آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو: ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. ...“
Title Cover of book فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

”منهنجا وڏا، منهنجو خاندان“

مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آئون پنهنجي جيوت ڪٿا جو آغاز ڪيئن ۽ ڪٿان ڪريان!
هي نه ته ڪو تاريخ جو ۽ نه ئي ڪوئي اسڪولن ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارو نصابي يا درسي ڪتاب آهي جنهن ۾ حاڪمن ۽ حڪمرانن جي پئدائش جا سنه ۽ سال، عشقن، عاشقين ۽ عياشين جا داستان، جنگين، اڳراائين، ڪاميابين، ناڪامبين، سازشن ۽ غدارين جا ڪوڙا سچا بيان ۽ درٻاري مورخن جا هٿ ٺوڪيا اعلان هجن. ڪتاب جو ليکڪ نه ته انگريزي محاوره مطابق وات ۾ سونو چمچو وجهي پئدا ٿيو آهي ۽ نه ڪي علم و ادب جي کيتر ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. البته لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪچو پڪو سلسلو نو عمري واري دور کان ئي شروع ٿيو، جنهن جي شروعات 1967ع ۾ ڊائري لکڻ سان ٿي، ان ئي دور ۾ دوستن ۽ محبوبائن کي رومانوي ۽ ادبي خط پڻ لکيا ۽ ٿر جو سفر به لکيو جيڪو هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيو.
بهرحال هي هڪ عام انسان جنهن کي پنهنجي ٻولي، سڀيتا ۽ قوم سان عشق آهي ۽ ان جون ڪجهه ساروڻيون آهن، جنهن لاءِ ڪنهن فارسي شاعر چيو آهي ته ” گائي گائي باز خوان اين قصئه پارينه را“ (ڪڏهن ڪڏهن انهن وسري ويل قصن کي به ورجائڻ گهرجي) گذري ويل وقت کي واپس ته نه ٿو ورجائي سگهجي پر انهن قصن، گذريل وارتائن ۽ ساروڻين کي ورجائي هڪ سڪون ضرور حاصل ڪري سگهجي ٿو، باقي جيوت جي هن حڪايت کي ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪجي، ان لاءِ هڪ شاعر ڏاڍو سٺو چيو آهي ته
”سني حڪايت هستي تو درميان سي سني،
نه ابتدا کي خبر هي نه انتها معلوم“.
ننڍي کنڊ جي سڀ کان وڏي ليکڪا قرت العين حيدر لکيو آهي ته ”مون کي پنهنجو احوال لکڻ کان اڳ ۾ پنهنجي سموري خاندان جو احوال به لکڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته آئون انهن کان ڪا الڳ يا جداگانه هستي نه آهيان.
آئون به پنهنجي وڏڙن ۽ خاندان کان ڪو جدا يا الڳ وجود نه ٿو رکان، ان ڪري پنهنجي احوال کان الڳ پنهنجن وڏڙن ۽ خاندان جي ذڪر سان جيوت جي هن ڪٿا جو آغاز ڪريان ٿو. غالب جي لفظن ۾:
(آج هم اپني پريشاني خاطر اُن سي ڪهيني جاتي تو هين پر ديکهيي ڪيا ڪهتي هين“)
