آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو: ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. ...“
Title Cover of book فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

ٽائيم فوٽوز کان عليحدگي ۽ سارنگ فوٽواسٽوڊيوز جو آغاز

ٽائيم فوٽوز کان عليحدگي ۽ سارنگ فوٽواسٽوڊيوز جو آغاز

1978: پنج سال ٿي ويا هئا. ٽائيم فوٽوز تي، هاڻ ته سڄي مُلڪ ۾ مشهور ٿي ويو هو، اسانجو اسٽوڊيو تمام سٺي فارم ۾ هلڻ شروع ٿيو هو، هاڻ اسان جي ڪمائڻ جا ڏينهن هُئا، تڏهين هڪ معمولي ڳالهه تان، نُور احمد ۽ منهنجي پارٽنرشپ ختم ٿي وئي ۽ مونکي ٽائيم فوٽوز ڇڏڻو پئجي ويو.... اصل ۾ واقعو يا سبب ڪو ايڏو اهم ڪو نه هو، پر خبر ناهي ڇو ادا نور احمد کي ائين لڳو يا هن ائين سمجهيو ته هاڻ مزيد ڀائيواري ڪا نه هلي سگهندي. نور احمد مون سان ڪو به ذڪر نه ڪيو، ڪا به ڳالهه ڪو نه چئي ته هي مسئلو آهي. ڪو پرابلم پيو ٿئي ته مونکي ٻُڌائي ها، بلڪل نه، بس اوچتو نور احمد مُنهنجي والد صاحب وٽ ويو، ان کي چيائين ته غلام علي اسٽوڊيو کي سياست جو ڳڙهه بنائي ڇڏيو آهي، ڪاروبار جي جاءِ تي سياست ۽ انقلابي جدوجهد پئي هلي. مختلف پارٽين جا ماڻهو ٿا اچن، بحث مباحثه ۽ اختلاف ٿا ٿين، ڪارڪن جذباتي آهن، جهيڙن ۽ جهڳڙن ڪري خطرو آهي ڪو مسئلو نه ٿي پوي. وڌيڪ چيائين ته اسان جي سياسي سوچ ۾ اختلاف آهي، ان ڪري هاڻ اسان مزيد گڏجي ڪم نٿا ڪري سگهون. انڪري اسان ٻنهي مان ڪو هڪ ٽائيم فوٽوز سنڀالي. ان لاءِ نُور احمد چونڊ جو پهريون حق مونکي ڏيندي، بابا کي چيو ته ڀلي گُلان پاڻ ٽائيم فوٽوز جهلي ۽ مونکي وهنوار ڏي، يا پوءِ مونکان وهنوار وٺي... نور احمد بابا کي اهو فيصلو ٻُڌائي هليو ويو، بابا مونکي گهرايو ۽ جڏهين هي ڳالهه ٻُڌائي ته مان حيران ۽ پريشان ٿي ويس. مونکي دل ۾ ڌڪ لڳو، مونکي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. مُنهنجي ته وهم گمان ۾ به ڪو نه هو ته ڪو هيئن به ٿي سگهي ٿو ۽ منهنجي ۽ نور احمد جي وچ ۾ ايڏي بدگماني پئدا ٿي ويندي. سو مون سوچيو ئي ڪو نه هو. منهنجي خيال ۾ هي ڪو ايڏو وڏو مسئلو ڪو نه هو، نظرياتي اختلاف پنهنجي جاءِ تي، هر ڪنهن کي سوچ ۽ فڪر جي آزادي آهي. سياست پنهنجي جاءِ تي، بزنس، دوستي ۽ رشتي داري پنهنجي جاءِ تي هلڻ گهرجن، منهنجو خيال هو ته اهو سلسلو هلي سگهي پيو، پر ادا نور احمد بابا کي آخري فيصلو ٻُڌائي هليو ويو.... مون بابا کي چيو ته ٺيڪ آهي جيتوڻيڪ مون هن ٽائيم فوٽوز کي هلائڻ ۽ ڄمائڻ ۾ وڌيڪ محنت ۽ جدوجهد ڪئي آهي، نور احمد ته هتي نئون آيو هو. اسان