”آخري اکر“
پيٽ ورن جون هي ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون پنهنجن پيارن سان اورڻ جي هيءُ هڪڙي ننڍڙي ڪوشش آهي جو حياتي هڪ اهڙي بيوفا محبوبه آهي جو ڪنهن به گهڙي رسامو ڪري سگهي ٿي.
جيون جي پوئين پهر ۾ هڪ يورپي مفڪر چيو آهي ته “HOW MUCH TO DO AND HOW LITTLE DONE” (ڪيترو نه گهڻو ڪرڻو هوم ۽ ڪيترو نه ٿورو ڪري سگهيس.) پر آئون ته وقت جي هن وشال سمنڊ مان هڪ قطري جيترو ڪم به نه ڪري سگهيس.
جڏهن ڪو عالم، اديب، شاعر، دانشور يا ڪو ادب دوست پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ چاهيندو آهي ته شايد ان کي ڪيئي ڪتاب لکڻا پوندا جو هُو هڪڙي ڪتاب ۾ نه سموري حياتيءَ جو تفصيل ڏيئي سگهندو ۽ نه ئي ان مان ڪو هو پاڻ ئي مطمئن ٿي سگهندو.
محترم شيخ اياز پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪٿي نه ڀڃجو ٿڪ مسافر“ جي چئن جلدن لکڻ جي باوجود ان مان مطمئن ڪو نه هو، اردو جو مشهور شاعر جوش مليح آبادي پنهنجي آتم ڪٿا”يادون کي بارات“ جي ڇهن جلدن کي ڦاڙي ستون جلد لکيو پر ان مان به مطمئن ڪو نه هو.
مون سان پڻ ساڳي ويڌن آهي جو ڪيتريون ڳالهيون رهجي ويون آهن ته ڪيترن ڳالهين تي غلاف ويڙهي تاڪ تي رکي ڇڏيون اٿم، جيئن غريب غالب چيو آهي ته:
افسوس بي شمار سخن، هائي گفتني،
خوفِ فسادِ حلق سي نا گفته رهه گئين.“
بحرحال جيڪڏهن موت مهلت ۽ جيوت ساٿ ڏنو ته رهجي ويل ڪٿا کي به لکڻ جي ڪوشش ڪندس
هاڻي اردو جو هي شعر ورجائي پنهنجي جيوت جي هن ڪچي پڪي ڪٿا کي ختم ٿو ڪريان:
”سني حکايت هستي تو درميان سي سني،
نه ابتدا کي خبر هي نه انتها معلوم.“
زندگي جون 70 بهارون ۽ خزائون ڏسي چڪو آهيان، باقي رهيل زندگيءَ ۾ صرف هڪڙي خواهش آهي ته پنهنجي حياتي ۾ ئي پنهنجي سنڌ کي آجپي جي منزل تي رسندو ڏسي سگهان. بقول ڀٽائي:
”پهرين وڃان لوءِ ، پوءِ مر پڇنم ڏينهڙا“
*****