عُمر ميمڻ ”منهنجو يار“
مُحمد عُمر ميمڻ، منهنجو پنجيتاليهه، 45 سال پُراڻو دوست آهي، اصل ٽنڊي محمد خان جي سُکئي ستابي خاندان جو فرد آهي، عُمر جا چاچا ماما وغيره سڀ تعليم يافته ۽ سُٺين پوسٽن تي رهيا، ڊاڪٽر انجنيئر ، جج ۽ وڪيل هُئا، عُمر پاڻ پرائمري اسڪول ٽنڊي ۾ پڙهيو سيڪنڊري حيدرآباد جي نور محمد هائي اسڪول مان پاس ڪئي گريجوئيشن ڪيائين، پر نوڪري ڪو نه ڪئي، عُمر جو والد وڏو زميندار هو، هن کي ورثي ۾ پنج ست سئو ايڪڙ ڀلي زمين حصي ۾ ملي، ان ڪري هن کي جاب ڪرڻ جي ضرورت ڪو نه هُئي، عمر کي نوخيزي ۾ ئي مون وانگر علم ادب ۽ آرٽ جي لغار لڳل هُئي، اسان جي پهرين مُلاقات به آرٽ جي اداري ۾ 1970ع ۾ ٽنڊي محمد خان جي ٽائون هال ۾ محمد عُمر جي لکيل ڊرامي جي هلندڙ شو جي دوران ٿي، ان ڊرامي ۾ منهنجو دوست عظيم خواجه پڻ اهم رول ادا ڪري رهيو هو، جيڪو عمر جو اڳ ئي دوست هو، اسان ان ڊرامي جو ميوزڪ ڏيڻ لاءِ پنهنجي آرڪيسٽرا حيدرآباد مان کڻي ويا هئاسين، بهرحال اهو ڊرامو ڏاڍو ڪامياب ويو هو. محمد عُمر ۽ عظيم وارن جي اداڪاري جي واهه واهه ٿي وئي هُئي، محمد عُمر ميمڻ سان اُتان ئي دوستي شروع ٿي، عمر جا ڊرامن فن ۽ فلمن تي آرٽيڪل ڇپجندا رهيا. عمر پاڪستان ۽ انڊيا جي فلمن ۽ اداڪارن تي تبصرا لکندو هو، ڪنهن اخبار يا ميگزين جو فلمي رپورٽر به رهيو، اخبار ۽ ميگزين جو ايڊيٽر به رهيو آهي، هن وقت به قومي اخبار جو ايڊيٽر آهي.
عُمر آرٽ ادب ۽ فن جي دنيا جو ماڻهو رهيو، بلڪه پاڻ به فنڪارهو، انتهائي پيار ڪرڻ وارو سچو ۽ نيڪ انسان آهي، فنڪارن جون دليون پيار سان پُر هونديون آهن، عُمر به انتهائي مُخلص محبت ڪرڻ وارو دوست آهي، يارن جو يار، وڏي دل وارو، فراخ دل ماڻهو آهي، عُمر جو سڀ کان وڏو شوق، نئين ماڊل جي ڪار وٺڻ آهي، هر سال ٻن ۾نئين گاڏي وٺندو هو، اسان جي جڏهين دوستي جي ابتدا ٿي هُئي، تڏهين سوزوڪي F.X ماڊل جي ڪار جو ماڊل آيل هو ۽ عُمر ڳاڙهي ڪلر جي ايف ايڪس وٺي مون کي ڏيکارڻ آيو هو ۽ اسان لانگ ڊرائيونگ ڪئي هُئي، عمر جي فراخ دلي ۽ مُحبت جو هڪ واقعو دل چسپ آهي.
اسي واري ڏهاڪي ۾ مُنهنجو دوست بابل انشورنس ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو، ماشا الله خوب ترقي ڪئي، مئنيجر هو، هن پنهنجن ڪيترن دوستن ۽ واقف ڪارن کي ايجنٽ ڀرتي ڪيو هو، هن مونکي به زوري ايجنٽ بنايو هو، حالانڪه مون کي اهو ڪم پسند ڪو نه هو. هڪڙي ڏينهن بابل مون وٽ آيو ۽ چيائين عمر ميمڻ خوشحال آهي، اهو ضرور پنهنجي انشورنس ڪرائيندو، پاڻ هلون ٿا ٽنڊي محمد خان، مون گهڻئي آنا قاني ڪئي پر بابل مون کي پنهنجي ڪار ۾ وٺي ٽنڊي هليو، عمر اسان کي اوچتو ڏسي حيران ٿيو، اسان کي اوطاق ۾ ويهاريو، چانهه پيئاري خبرون ورتيون بابل عُمر کي ٻڌايو ته گُلان (مون کي سڀ گُلان چوندا آهن) انشورنس ڪمپني جوائن ڪئي آهي، تنهنجي پاليسي ڪرڻ آيا آهيون، عمر اهو ٻُڌي حيران ٿيو، چيائين يار اوچتو اهو ڪم شروع ڪيو اٿئي، ٻڌائيي به ڪونه بهرحال بابل عُمر کي انشورنس جا فائدا ٻڌايا، هو ٻڌندو رهيو پر ڪو به جواب ڪو نه ڏنو، ٿوري دير کان پوءِ اسان کي وٺي ٽنڊي جي سڀ کان بهترين هوٽل تي وٺي آيو، چيائين ٻه ٿيا آهن، ماني جو ٽائيم آهي، ماني کائي پوءِ ٿا ڳالهايون، خير ماني کاڌي، بابل پنهنجو ليڪچر به جاري رکيو، پر عُمر خاموش جڏهين سڀ ڪُجهه ٿي ويو، تڏهين هن بابل کان پڇيو، پاليسي جا گهڻا پئسا ٿيندا، بابل يڪدم ڪلڪيوليٽ ڪري ٻُڌايو پنج لکن جي پاليسي جا سال ۾ ويهه هزار کن ٿيندا، عمر ڇا ڪيو جو ويهه هزار رپيا ڪڍي اُٿي بيٺو ۽ ڏاڍي پيار ۽ جذبات ۾ ويهه هزار مُنهنجي مٿي تان گهور ڪندي بابل کي ڏنا ۽ چيو ته مُنهنجي يار مٿان ته جان به قربان آهي، هي ويهه هزار ته ڪا ڳالهه ڪانهي.