ته اصل هتي جا، ان ڪري اسان کي وڌيڪ ماڻهو سڃاڻن، اسان جي دوستي ياري مٽي مائٽي ۽ واقفيت تمام گهڻي هُئي، تنهن کان سواءِ اسٽوڊيو مسواڙ تي مون ورتو هو، ڪرائي جي رسيد مُنهنجي نالي آهي. مان اسٽوڊيو جهليندس، مون پنهنجو فيصلو ٻُڌايو پر بابا ۽ امان مونکي چيو ته نور احمد فيصلي جو پهريون حق توکي ڏنو آهي، پر توکي هٿ کڻڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته نور احمد پاڻ جو نياڻو آهي، هو تلهار مان لڏي هتي پاڻ جي آسري ۽ سهاري تي آيو آهي، توهان گڏجي ڪاروبار ڪيو، هاڻ جيڪڏهن تون اسٽوڊيو پاڻ رکندين ۽ هُنکي جُدا ڪندين ته اُهو سٺو نه ٿيندو، ماڻهو چوندا ته پنهنجي ناٺيءَ کي گُهرائي پوءِ اُن مان هٿ ڪڍي ورتو ۽ اُنکان روزگار به ڦُري ورتو، هنکي حيدرآباد سڏائي پوءِ دوکو ڏنو. ناٺي ماڻهوءِ سان اهو ورتاءُ درست ناهي. انڪري توکي قرباني ڏيڻي آهي. هر حالت ۾ توکي هٿ کڻڻو آهي. بابا ۽ امان مونکي مجبور ڪري ڇڏيو.
ان اسٽوڊيو جهلڻ يا ڇڏڻ واري ڪشمڪش دوران هڪ واقعو ٿيو، جيڪو مُنهنجي لاءِ اعزاز هو. جڏهين اسان جي پاٽنرشپ ختم ٿيڻ جون ڳالهيون هلي رهيون هيون، تڏهين دوستن ۽ ساٿين سان به ذڪر ٿيندو هو، سڀ مون کي اسٽوڊيو نه ڇڏڻ جو مشورو ڏيندا هُئا، مان وري پنهنجي مجبورين جو ذڪر ڪندو هُئس ته يار مون وٽ رقم ته آهي ڪو نه، ان ڪري شايد مونکي ڇڏڻو پوي. اها خبر پليجي صاحب ۽ جيجي زرينه بلوچ کي به پئي، جيجي زرينه سان مُنهنجيون ٻه ٽي ملاقاتون ٿيون هيون، جيجيءِ کي جڏهين خبر پئي ته گُلان وٽ پئسا ڪونهن ان ڪري اسٽوڊيو ڇڏڻ تي مجبور آهي، تڏهين هن عظيم عورت ڇا ڪيو جو، مونکي سڏائي پڇيو به ڪونه، اسلم کي پنجويهه 25 هزار رپيا لفافي ۾ وجهي ڏنا، جيڪو مونکي گهر تي اچي ڏئي ويو، ان نياپي سان ته، اسٽوڊيو بلڪل نه ڇڏج، باقي پئسن جي ضرورت پوي ته اهي به ڏينداسين. جڏهين مون لفافو کولي پئسا ڏٺا ته خوشيءِ ۾ اکيون ڀرجي آيون، اهڙي محبت، ايڏي همدردي ته صرف سڳي ماءُ ئي ڪري سگهي ٿي، پنهنجي اولاد سان.. حالانڪه پليجي صاحب ۽ جيجي زرينه ۽ اياز و اسلم سان تعلق کي سال ڏيڍ مس ٿيو هو، پليجي صاحب ۽ فاضل راهو وارن جا غريباڻا گهر پٺاڻ ڪالوني ۾ هُئا، جتي اڪثر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو، جيجي وارا به هڪ ٻه ڀيرا مُنهنجي گهر آيا هُئا، جيجي سان گڏ هڪ ٻه پروگرامن ۾ مان فوٽو ڪڍڻ به ويو هُئس، سچ ته جيجي جي عظمت کي سلام آهي، جيڪا پنهنجي هڪ غريب ساٿي جي روزگار کي بچائڻ لاءِ ڪيئن بيچين ٿي ۽ ان جي هڪدم مدد ڪئي. سچ ته مونکي فخر آهي اهڙين عظيم هستين جي محبت ۽ مدد تي.
خير، بابا ۽ امان جي حڪم تي مونکي ٽائيم فوٽوز ڏاڍي ڏک سان ڇڏڻو پيو، جيجيءِ جي پئسن جي ضرورت ڪا نه پئي ۽ مان شڪريه سان واپس ڪري آيس، حالانڪه جيجي چيو ته فل حال رک متان ضرورت پوي.
اهڙيءِ طرح اسان جي ٽائيم فوٽوز جي پاٽنرشپ ختم ٿي، نور احمد مونکي وهنوار ڏنو، مان الڳ ٿي ويس، ٽائيم فوٽوز نور احمد جهليو پوءِ مون وري ٽائيم فوٽوز کان ٿورو پرتي، هيرآباد ۾ مياڻي روڊ تي، سارنگ آرٽ اسٽوڊيو جي نالي نئون اسٽوڊيو قائم ڪيو. اُنهن ڏينهن مُنهنجو فرزند سارنگ ڄائو هو، ان ڪري اهو نالو رکيم. سارنگ اسٽوڊيو جي لاءِ سامان، ڪئمرائون ۽ ٻيا اڪيوپمينٽ وغيره وٺڻ لاءِ ڪراچي ويس، پنهنجي دوست عظيم کي گڏ وٺي ويس، اسان ٻنهي سڄو ڏينهن خريداري ڪئي، مطلوبه سامان ۽ ڪئمرائون ورتاسين، رات جو ڏهين بجي واندا ٿي هوٽل تي ماني کائي، ٻارهين بجي ڌاري اسان صدر مان حيدرآباد جي بس ۾ سوار ٿياسين، ته هڪ عجيب واقعو ٿيو، آڌي رات هُئي ان ڪري بس ۾ اٺ ڏهه مسافر مس هُئا، اسان وچ ۾ سيٽن تي ويٺاسين، بس جڏهين سهراب ڳوٺ اسٽاپ تي بيٺي تڏهين هڪ ڳوري چٽي خوبصورت ڇوڪري، شوخ رنگ ڪپڙن ۾ عمر اٽڪل 20 سال کن هوندي، اڪيلي بس ۾ چڙهي ۽ اسان جي اڳيان واري سيٽ تي ويٺي، هن وٽ ٻيو ڪو به سامان ڪو نه هو، صرف هڪ پرس هٿ ۾ هو، بس ڪراچي مان نڪتي، ڇوڪري به حيدرآباد جي ٽڪيٽ ورتي، ڊرائيور ڪنڊيڪٽر ۽ هڪ ڏاڙهي وارو مُلو به هن کي تاڙڻ لڳا، مُلو جيڪو اڳيان ويٺو هو، هر هر مُڙي پيو ڏسي. آئون ۽ عظيم پنهنجون ڳالهيون ڪندا رهياسين، جڏهين اڌ پنڌ گذريو تڏهين ڇوڪري اسان ڏانهن مُنهن ڪري پڇيو، آپ حيدرآباد ۾ رهتي هو، اسان چيو ها، ته هن پڇيو ڪس علائقي ۾ رهتي هو. آپ لطيف آباد مين رهتي هو، اسان چيو نهين هم هيرآباد مارڪيٽ مين رهتي هين، تڏهين هن ڪنهن علائقي جو نالو وٺي پڇيو ته يه ڪهان هي، اسان اهو نالو پهريون ڀيرو ٻڌو هو، ان ڪري اسان چيو ته اسان کي خبر ڪونهي، پر لطيف آباد تمام وڏو علائقو آهي، شايد اهو علائقو لطيف آباد ۾ هُجي، ڇوڪري پڇيو هي بس لطيف آباد ويندي، اسان ٻُڌايس ته هي بس اسٽاپ تائين ويندي اهو ٻُڌي هوءَ ڪُجهه پريشان ٿي وئي. اڳيان ويٺل مُلا جڏهين ڏٺو ته ڇوڪري اسان سان ڳالهائي پئي ته وٽ سٽ کائڻ لڳو، ڪاوڙ ۽ نفرت سان پيو ڏسي ۽ بُڻ بُڻ ڪندو خبر ناهي ڇا چئي رهيو هو، جيڪو بس جي گهوڙ ۾ ڪو نه ٻُڌوسين، ڪنڊيڪٽر ۽ ڊرائيور پاڻ ۾ اشارا ڪندا مسڪرائيندا رهيا. جڏهين ته ڇوڪري ڪا ڄاتل سڃاتل جاءِ جو نالو نه پئي ٻُڌائي سگهي، حيدرآباد ويجهو ايندو رهيو ۽ هوءِ بيچين ٿيڻ لڳي، تڏهين مُون هن کي چيو ته، تون ته ڪا چري ڇوڪري آهين جو آڌي رات جو اڪيلي نڪتي آهين حيدرآباد وڃڻ لاءِ توکي جتي وڃڻو آهي اُتي جي به درست ائڊريس تو وٽ ڪانهي. صرف سڪندر مامون ڪا گهر توکي ڪٿان ملندو. رات جو ٽين بجي شهر ۾ سُڃ هوندي، روڊن تي رستن تي صرف ڪُتا ۽ بدمعاش ماڻهو ئي هوندا، تون ته لٽجي برباد ٿي ويندي، مُنهنجي اهو چوڻ تي هوءِ وڌيڪ پريشان ٿي وئي، تڏهين مُون هن کي آفر ڪئي ته، اسين ٻچڙيوال ۽ شريف ماڻهو آهيون، مُنهنجو گهر آهي زال ۽ ٻار ٻچا آهن، مُنهنجون ٻه نياڻيون به آهن، تون رات هلي اسانجي گهر تي رهو، صُبح جو مان توکي خود هلي تلاش ڪري تنهنجي عزيزن وٽ پهچائي ايندس، ڏينهن شينهن آهي، ڏينهن جو تون پاڻ به وڃي سگهندين، پر هن وقت رات جو توکي سخت خطرو آهي. هن ڪو جواب ڪو نه ڏنو، ٻڏتر ۾ رهي، حيدرآباد آيو قاسم چوڪ تي اسان لٿاسين، پنهنجو سامان لاٿوسين، آخر ۾ ڇوڪري کي ڏٺم پر هن ڪو ردعمل ڪو نه ڏيکاريو، خاموش ويٺي رهي، عظيم ٻڌايو ته ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر پاڻ ۾ اشارا ڪري رهيا هُئا ته ڇوڪري کي اڳتي وٺي هلون، اسين لهي وياسين بس ڇوڪري سودو اڳتي هلي وئي، اسان ٻئي هن ڇوڪري لاءِ فڪر مند ٿيندا واپس آياسين، پوءِ خبر ناهي هن جو ڇا ٿيو، سڪندر مامون جي گهر پهتي يا پٺاڻن جي ور چڙهي ويئي. سارنگ اسٽوڊيو جي تياري ۽ سيٽنگ ۾ مُنهنجو دوست عظيم مون ساڻ گڏ رهيو، سليم D.S.P جي ٽريننگ لاءِ شهدادپور هو، آئون اڪيلو هُئس، عظيم منهنجو مددگار هو، پوءِ جڏهين تياري مڪمل ٿي، افتتاح جو وقت آيو، تڏهين ڪجهه دوستن ۽ واقف ڪارن جي موجودگي ۾، پنهنجي دوست عظيم کان افتتاح ڪرايم، عظيم باقاعده ربن ڪٽي، سارنگ آرٽ اسٽوڊيو جو افتتاح ڪيو، دعا ٿي ڪيڪ ۽ بوتل پيئاري، اهڙي طرح سارنگ آرٽ جو جنم ٿيو، جيڪو پوءِ پنڌرهن سال قائم رهيو، ۽ اهي پنڌرهن سال مُنهنجي زندگي جا يادگار ۽ تاريخي واقعن سان ڀريل رهيا...
سارنگ اسٽوڊيو شروع ٿيو ته سڀ پارٽي ساٿي ۽ دوست اچڻ لڳا، پارٽي جا سڀ پروگرام مان اٽينڊ ڪندو هئس، فوٽو گرافي جو شعبو مُنهنجي حوالي هو، سڄي سنڌ ۾ جتي به پليجي صاحب جو پروگرام هوندو هو اُتي مان فوٽو ڪڍندو هُئس، جتي راڳ رنگ ۽ ميوزيڪل پروگرام هوندو هو، جيجي زرينه به هلندي هُئي ته اسين گڏجي ٽيڪسي ۾ ويندا هُئاسين. هڪ ڀيري اهڙي پروگرام ۾ وڃي رهيا هئاسين، ڪار ۾ مان جيجي ۽ ٻه سازنده هئا، پروگرام پارٽي ليڊر محمد خان مگسي جي فرزند جي شادي جو وليمو هو، جنهن ۾ ميوزڪ ۽ راڳ جو پروگرام به هو، جڏهين اسان ٽنڊو محمد خان ڪراس ڪيو ته جيجي جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي، جيجي ٻُڌايو ته هنکي شگر جي بيماري آهي، خالي پيٽ ۽ بُک ۾ هڪدم معدي ۾ سخت سور پوندو آهي، اهو ايڏو ته شديد هوندو آهي جو ماڻهو تڙپڻ لڳندو آهي، جيستائين هو ڪجهه کائيندو نه تڙپندو رهندو، جيجي کي تڪليف وڌڻ لڳي ته هن چيو فورن ڪنهن هوٽل يا دڪان تي گاڏي بيهاريو، ڪجهه نه ڪجهه کائڻ جو بندوبست ڪريو، جيجي پوءِ ٻڌايو ته هوءِ هميشه پاڻ سان کائڻ لاءِ بسڪيٽ وغيره کڻندي آهي، اڄ به ڪڍي رکيا هُئا پر کڻڻ وسري ويا هُئا، بهرحال تڪليف وڌڻ لڳي، جيستائين ڪا هوٽل اچي اسين به پريشان ٿي وياسين. اُن وقت هڪ ڪکائين هوٽل نظر آئي، جتي هڪ پوڙهو ويٺل هو، جيجي مونکي چيو ها هتي بيهار ۽ ڊوڙ پائي وڃ کائڻ جي ڪا به شئي کڻي اچ، گاڏي بيٺي مان لهي ويس، نما شام جو ٽائيم هو پوڙهو به سڀ ڪجهه ختم ڪري هوٽل بند ڪري رهيو هو، ڌيڳڙا خالي هُئا، باقي اڳيان پاٽ ۾ اڌڙ سُڪل ماني جو پيل هو، نه بسڪيٽ ۽ ٻي ڪا شئي مون اهو اڌڙ ماني جو کڻي پري کان جيجي کي ڏيکاريو ته هي آهي هن يڪدم چيو ها ها اهو کڻي آءُ، اهو سُڪل ماني جو اڌ جيجي کاڌو ۽ تڏهين هنکي آرام آيو، پوءِ اڳتي اسان بسڪيٽ به خريد ڪيا، پر پوءِ خير ٿي ويو.....