ست سئو سال کن اڳ، اسان جو اصل نسل ٿر سان وابسته رهيو آهي، رامڪي بازار جا اصلي سنڌي، لوهاڻا هئاسين، ڇهه سئو سال اڳ ايران مان آيل مُبلغن داعين ۽ پيرن هتي اچي تبليغ ڪئي ۽ اسان جي بزرگن کي شيعه امامي اسماعيلي مسلمان ڪري، اسلام جي دائري ۾ آندو. اٽڪل پنج سئو سال اڳ، ٿر ۾ ڏڪارن ۽ بُک کان بيزار ٿي اسان جي بزرگن هجرت ڪئي ۽ ٺٽي ضلعي جي پراڻي ڳوٺ سونڊن ۾ اچي رهيا. غريب هاري پورهيت هئا، برساتن تي ٻنيون پوکيندا هئا. ڏيڍ ٻه سئو سال سونڊن ۾ رهيا، ياد رهي ته سونڊا نالو سُر سونڊر مان نڪتل آهي. ڪنهن تاريخ دان لکيو آهي ته هتي هڪ موسيقار رهندو هو. جنهن کي جهنگ مان گدڙ يا بگهڙ جي سُڪل آنڊي واري تار جهڙي ڪا شئي ديوين جي ٻوڙهن ۾ چُهٽيل نظر آئي، جنهن کي جڏهن هوا ٿي لڳي ته اُن مان هڪ عجيب سُريلو آواز ٿي اُڀريو. پوءِ ان همراهه اُنهن آنڊن مان تار جو ساز ٺاهيو، جيڪو ايڏو ته سُريلو هو جو ملڪ ۾ مشهور ٿي ويو. ان ڪري پوءِ اُن ڳوٺ جو نالو سونڍا پئجي ويو. اُهو پُراڻو سونڊا هاڻ ڪينجهر ڍنڍ ۾ ٻڏي غرق ٿي ويو آهي. هاڻ جيڪو سونڊا آهي اهو نئون سونڊن جو شهر آهي. جيئن ته ٺٽو دارالحڪومت هو، جتي اڪثر ڌارين فوجن جا حملا ٿيندا رهندا هئا. حملي آور آس پاس جي شهرن ۽ ڳوٺن مان به ڦُرلٽ ڪندا هئا. نوجوان ۽ سهڻين عورتن کي به کڻي ويندا هُئا. اسانجي ڏاڏي ٻُڌائيندي هُئي ته، اسان جي بزرگ عورتن ٻڌايو ته اغوا جي خوف کان بچڻ لاءِ، جڏهن ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ وينديون هيون سين ته مُنهن ۽ ٻانهن تي ڦليار يا مٽي مَکي پوءِ وينديون هيوسين ته جيئن خوبصورت نه نظر اچون، اُنهي مُصيبت جي ڪري اسان جي بزرگن سونڊن مان هجرت ڪئي. اٽڪل ٽي سئو سال اڳ، انهن سنڌي اسماعيلين جي سوين خاندانن هجرت ڪئي، جيڪي بدين، تلهار، جهڏو، ٽنڊو باگو، ڏندو، ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد ۾ آباد ٿيا. اسان جا بُزرگ ڏندي شهر ۾، جنهن کي هاڻ پلهه اسٽيشن ٿا چون. ڦليلي ڪناري ڳوٺ ٺاهي اچي رهيا. جيئن ته هي هاري پورهيت هُئا، سيدن جي جاگير تي چار آني جا سرڙيا هاري هوندا هُئا تقريبن ٻه سئو سال اُتي رهيا. پوءِ جڏهن ڏندي ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي، ڪُڙم به وڌيو ۽ گذر سفر تنگ ٿيڻ لڳو، تڏهن ڏيڍ سئو سال اڳ، اسان جو ڏاڏا حُسيني خواجه ۽ سندس ننڍو ڀاءُ راڻو خواجه حيدرآباد هجرت ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. ٻئي نوجوان هُئا. تازي شادي ٿي هين، هڪ ٻه ٻار به هُئا، اول ٻارن کي وٺي ٽنڊي محمد خان آيا، جتي مائٽن ۾ ٻار ڇڏي ٻئي ڀائر حيدرآباد آيا، اسان جو ڏاڏو ٻڌائيندو هو ته اسان ٻئي ڀائر جڏهين حيدرآباد جي مسافر خاني ۾ اچي پهتاسين تڏهين اسان وٽ کيسي ۾ صرف چار آنه هُئا. ماني جماعت خاني وارا کارائيندا هُئا. حيدرآباد جو هڪ امير اسماعيلي زميندار ۽ وڏو واپاري سيٺ وارث ڪريم خواجه هو، جنهن جون زمينون، ڪاري موري ۽ ڍولڻ داس باغ تي به هُيون. ڪجهه مهينا انهن سيٺ وٽ مزدوري ڪئي. پوءِ چار آني وارا سرڙيا، هاري ٿيا. تڏهين ڦليلي تي هڪ خواجن جي غريباڻي ويڙهي ۾ ٻه ڪوٺيون مسواڙ تي وٺي، ٽنڊي مان، ٻيڙيءَ ذريعي ٻار ۽ مال اسباب کڻي حيدرآباد اچي رهيا.