مُنهنجو پيارو دوست مون ۾ اُميد رکي آيو آهي، مان ڪيئن ٿو هن کي مايوس ڪري سگهان پر يار ڳالهه صاف ۽ سچي اها آهي ته مون کي هن انشورنس پاليسي کان سخت نفرت آهي، بلڪه وهم آهي ۽ مون فيصلو ڪيو آهي ته پاليسي ڪڏهين ڪو نه ڪرائيندس، عُمر چيو ڪجهه وقت اڳ ٽنڊي جو هڪ مائٽ به ايجنٽ ٿيو هو ۽ ان مونکي ڏاڍيون منٿون ڪيون، پر مون انڪار ڪري ڇڏيو هو، سو هاڻي به مان اها پاليسي هرگز ڪو نه هلائيندس، توهان فارم نه ڀريو ته چڱو وڌيڪ توهان جي مرضي، بابل ته فارم ڀرڻ لڳو پر مون عمر کي پئسا واپس ڪندي چيو ته نه يار خير آهي، تو فيصلو ڪيو آهي نه هلائڻ جو ته پوءِ بيڪار آهي، خوامخواهه پاليسي ڪرڻ، پر عُمر پئسا ڪو نه ورتا، بابل فارم ڀري عمر کان صحيحون ڪرايون ۽ پاليسي کي هلائڻ جا زبردست فائدا ٻڌائي تاڪيد ڪندو رهيو ته پاليسي ضرور هلائجو، خير عمر مُسڪرائي ڏسندو رهيو، اسان هن جو شڪريو ادا ڪري واپس آياسين، پر عمر نه ته اهي فارم مونکان کنيا ۽ نه ئي سال کان پوءِ اُن کي هلايو ته اهڙو پيارو آهي مُنهنجو يار محمد عُمر ميمڻ، اڳي جواني ۾ هر هفتي حيدرآباد ايندو هو، عظيم ۽ جرار حُسين به هُنجا دوست هُئا، پر مون ساڻ هن جي دل لڳل هُئي، اسٽوڊيو تي ايندو هو، ڪلاڪ ٻه ڪچهري ڪري پوءِ ويندو هو. 2000ع ۾ عُمر حيدرآباد قاسم آباد ۾ فليٽ خريد ڪيو هو ۽ ٻارن سودو ٽنڊي مان لڏي حيدرآباد اچي رهيو هو. پنهنجي زمين جو ڪجهه حصو پنهنجي ڀاءُ کي مقادي تي ڏئي آيو هو، حيدرآباد ۾ رهندي ٽي سال مس ٿيا هُئا، جو عمر سخت بيمار ٿي پيو، السر ساوڪ کان پوءِ دماغي ۽ نفسياتي بيماري عمر کي ڊاهي وڌو هو، ڏيڍ ٻه مهينا اسپتال داخل رهيو پوءِ رب جا ڪرم ٿيا ۽ هو ٺيڪ ٿي گهر آيو، پر ان دوران هن کي وڏو مالي نقصان ٿيو، هڪ ته بيماري تي وڏو خرچ ٿيو ٻيو سندس ڀاءُ جي بدنيتي جو، هن نه صرف مقاطعي جا پئسا ڪو نه ڏنا، پر زمين تي قبضو ڪري ويهي رهيو، خير سائين پوءِ عُمر وري واپس ٽنڊي لڏي وڃڻ جو درست فيصلو ڪيو ۽ ڀاڻس کان زمين واپس ورتي، خراب ٿيل زمين کي وري ٺاهي تيار ڪيو.
هاڻ ماشا الله عمر ٽنڊي ۾ خوش آهي، پنهنجي اباڻي جاءِ جو حصو وٺي سٺو گهر به ٺهرايو اٿس، هاڻ ٻارن جي شادين ڪرائڻ جي تيارين ۾ آهي، هاڻ پاڻ عمر رسيده ۽ ڪمزور به ٿي ويو آهي، ان ڪري حيدرآباد گهٽ ايندو آهي، فون تي رابطو آهي، اسان جي دعا آهي رب تعاليٰ هن دوست کي سُک ۽ سلامتي عطا ڪري ۽ خوشيون ماڻي. آمين