سنڌي عوامي تحريڪ جون ذيلي تنظيمون، هارين، مزدورن، شاگردن، عورتن ۽ ٻارڙن تي مشتمل هيون، جن جي سڀني پروگرام جا فوٽو مان ڪڍندو هئس، ظاهر آهي ته سموريون تنظيمون محنت ڪشن جون هيون، ان ڪري هارين پورهيتن وٽ ڪٿان آيا پئسا، پروگرام ڪرڻ لاءِ چندو به اسان پاڻ ڪندا هُئاسين، سو فوٽن جا پئسا ڪٿي هئا جو مونکي ڏين، اڪثر ساٿي اچي پريس ۾ خبر هلائڻ لاءِ ٻه کن ڪاپيون کڻي ويندا هئا، باقي فوٽو مون وٽ پيا هوندا هئا، اهڙي طرح مون وٽ فوٽن جا ڪٽا گڏ ٿي ويا هئا.. ان دور ۾ شير خان لُنڊ جيڪو هاري ڪاميٽي جو صدر هو، جيل مان آزاد ٿي سائين عالم شاهه ۽ ٻن ٻين ساٿين سان اسٽوڊيو تي آيو، همراهن جون ڏاڙهيون وڌيل وار ڪلهن تائين، اصل جهڙا بگٽي ٻروچ هُجن، اُن ئي حالت ۾ مون هنن جا فوٽو ڪڍيا، پوءِ وڃي وار ۽ ڏاڙهي ڪوڙايائون. اُنهن ڏينهن شير خان لنڊ جي ڳوٺ، جيڪو بٺورو کان ٿورو پري هو. هاري ڪانفرنس ٿي هُئي، پليجو صاحب ۽ فاضل راهو جيل ۾ هُئا، اُن وقت ڊاڪٽر فيروز احمد آمريڪا مان واپس اچي پارٽي ۾ سرگرم ٿيا هئا. ياد رهي ته ڊاڪٽر فيروز احمد هڪ مڃيل اسڪالر ۽ معاشيات جو ماهر هو ۽ ”پاڪستان فورم“ نالي اردو ۾ اعليٰ معيار جو ميگزين ڪڍندو هو، ڊاڪٽر صاحب ان هاري ڪانفرنس جو مهمان خاص هو. پينڊال جي لاءِ وڏو ڇنو لڳايل هو ۽ مٽيءَ جي ڌڙي تي اسٽيج هو، باقي هال ۾ زمين تي سارين جي پلال وڇائي هُئي جنهن تي ٻه هزار کن هاري مزدور شاگرد ۽ ٻيا مهمان ويٺل هُئا، اسٽيج تي پلال مٿان فراش وڇايل هُئا، جن تي مهمان خاص ۽ ٻيا هاري مزدور ليڊر ويٺا. جلسو انتهائي مُنظم ۽ مڪمل ڊسيپلين ۾ شروع ٿيو، هاري ۽ مزدور رهنمائن ايڏيون شاندار تقريرون ڪيون جو ماڻهن سان گڏ ڊاڪٽر صاحب به بيحد متاثر ٿيا، جوش جذبي سان انقلابي گيت ڳايا، ڪجهه هاري ٻارن جي تقريرن به داد حاصل ڪيو. آخر ۾ ڊاڪٽر فيروز احمد، مهمان خاص تقرير ڪندي تمام خوشي ۽ بيحد اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ مونکي ائين پيو لڳي ته جهڙوڪر ويٽ نام جي ڪنهن انقلابي ڳوٺ ۾ موجود آهيان، اهڙيون گڏجاڻيون هارين جون مون انگولا ۾ ڏٺيون هيون. ڊاڪٽر صاحب چيو اڄ پهريون ڀيرو هتي هنن هاري ۽ مزدور ساٿين جون تقريرون ٻڌي، ساٿين جو ڊسيپلين ۽ منظم انداز ڏسي مونکي يقين ٿي ويو آهي ته سنڌ جا مظلوم عوام سُجاڳ آهن، هاڻ انقلاب پري ڪونهي، محترم پليجو صاحب وارن جون، سالن جون محنتون ۽ جدوجهدون جلد ڪاميابي ماڻينديون... جلسي جي پڄاڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب ۽ اسان اُتي زمين تي پلال تي ويهي ٺڪر جي پاٽن ۾ پٽاٽن ۽ چڻن جو ڀت کاڌو هو، ۽ رات جو پلال مٿان رليون وڇائي سُتا هئاسين ۽ ٻي ڏينهن صُبح جو مکڻ ماني ۽ لسي جو ناشتو ڪري واپس آيا هُئاسين، واضح رهي ته ڊاڪٽر فيروز احمد جي معاشياتي علم ۽ قابليت ڏسي کيس انگولا جي انقلابي حڪمران سامورا موشيل وزير خزانه ٿيڻ جي آڇ ڪئي هئي.