آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو: ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. ...“
Title Cover of book فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

ڪامريڊ فيروز علي خواجه شهيد

ڪامريڊ فيروز علي خواجه شهيد
خوبصورت اڇو ڳورو نوخيز جوان، جنهن 18، سالن جي نوعُمري ۾ وطن تان جان نڇاور ڪري ڇڏي.
اسان جو پيارو دوست ۽ ساٿي غلام حيدر بابل، جنهن 74 ۾ ڳوٺان پنهنجن بزرگن ۽ وڏيرڪي نظام سان بغاوت ڪري پنهنجي جيجل ماءُ، ٽن ننڍن ڀائرن ۽ ٽن ننڍين ڀينرن کي وