خواجه منصور علي کوساڻي
اسان جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ، ماشا الله خوبصورت قدآور جوان آهي، جيئن ته سڀني کان ننڍو، آخري ٻار هو، ان ڪري امان بابا ۽ سڀ هن کي پيار ڪندا هُئا، ۽ هو به گول مٽول صحت مند اڇو ڳاڙهو ٻار سو سڀ هن سان پيار ڪندا هُئا، منصور اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، پهرين انجنيئرنگ ڪئي ۽ پوءِ سول سروس جو امتحان پاس ڪري اول مختيارڪار ۽ پوءِ ڊي اي او رهيو، هاڻ S.D.M آهي پر اهم ڳالهه اها آهي ته ٺُپ ايماندار آفيسر آهي، رشوت ۽ حرام جي سخت خلاف، سچو نيڪ ۽ غريبن مسڪينن جو همدرد رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪرپٽ نظام هن کي برداشت نٿو ڪري، جلد بدلي ٿيو وڃي، ڪُجهه سال اڳ منصور ٽنڊو آدم ۾ D.D.O فنانس مقرر ٿي آيو، هي پنهنجو ڪم ايمانداري سان انجام ڏيندو هو، جيڪا ڳالهه ڪرپٽ بالا آفيسرن ۽ هيٺين عملي کي پسند ڪو نه هُئي، سڀ بيزار هُئا، پر هُن جي سچائي ۽ اصول پسندي اڳيان مجبور هُئا، بهرهال اُن جي دور ۾ سنڌ ۾ غير معمولي طور زبردست برساتون پيون هيون، جنهن جي ڪري وڏي ٻوڏ آئي هُئي، سوين ڳوٺ ۽ ڪيئي شهر ٻُڏي ويا هُئا، لکين غريب ۽ مسڪين ماڻهو جانيون بچائي نڪتا هُئا، جيڪي بندن ۽ ڪئمپن ۾ هٿين خالي، بي سرو ساماني جي حالت ۾ بکن ۽ ڏُکن ۾ پهتا هُئا. حڪومت ٻوڏ ستايلن جي کاڌي لاءِ فوري طور فنڊ جاري ڪيا، ٽنڊو آدم ۽ نوابشاهه جي لاءِ ويهه ڪروڙ رپيا آيا جيڪي D.D.O فنانس منصور خواجه جي ڪنٽرول ۾ خرچ ٿيڻا هُئا، منصور فوري طور سوين ديڳون رڌائي بندن ڪئمپن تي ٻوڏ ستايلن کي پهچائڻ جو ڪم چالو ڪري ڇڏيو هو. پر مقامي حڪمرانن ۽ ڪرپٽ آفيسرن جو وات پاڻي ٿيڻ لڳو، هي اوچتي آيل روزي، جيڪا اهڙين ئي اوچتو ايندڙ آفتن وقت ايندي آهي، جيڪا ڪرپٽ حڪمران ۽ وڏيرن ۽کائو بيورو ڪريٽن لاءِ ڄڻ ته رحمت الاهي بڻجي ايندي آهي، سو اهي رهي ڪو نه سگهيا، حڪمران ڌر جا مقامي جيالا ليڊر وفد ٺاهي آيا، ڊي ڊي او فنانس وٽ ۽ چيائون ته هن آيل امداد ۾ پاڻ سڀن جو به حق آهي، انهن ويهن ڪروڙن مان ڏهه ڪروڙ ٻوڏ ستايلن جي کاڌي تي خرچ ڪريون، باقي ڏهه مان هڪ ڪروڙ توهان رکو، نَو ڪروڙ اسان کي ڏيو ته اسين هيٺ کان مٿي تائين سڀني کي پنهنجو حصو پُهچائي اُنهن کي راضي، خوش ۽ چُپ ڪرائي ڇڏينداسين، پوليس، اينٽي ڪرپشن صحافي سڙا به ته خوش ۽ ماٺ ڪرائڻا ٿا پون. منصور انهن جي سڄي ڳالهه ٻُڌي، چيائين ته بابا هي پئسا مُصيبت جي ماريل مسڪين ماڻهن جي امانت آهن، اوچتي آيل آفت ۾ ڦاٿل غريب هارين نارين، بک ۾ ويٺل عورتن ۽ ٻارن جي کاڌي خوراڪ لاءِ آيل فنڊ آهي، جيڪو پڻ تمام گهٽ ۽ ناڪافي آهن، هي آفت جا ماريل غريب سڀ توهانجا پنهنجا ووٽر به آهن، انهن مصيبت جي ماريل بُکن ۽ ڏُکن ۾ ورتل ماڻهن جي وات مان گراهه کسي، مظلومن جي روزي ڦري مان يا توهان ان حرام کي پنهنجن ٻچن کي کارايون، اهو درست ناهي، اهو قطعن غلط، غير اخلاقي ۽ غير انساني فعل آهي، تنهن ڪري مان ائين هرگز ڪو نه ڪندس، منصور انهن کي ٺُپ جواب ڏئي ڇڏيو، پوءِ ته سائين اِهي لوسي وڏيرا، بدڪردار ۽ بداخلاقن جو ٽولو، اول ته منٿ ميڙ ۽ چئو چوا ڪرائي، چاپلوسي ۽ لالچ جا حُربا هلايا، نتيجو نه نڪتو ته پوءِ ڌمڪين تي لهي آيا، پر منصور ڪا به پرواهه نه ڪئي ۽ صاف انڪار ڪري ڇڏيو. تڏهين هي سڀ چڱا مڙس وفد ٺاهي ويا وزيراعليٰ وٽ ۽ هن کي ڊي ڊي او جي ظلم و ستم جي اندهير نگري جي دانهن ڏني. وزيراعليٰ کي قائل ڪري D.D.O جي فوري طور بدلي جا ۽ نئين پنهنجي پيالي بائي D.D.O جي مقرري جا آرڊر ڪڍرائي آيا، ٻي ڏينهن ڏاڍي فخر ۽ تڪبر سان آيا، خوشي فاتحانه انداز ۾ اچي، مظلومن جي مال تي قبضو ڪيو، مُنصور پنهنجي اخلاقي فتح ۽ هنن گندين مڇين جي جهالت ۽ شيطانيت تي مُسڪرائيندي چارج ڇڏي ۽ ڪپڙا ڇنڊي هليو آيو، اچي هيڊ آفيس ۾ رپورٽ ڪئي. منصور پنهنجي اداري ۾ ايماندار ۽ نيڪ آفيسر طور مشهور هو، هن کي آفر ٿي ته سنڌ جي ٻي ڪنهن شهر ۾ پوسٽنگ وٺي، پر هن کي حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر ۽ ٻارن سان رهڻ ئي پسند هو، ٻي ڪنهن شهر ۾ پوسٽنگ وٺي اُتي ٻارن کي وٺي وڃڻ جي به خلاف هو، ڇاڪاڻ ته ٻارن جي تعليم ۽ ماحول تي خراب اثر ٿي پيو ۽ ٻيو ته امن امان جي سخت خراب حالتن ۾ اڪيلي يا ٻارن سان به سفر ڪرڻ خطرناڪ سمجهندو هو، ان ڪري حيدرآباد شهباز بلڊنگ ۾ انتظامي پوسٽ تي آرام ۽ سڪون سان ويٺو رهيو.
اسان جي خاندان ۾ منصور جيئن ته سڀني ٻارن ۾ آخري ٻار هو، ان ڪري امان بابا جو دادلو هو ۽ ٻيا سڀ به هُن کي ڀائيندا هئا، اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينرون پرڻجي وياسين ته پويان بابا ۽ امان ساڻ منصور هو. امان بابا جو دادلو ۽ پيارو هو، ان ڪري هُن کي ملڪيت به وڌيڪ ۽ بهتر ملي. اسان جي ٽوٽل پنجاهه کن ايڪڙ زمين مان سڀ کان قيمتي زمين هن کي ملي، جيڪا قومي شاهراهه سان لڳ هُئي، ٻي طرف امان واري ست ايڪڙ زمين به سون جو ٽڪر هُئي، نيشنل هائي وي جي ساڄي پاسي امان جي زمين ۽ کاٻي پاسي اسريٰ يونيورسٽي هُئي پر افسوس جو بابا جي وفات کان پوءِ اسان کي ٻڌائڻ کان سواءِ تڙ تڪڙ ۾اها زمين تمام سَستي ۾ وڪڻي ڇڏي، 35 لکن ۾، جنهن مان اڌ رقم مان بابا جو کنيل قرض ادا ٿيو، باقي اڌ پئسن مان منصور شادي ڪئي. بابا امان وارو بنگلو به منصور کي مليو. بابا جي وفات کان پوءِ امان اُتي ئي منصور ساڻ رهي، منصور امان کي سنڀاليندو ۽ خوش رکندو هو، شادي کان پوءِجيئن اسان جي معاشري ۾ ٿيندو آهي، منصور جي زال سان امان جي کِٽ پِٽ هلندي هُئي، پر منصور هميشه امان کي عزت ۽ پيار ڏيندو هو، خرچ پکي ۾ به امان کي خوش ۽ مطمئن رکندو هو. منصور جيئن ته پاڻ نيڪ سچو ۽ مُحبت ڪرڻ وارو ماڻهو هو، ان ڪري اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن سان ٺهندو هو، ڀينرن جا ڪم ڪاريون يا ڪو مسئلو ٿيندو هو ته منصور ئي وڃي حل ڪندو هو. امان بيمار ٿي ، وفات تائين لکين رپيا هن خرچ ڪيا. بزرگن جي وفات کان پوءِ خاندان جو ڪِلو اُکڙيو وڃي، ماءُ ۽ پيءُ جو گهر مرڪز هوندو آهي، اولاد جي لاءِ هڪ پناهه گاهه هوندو آهي، ماءُ پيءُ جي انتقال کان پوءِ اهو مرڪز ختم ٿيو وڃي ۽ اولاد وري هر ڪو پنهنجو جُدا مرڪز جوڙيندو آهي، هڪ وڏي آستان جي خاتمي کان پوءِ، وري ننڍا ننڍا ڪئي ٺڪاڻا ٺهندا آهن، اهو ئي فطرت جو نظام آهي.