندا آهن. اڃا به محترم اياز لطيف پليجو، محترم سائين عالم شاهه، جناب ماما عارب ڪيڙانو ۽ ٻيا، ڪڏهين ڪڏهين اسان جي گهر تي هلي ايندا آهن، محترم سائين عالم شاهه صاحب، صحت ٺيڪ نه هوندي به مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا مون وٽ گهر ضرور ايندا آهن، مان به سائين جن جي مزاج پُرسي ڪرڻ ۽ مَڇي جو ڀت کارائڻ لاءِ کڻي ويندو آهيان، ڇاڪاڻ ته هميشه کان سائين ۽ سائين جي شريڪ حيات مرحومه، اسان جي گهر جو رُڌل مڇيءِ جو ڀت ۽ ٻوڙ ڏاڍو پسند ڪندا رهيا آهن ۽ جڏهين مرحومه حيات هُئي ته تڏهين اڪثر سائين فون ڪري چوندو هو ته بابا سڀاڻي آئون ۽ تنهنجي ڀاڀي اينداسين، مَڇي جو ڀَت کائڻ، اهو به اسان لاءِ وڏو اعزاز هو، هنن عظيم ليڊرن طرفان اڃا به هر پندرهين ويهين ڏينهن سائين پنهنجي فرزند، سيد رضوان علي شاهه کي چوندو آهي ته اڄ مون کي غلام علي وٽ وٺي هُل، اُن وٽ مون کي سڪون ٿو ملي ۽ مون کي چوندو آهي ته تو وٽان مون کي سچو پيار ملندو آهي، منهنجي دل چوندي آهي توهان وٽ اچڻ لاءِ، تون سچو ماڻهو آهين، تنهنجي مُحبت ۽ عقيدت سچي آهي. جناب رسول بخش پليجو ۽ شهيد فاضل راهو کان پوءِ سائين عالم شاهه صاحب سنڌ جو سچو محب وطن ۽ وفادار رهنما آهي، جنهن کي عوامي انقلابي تاريخ هميشه سُنهري اکرن ۾ ياد ڪندي، اهڙي عظيم ليڊر جي مون ناچيز لاءِ محبت ۽ عزت مُنهنجي زندگي جي سڀ کان وڏي حاصلات آهي ۽ سرمايو آهي.
شايد اهڙن ئي انسانن لاءِ ڀٽائي صاحب چيو آهي:
”مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرين کي“