حُسيني ۽ راڻو ٻئي ڀائر محنتي هُئا. ان ڪري جلد ئي پنهنجا ڍڳا گاڏي وٺي اڌ جا هاري ٿيا. ڏاڏا حُسيني جا پنج پُٽ ۽ پنج ڌيئر هيون، راڻي کي هڪ پُٽ هڪ ڌيءَ هئي. پٽ وڏا ٿيا ته هنن زمينون مقاطعي تي کنيون، پوءِ جڏهين 1935ع ۾ بيراج ٺهيو، تڏهين انگريزن هارين کي سستي اگهه ۽ سوئلين قسطن تي زمينون ڏيڻ شروع ڪيون. ڪن کي پنج ايڪڙ، ڪن کي ڏهه ايڪڙ وڏين فئملين کي پنڌرهن ويهه ايڪڙ الاٽ ڪندا هُئا. ڏاڏا وارن به کڻتون کنيون، حيدرآباد لڳ انڌي جي موري، شاهه بخاري ديهه ٻراهم ۾، سئو کن ايڪڙ ٻنهي ڀائرن کي ملي. ڏاڏا ٻڌايو ته انگريز زمينون صرف حقيقي محنت ڪش هارين کي ڏيندا هئا. انهن جا انٽرويو پاڻ ڪندا. هارين جا هٿ ڏسندا هئا ۽ هٿن ۾ سوئي هڻي پرکيندا هُئا ته واقعي هٿ هاري آهي. اسان جو والد قربان علي خواجه ڏاڏا جو ٻيو نمبر وڏو پٽ هو بابا مڙئي پنج ڇهه درجا اسڪول پڙهيو هو. ان ڪري هو ٻنين تي ڪم ڪو نه ڪندو هو، زمينن تان جيڪو مال ايندو هو، گاهه پٺو، سبزيون وغيره اهو شهر ۾ سپلاءِ ڪندو هو. مارڪيٽ ۾ واپارين سان، پئسن جي لين دين حساب ڪتاب بابا رکندو هو. ڏاڏا جي مرضي هُئي ته بابا جي شادي پنهنجي ننڍي ڀاءُ راڻي جي اڪيلي نياڻي سان ڪرائي. پر بابا جو عشق، هنن جي هڪ غريب مائٽ، ڪريم بخش جي نياڻي خديجه ٻائي سان هو. ڪريم بخش جي مارڪيٽ ۾ گاهه جي پڙي به هُئي جتي بابا جن گاهه لوسڻ ڏيندا هُئا ۽ شام جو بابا پئسا وٺڻ هنن جي گهر به ويندو هو، جتي امان سان هن جو نيهن اٽڪي پيو.امان خديجه بيحد خوبصورت، اڇي ڳاڙهي هوندي هُئي ۽ بابا به سهڻو جوان ۽ عاشق مزاج هو. 1942ع ۾ شادي ٿي. اسان جو نانا ڪريم بخش جنهن کي سڀ نانا ڪرمي چوندا هُئا. انتهائي سادو درويش صفت ماڻهو هو. اُن کي به ڏاڏا ست ايڪڙ زمين جي کڻت کڻائي ڏني هُئي. نانا جا ٽي پُٽ ۽ ٽي ڌيئر هيون. وڏي امان خديجه، ٻيو نمبر امينا، جنهن جي شادي تلهار جي اٺ ڏهه ايڪڙ زمين واري چاچا غلام علي گولو خواجه سان ٿي. ٽيون نمبر ننڍي روشن، جيڪا ناني جي وفات وقت چار پنج سالن جي هُئي، ان کي امان بابا پاليو. اسان کان چار پنج سال وڏي هُئي. اسان گڏ ئي ننڍي مان وڏا ٿياسين. روشن جي شادي به امان بابا تلهار جي هي هڪ معزز سُرنڌيء واري خاندان جي نوجوان نور احمد خواجه سان ڪرائي. بابا امان کي پهرين نياڻي پيدا ٿي. اسان جي وڏي ڀيڻ شاهه سُلطانه، ٻيو نمبر مان غلام علي پيدا ٿيس، 1948 ۾. منهنجو جنم هيرآباد حيدرآباد ۾ ٿيو. 1947ع ۾ ورهاڳو ٿيو