آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو: ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. ...“
Title Cover of book فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

راتين جا رولاڪ، دوستن سان گڏ سير سفر

راتين جا رولاڪ، دوستن سان گڏ سير سفر
بادشاهن، حڪمرانن، وزيرن ۽ سفيرن جو آستان ”مڪلي“

هڪ ڀيري پروگرام ٺاهيوسين ته مڪلي هلجي ۽ چانڊوڪي رات ۾ مڪلي جو قبرستان گُهمجي، چوڏهين رات جو اسان ڇهه ست دوست موٽر سائيڪلن تي شام جو روانه ٿياسين، نور احمد، عاشق علي، حميد جعفري، سليم، نيزار علي، حسن علي ۽ مان، اسان نما شام جو مڪلي پُهتاسين موٽرسائيڪلون گيٽ وٽ آفيس تي بيهاري اسان پنڌ گهمڻ جو ارادو ڪيو، ڳاڙهو لال وڏو چنڊ ڏکڻ اوڀر کان اُڀرڻ لڳو ۽ اسان آس پاس جي مقبرن، ڇٽين ۽ رائينڪن کي ڏسندا اڳتي وڌياسين. مغل حاڪمن جي گورنرن ۽ وزيرن ۽ سفيرن جون مزارون مڙئي بهتر حالت ۾ هيون. مرزا باقي بيگ، مرزا جاني بيگ ۽ ٻين حاڪمن جو مزارون بهترين حالت ۾ شاندار ٺهيل هُيون، گلابي ۽ نيري پٿر جون ٺهيل مزارون ۽ ڇٽيون ڏاڍيون خوبصورت هيون، باقي اڪثر مزارون پراڻيون ڀڳل ٽُٽل حالت ۾، ڪي ته بلڪل کنڊر بڻيل هيون، جن ۾ اندر گهڙندي ڊپ پيو ٿئي. نانگ بلائن جو خوف به هو. اسان وٽ هڪ ٽارچ هُئي، سو هڪ کنڊر جي در وٽ بيهي جيئن اندر لائٽ لڳائي، اوچتو ڦڙ ڦڙ ڪري چمڙا ۽ ڪبوتر اسان جي مٿان اڏري ويا، اسان گهٻرائجي هٽياسين.
اسان دوست کل ڀوڳ ڪندا، مُغل حاڪمن تي تبصرا ڪندا اڳتي وڌندا رهياسين.ٻه اڍائي ڪلاڪ اسان مٽرگشت ڪندا آزاد سنڌ جي عظيم بهادر رهنما ڄام نظام الدين سمون جي شاندار مُقبري جي سامهون اچي بيٺاسين، آدهي رات هُئي چنڊ به هاڻ پورو گول، پنهنجي پوري جوبن تي روشن هو. اڇي کير جهڙي چانڊوڪي سنڌ جي هن عظيم حاڪم جي مقبري مٿان مينهن وانگر وسي رهي هُئي، اسان جڏهين ويجهو وڃي مزار جي ٻاهران پٿر جي ديوارن کي ڏٺو ته دنگ رهجي وياسين، پٿر جي سرن تي ڇا ته شاندار فنڪاري نقش نگاري ڪئي وئي هُئي. بهترين جا ميٽريڪل ڊزائن هُئا. ڪٿي وري گُل ٻوٽا، پن ۽ وليون، پنن تي نسون، ڪيترو نه باريڪ ۽نازڪ ڪم هو، اهو به پٿر تي ٿيل، هٿوڙي ۽ ڇيڻي سان ٽُڪ جو ڪم، وري ايڏو نزاڪت ۽ صفائي سان جو حيرت وٺيو وڃي. اعتبار نه اچي. آخر ڪيئن ايڏو نازڪ ڪم ڪهڙن فنڪارن ۽ ڪاريگرن ڪيو هوندو. پٿر جي سر تي هڪ به غلط ڌڪ يا وائڙي چوٽ، اُن ٽڪر کي ٽوڙي سگهي ٿي، جنهن کي وري جوڙڻ به ناممڪن پر هتي ڪنهن به عيب کان سواءِ، خوبصورت فن جا نمونا صدين کان موجود آهن. پر انهن فنڪارن جو ڪو به نالو نشان ڪو نه هو، جن جي ماهر هٿن هي فن پاراه تخليق ڪيا هئا. شيخ اياز صحيح لکيو آهي ته سڀ کان وڏي دانشمندي اها آهي ته خلق ڪري خالق پاڻ گُم ٿي وڃي. پر ڏسڻ وارا باذوق ماڻهو انهن گم نام فنڪارن کي به هميشه داد ڏيندا رهندا. مقبري جي دروازي مٿان ٻاهران پٿر جي گول پيلرن تي ٻاهر نڪتل خوبصورت گيلري ۽ اُن مٿان شاندار ڇٽي هُئي. اسان وڏي شاهي دروازي مان اندر داخل ٿياسين، هن عظيم حڪمران جي شاندار مزار ۾ هڪ وڏي ڪمي رهجي ويل هُئي. حالانڪه هن جي چئني طرفن مڪمل چار ديواري مٿي تائين پوري تزعين و آرائش سان برابر هُئي، پر ڇت مٿان گول قبو ڪو نه هو، قبي واري گول جاءِ خالي ۽ کُليل هُئي، جنهن مان آسمان نظر ٿي آيو. مطلب ته ٻي سڄي عمارت مڪل هُئي صرف آخري ڪم ان مٿان قبو ٺاهڻ کان رهجي ويو هو. تاريخ ۾ لکيل آهي ته ڄام نظام جي وفات کان پوءِ وزير يا امير اهو مقبرو ٺهرائي رهيو هو، اُهو به وفات ڪري ويو ته پويان، ڄام نظام جو نالائق ۽ بزدل فرزند ڄام فيروز، پنهنجين نااهلين، غلطين ۽ بزلدين جي ڪري پريشان رهيو ۽ هي مقبرو مڪمل ڪرائي نه سگهيو. بهرحال اسان جيئن ئي مزار ۾ داخل ٿياسين ته هڪ عجيب منظر سامهون هو. چئني پاسن اوندهائي هُئي. صرف وچ ۾ ٻن وڏين شاهاڻين قبرن مٿان، (انهن مان هڪ ڄام نظام جي قبر هُئي. چانڊوڪي ائين وسي رهي هُئي جهڙوڪر نُور جي تجلي خاص انهن قبرن مٿان پئي وسي. مٿان کُليل ڇت جي گول دائري مان چانڊوڪي جو گول دائرو خاص انهن ٻن قبرن تي، سنڌ جي سخي ڄام سردار جي مرقد تي، جهڙوڪر نُور جي بارش ٿي رهي هئي. ٻه ٽي قبرون ڪُنڊ ۾ به هُيون، اندرين پاسي پٿر جي ديوارن تي اهڙو ئي شاندار ڪم ٿيل هو، چئني ديوارن ۾ خوبصورت جهروڪا معرابي ڇٽين سان هُئا، چراغ رکڻ لاءِ ننڍا پٿر جا جهروڪا به ديوارن ۾ هُئا، پنج فٽ ٿليون ديوارون پٿر جون هيون، دروازي مان داخل ٿيندي کاٻي هٿ کان ديوار جي وچمان هڪ پٿر جي سوڙهي چاڙهي مٿي ڇت ڏانهن ٿي وئي. اسان ان سيڙي تان چڙهي مٿي ڇت تي آياسين، مٿي اٺ فٽ ڇت چئني پاسن کان هُئي، وچ ۾ گول قبي واري جاءِ کُليل هُئي، جتان قبرون نظر ٿي آيون، چانڊوڪي هيٺ قبرن کي روشن ڪري رهي هُئي، اسان ڄام نندي جي مزار مٿان بيهي جڏهين چئني پاسي نظر ڪئي، ته مزارن، مقبرن، ڇٽين، کنڊرن ۽ قبرن جو اُداس چانڊوڪي ۾ عجيب اُداس منظر هو. پري جا منظر نظر ٿي آيا. مڪمل خاموشي ۾ پري