هو. مان جڏهين پئدا ٿيس، اُن وقت برصغير ۾ تاريخ جي وڏي اُٿل پُٿل ٿي رهي هُئي. هندستان تازو تقسيم ٿيو هو. انڊيا ۽ پاڪستان ٻه رياستون وجود ۾ آيون هيون، ڀارت ۽ پاڪستان ٻه ملڪ جيڪي مذهبي بنيادن تي وجود ۾ آيا. سڄي هندستان ۾ هندو مُسلم فسادن ۾ وڏي خون ريزي ٿي. لکين ماڻهن کي رت جي درياهه مان گذري، پنهنجو وطن، پنهنجا ماڳ، گهر گهاٽ ڇڏڻ تي مجبور ٿيڻو پيو. انهي زبردست افراتفري، خون ريزي ۽ خوفناڪ دور ۾مان پئدا ٿيس، مون کي امان ٻُڌايو هو ته ابا تون جڏهين ڄائو هُئين، تڏهن هتي زبردست خوف و حراس هو. حملا، قتل، ڦُرلٽ ۽ باهيون لڳائڻ جا واقعا ٿي رهيا هئا. شهر ۾ ڪرفيو لڳندو هو. واڻيا ويچارا مجبورن انڊيا وڃي رهيا هُئا. امان ٻُڌايو تون مهيني جو هُئين، تو لاءِ کير ختم ٿي ويو هو، تون ڏاڍو روئي رهيو هُئين، پوءِ جڏهين شام جو ٿوري دير لاءِ ڪرفيو کوليو ويو ته وري گهوڙ گهمسان شروع ٿي ويو، حملا ۽ باهيو ڏيڻ لڳا هُئا. ان حالت ۾ تنهنجو ننڍو ماما صدر الدين تنهنجي لاءِ کير وٺڻ ويو هو، ڪافي دير ٿي وئي پر هُو ڪو نه وريو، ڪرفيو به لڳڻ وارو هو، روڊن ۽ گهٽين ۾ پوليس سيٽيون وڄائي رهي هُئي. پري کان نعرن ۽ ٺڪائن جا آواز اچي رهيا هُئا. اسان سڀ پريشان هئاسين، ڪرفيو لڳڻ جا اعلان ٿي رهيا هُئا. صدرو اڃا ڪو نه آيو هو. اوڏي مهل ٻاهر گوڙ ٿيو پوليس وارا سيٽيون وڄائي هڪلون ڪري رهيا هُئا اوڏي مهل دروازي تي زور زور سان ڌڪ جا آواز ٿيا، اسان خوف زده ته خبر ناهي ڪير آهن، ڊپ ۾ ڪير دروازو نه پيو کولي. تيستائين ناني رڙ ڪري چيو اڙي منهنجو صدرو آهي، در کوليو، نانا در کوليو ته صدرو ڌڙام سان اچي اندر ڪريو، هن جي مٿي مان رت ٿي ويو پر هٿ ۾ کير جو لوٽو هُئس، صدرو ٻڌايو هن تي مسلم فسادين هندو سمجهي حملو ڪيو، آئون ڊوڙي ڀڳس ته هنن پٿر هنيا هڪ پٿر مون کي لڳي ويو. سو اهڙي دور ۾ مان پئدا ٿيس، امان ٻڌائيندي هئي ته جڏهين واڻيا مجبورن لڏي رهيا هُئا تڏهين ويچارن جي ڏاڍي رحم جوڳي حالت هُئي. پنهنجا ڀريل تريل گهر حويليون ۽ ماڙيون ڇڏي وڃي رهيا هُئا، واڃاڻيون ۽ عاملياڻيون، وڏن خاندانن جون عورتون اسان وٽ اينديون هيون، منٿون ڪنديون هيون ته جايون خريد ڪريو، فرنيچر وٺو جيڪو بهترين قسم جي ڪاٺ شيشم ۽ ديال جو ٺهيل هو. اسان کي ايلاز ڪنديون هيون ته هلي ڏسو، اسان سستي اگهه ۾ توهانکي ڏينداسين، امان چيو اسان ٻن ٽن واقف واڻين جي گهرن تي وياسين، اسان پينگها، ڪٻٽ ۽ صندل ورتا. بابا ٻڌايو ته واڻيا منٿون ڪندا هئا ته جايون وٺو پر جي نٿا خريد ڪريو ته به مفت ۾ توهان اهي جايون پاڻ جهليو. اسان جي واپس آياسين ته ٺيڪ نه ته توهانجيون آهن. بابا ۽ ڏاڏا وارا جيڪي هاڻ سرنديءَ وارا هُئا انهن جايون ڪو نه ورتيون، پر زمينون خريد ڪيون. پر تڏهين به هڪ ڊاڪٽر عامل هو، جنهن جون پنج جايون هيرآباد ۾ هيون، پنج ئي هڪ جهڙيون لائين ۾ هيون. اهو ڏاڏا کي زوري ٻن جاين جون چاٻيون ڏئي ويو هُو ته پنجن جاين جون ڄاٻيون مُفت ۾ ڏئي رهيو هو پر ڏاڏا وارن کي ڊپ هو ته حڪومت خبر ناهي ڪهڙا قانون ٺاهي. ڪٿي ڦاسي نه پئون. سو انهن ٻه جايون جهليون جن مان هڪ ۾ اسان اچي رهياسين، ٻي ڏاڏا پنهنجي ڀيڻ کي ڏني. امان ٻڌايو تون ٻن مهينن جو هئين اسان هن جاءِ ۾ آياسين ۽ پوءِ باقي سڀ ٻار هن جاءِ ۾ پئدا ٿيا. مون کان پوءِ منهنجو ڀاءُ حسن علي ڄائو. ان کان پوءِ لڳاتار پنج ڀينرون آيون ۽ آخري ننڍو ڀاءُ منصور علي پئدا ٿيو. اسان ٽي ڀائر ۽ ماشا الله ڇهه ڀينر هئاسين. اسان سڀ پرائمري اسڪول آغا خان ۾ پڙهياسين، پوءِ اسان ڇوڪرا نور محمد هاءِ اسڪول ۾ ۽ ڀينرون وري ميران اسڪول، ۽ پوءِ نذرٿ ڪاليج ۾ پڙهيون. اسان جي اوڙي پاڙي ۾ ڪجهه مهاجر، ڪاٺياواڙي ۽ سنڌي به هُئا. اسان واري جاءِ سان لڳو لڳ چئن جائين ۾ اسماعيلي خواجه هُئا، ڪاٺياواڙي واپاري ٽي ڀائر هڪ ئي جاءِ ۾ رهندا هُئا، جيڪا اسان جي ديوار سان لڳ هُئي، وچمان دروازا به هُئا، انهي ٽنهي ڀائرن کي نياڻين جو اولاد ججهو هو، اسان جي ڀينرن سان دوستي ۽ اچ وڃ به گهڻي هُئي. اهي ڇوڪريون پينگهي ۾ لڏڻ جون شوقين هيون. پينگا صرف سنڌين جي گهرن ۾ هوندا هئا، ڪاٺياواڙي پينگي ۾ شوق سان ويهندا هُئا، اهي ڇوڪريون اڪثر اسان جي ڀينرن سان پينگهن ۾ پيون ڪچهريون ڪنديون هيون. ڏاڍا شريف ۽ نيڪ ماڻهو هُئا. اسان جي گهر جي سامهون هڪ مهاجر جو خاندان هو، جيڪو انڊيا ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو، پڙهيل ۽ سُلجهيل خاندان هو. ان جاءِ جي ڀر ۾ هڪ گلابي پٿر جي شاندار حويلي هُئي. جنهن ۾ هڪ وڏي آفيسر فاروقي صاحب جي ننڍي فيملي رهندي هُئي. ٻه انتهائي خوبصورت ڇوڪريون ۽ هڪ پٽ هو. هنن وٽ هڪ جرمن شيفرڊ ڪتو به هو. جنهن کي رات جو کُڏ تي کولي ڇڏيندا هُئا. پوءِ گهٽيءَ مان ڪو ماڻهو گذرندو هو ته ڀونڪڻ شروع ڪندو جيستائين هو گذري نه وڃي. اسان جي گهر جي پويان واري ديوار سان لڳ، هڪ هندو واڻئي گوبند آڏواڻي جو گهر هو، جتي پاڻ، سندس پوڙهي زال دادي ڊيلان ۽ اُنهن جي هڪ نياڻي سُندري رهندا هُئا، گاڏي کاتي ۾ آڏواڻي گهٽي آهي جتي امير ترين آڏواڻين جون بهترين حويليون ۽ ماڙيون هيون، انهن جو چڱو مڙس لال ڪرشن آڏواڻي هو. جيڪو وڏو تعصبي ۽ ڦڏائي ماڻهو هو. هي اهو ئي ايل-ڪي آڏواڻي هو جيڪو ورهاڱي کان پوءِ انڊيا لڏي ويو ۽ اُتي سياست ۾ حصو ورتو، جنتا پارٽي جو مشهور ليڊر ۽ وزير خارجه به ٿيو هو ۽ بابري مسجد کي ڊاهڻ ۾ هنجو به وڏو ڪردار هو. گوبند انهن جو مائٽ هو، انڊيا ڪو نه ويو هو. ورهانڱي کان ٿورو اڳ گوبند سان هڪ ڏکوئيندڙ واقعو ٿيو. گوبند جون ٻه نياڻيون هيون، وڏي نياڻي هڪ مسلمان سنڌي سان ڀڄي وڃي شادي ڪئي. ان تان هندو برادري ڪاوڙجي پئي. آڏواڻي امير ۽ طاقت ور هُئا. پنچائت ٻانهن واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ وڏو ممڻ مچايو. ذري گهٽ هندو مسلم فساد ٿيڻ وارا هُئا، پر ڪيس عدالت ۾ هليو جتي مائي راضي خوشي شادي جو اعتراف ڪيو، نتيجي ۾هندو ڪُجهه ڪو نه ڪري سگهيا. ان فساد ۾ هندن جو ليڊر اهو ئي لال ڪرشن آڏواڻي هو. گوبند انهن جو مائٽ هو، جيڪو انڊيا ڪو نه ويو، پنهنجي پوڙهي زال ڊيلان ۽ ڌيءَ سُندري سان هتي رهيو. سُندري جيڪا واقعي سندري هُئي. اسان جڏهين ڇهه ستن سالن جا هئاسين، تڏهين سندري سترهن ارڙهن سالن جي نوجوان خوبصورت ڇوڪري هُئي، سنهڙي ڊگهي قدر واري، ڳورو رنگ، اکيون وڏيون، ڪارا ڊگها وڏا وار هُئس. سندري جو مڱڻو ٿيو هو، هن جو منڱيندو انڊيا هليو ويو، سندري انڊيا وڃڻ لاءِ تيار ڪو نه هُئي، پنهنجن پوڙهن ماءُ پيءُ کي ڇڏڻ نٿي چاهيو.
جيئن ته اسان جا گهر گڏيل هُئا، سُندري ڀت تان بيهي امان ۽ ادي وارن سان ڳالهائيندي هُئي، روزانو اسان جي گهر به ايندي هُئي، امان هن کي ڌيءَ وانگر رکندي هُئي. اسان جي وڏي ڀيڻ جي سهيلي به هُئي. امان هن کي سمجهائيندي هُئي ته ڇوري شادي ڪر، سڀاڻ پوڙهو، پوڙهيءَ کان پوءِ اڪيلي ٿي وينديئن. سُندري چار پنج طوطا پاليا هُئا، جن کي ٻوليون ٻولڻ به سيکاريون هيون. سُندري طوطن کي اهڙو پڙهايو هو جو باقائدي چوندو هو ”سُندري سُندري“ گهر ۾ ڪير داخل ٿيندو هو ته چوندو ”ڪير آ ڪير“ سندري وٽ ٻه ٽي ٻڪريون به سُهڻيون هيون، انهن جانورن ۽ پکين سان دل وندرائيندي هُئي. اول گوبند گُذاري ويو، ڪجهه عرصي کان پوءِ ڊيلان به مري وئي. هاڻ سُندريءَ جي عمر به وڌڻ لڳي وارن ۾ اڇا پوڻ لڳا. اڪيلائي به پريشان ڪيو هو. تڏهين انڊيا مان هنن جو هڪ پري جو مائٽ آيو جنهن جي عمر به پنجاهه کان مٿي هُئي. اُن جو ڏٺو ته اڪيلي مائي، قيمتي جاءِ ۽ سامان، سو اُن سندري کي چيو ته مان ڪنوارو آهيان، مون سان شادي ڪر آئون هميشه توساڻ گڏ هتي رهندس. سُندري اول ته انڪار ڪيو، پر همراهه هن کي مجبور ڪندو رهيو. بلڪه ڊپ ڏيندو ۽ پڻ سُهڻا خواب به ڏيکاريندو رهيو. سُندري به شايد اڪيلائين ۽ خوف کان بيزار ٿي هُئي، سو آئي اسان جي امان کان صلاح وٺڻ ته هو ڇا ڪري، امان چيو ڌيءَ تون شادي ته ڀلي ڪر، پر اول پُڇا ڳاڇا ڪر ته هي مُڙسالو ڪير آهي. ڪيئن آهي. جيڪو چوي پيو اهو سچ به آهي؟ ٻي هڪ نصيحت امان هن کي ڪئي، امان تاڪيد ڪئي ته تون هيءَ پنهنجي جاءِ اصل نه ڇڏجان ۽ نه ئي ٻي ڪنهن جي نالي لکي ڏجان، پنهنجي اباڻي اجهي کي هٿ مان نه ڪڍجان، خير هن ويچاري جو ٻيو ڪو مٽ مائٽ ته هو ڪو نه، جيڪو پُڇا ڳاڇا ڪري، سو مهينو ٻه سوچي نيٺ هن ها ڪئي. امان هنجي ماءُ ٿي. ادي وارين هن کي ميندي لڳائي، ڪنوار جو ڳاڙهو وڳو پاتو، هندو رسمن ساڻ سُندري جي شادي ٿي وئي. ٻه ٽي مهينا ڏاڍي خوش هُئي، هُنجي هميشه رهندڙ اداس ۽ پيلي چهري تي خوشي ۽ لالاڻ جا رنگ نظر آيا پر سال ڏيڍ کان پوءِ هن امان کي ٻڌايو ته هو شراب جام ٿو پيئي، ڪم ڌنڌو نٿو ڪري، چوي ٿو پئسا ڏي ته ڪاروبار ڪريون. مهيني ٻن کان پوءِ سُندري امان کي ٻڌايو ته هو چوي ٿو جاءِ وڪڻي ڪو ڌنڌو ڪريون، مون انڪار ڪيو آهي ته روز ٿو مون سان وڙهي، هاڻ آئون ڇا ڪريان. امان چيس ته مُئي متان اهڙو جڏو ڪم ڪيو اٿئي، هي تنهنجي مائيٽاڻي جاءِ آهي، ڇت تنهنجي پنهنجي آهي، آخري عمر جو اجهو اٿئي، پناهه آهي، متان اهو ڪم ڪرين، رُلي ويندئين. وڌيڪ چيو ته تنهنجي هن شرابي مُڙس جي خبر نٿي پوي ته ڇا نيت اٿس. خير امان ته گهڻو سمجهايس، پر هو روز هن سان جهيڙو لاهيو ويٺو هو، هي اڪيلي ننڌڻڪي زال ذات ڪيترو مقابلو ڪري، سو نيٺ هن حرامي جاءِ وڪڻي ڇڏي، ٻه اڍائي لکن ۾ ۽ پاڻ ٽنڊي ولي محمد ۾ هڪ ڪمري واري مسواڙي جاءِ ۾ ويٺا، هن ٺڳ کي ٻه لک مليا ته خوب شراب ڪباب ڪرڻ لڳو. اُنهي دور ۾ خبر پئي ته فراڊي جي انڊيا ۾ به شادي ٿيل آهي، ٻار ۽ نياڻيون جوان اٿس، پوءِ ائين ئي ٿيو، جيڪو ٿيڻو هو. ڪجهه مهينن کان پوءِ سُندري کي اڪيلو ڇڏي، باقي رقم کڻي ڀڄي ويو انڊيا. هيڏانهن سُندري جيڪا بيمار ڪمزور ۽ پوڙهي ٿي وئي هُئي، ڪير به سنڀالڻ کارائڻ وارو ڪو نه هو، مسواڙي جاءِ به ڇڏڻي پئي، پوءِ سري گهاٽ جي هڪ مندر ۾ وڃي پناهه ورتائين جتي ڪجهه سالن کان پوءِ گذاري وئي.