کان ڪُتن جي ڀونڪڻ جا آواز ٿي آيا. اسان سڀ اُتي مٿي ڇت تي اجرڪون وڇائي ويٺاسين. آزاد سنڌ جي هن عظيم بهادر حڪمرانن کي ياد ڪرڻ لڳاسين، ته ڪيئن ڄام نظام الدين سمي جي دور حڪمراني ۾ سنڌ هڪ آزاد خودمختيار ۽ خوشحال مُلڪ هو. سخي سمي ڄام جي سخاوتن ۽ عوام سان مُحبتن جو ذڪر ڪيوسين. ڄام نظام جي بهادر ڪمانڊر جنرل دولهه درياهه خان کي ياد ڪري کيس خراج پيش ڪيوسين ته هن ڪيئن ست ڀيرا حملو ڪري ايندڙ ڌارين دشمنن کي شڪست ڏني، جڏهين به ڪا ڌاري فوج سنڌ تي حملو ڪرڻ لاءِ ايندي هُئي تڏهين دولهه درياهه خان سنڌ جي سرحدن تي ئي انهن کي شڪست ڏئي ماري ڀڄائي ڇڏيندو هو، دشمن جي ناپاڪ قدمن کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ئي ڪو نه ڏيندو هو... ڄام نظام ۽ دولهه درياهه خان جي وفات کان پوءِ ڄام فيروز جي نااهلين ۽ بزدلين جي ڪري سنڌ وري غلام بڻجي وئي هُئي... نور احمد ۽ حميد شاهه لطيف جا شعر ٻُڌايا، سخي ڄام سردار تي چيل شاهه جو ڪلام ٻُڌوسين.
رات جو ٻين بجي اسان هيٺ لٿاسين ته ڄام جي مزار جي سامهون چارديواري جي اندر دولهه درياهه خان جي قبر هُئي، سنڌ جي هن بهادر جنرل جي قبر مٿان ڪو قبو يا مزار نه هُئي ۽ نه هي ڪا ڇٽي هُئي نه، اُس يا برسات کان بچاءُ لاءِ ڪجهه هو، چار ديواري اندر وچ ۾ هڪ قبر هُئي. قبر پٿر جي چوڪنڊي قبرن جهڙي خوبصورت هُئي. اُنتي به شاندار فنڪاري ٿيل هُئي. هڪ پاسي گهوڙي سوار جي تصوير اُڪريل هُئي، ٻي پاسي تلوار، قبر مٿان سيراندي کان پڳ هُئي. افسوس اهو هو ته، مغل ۽ ترخان گورنرن ۽ وزيرن جا ته عاليشان مقبرا ٺهيل هُئا، پر سنڌ جي هن عظيم ڪمانڊر جنرل جي قبر مٿان ڪو به قبو ڪو نه هو، بحرحال اسان سڀني پنهنجي هن وطن پرست محافظ جنرل کي عزت ۽ احترام سان خراج عقيدت ۽ سلام پيش ڪيو ۽ واپس ٿياسين، ٺٽي شهر ۾ اچي ناشتو ڪيوسين، ٺٽي جي عروج کي ياد ڪيوسين ۽ پڻ سرمد کي ساريوسين، جيڪو ٺٽي آيو هو ۽ ٺٽي جي حُسن تي عاشق ٿيو هو. سرمد ۽ سندس دوست مُغل شهزادي ۽ وارث تخت، دارا شڪوع، ٻنهي جي دردناڪ قتل تي افسوس ڪندا ۽ سرمد جي آخري رباعي پڙهندا، جڏهن هن جو سر اورنگ زيب جي حڪم تي ڌڙ کان ڌار ڪيو پئي ويو:
شوري شد از خواب عدم چشم کشيديم،
ديديدم که باقيست شب فتنه عنوديم،
(هُل ٿيو، مون عدم جي خواب مان اک کولي، ڏٺم ته فتني جي رات اڃان باقي آهي، آئون وري سمهي پيس.)
واپس روانه ٿياسين، واٽ تي، ڪينجهر ۽ نوري نماڻيءِ کي پري کان پرنام ڪندا، حيدرآباد پهتاسين.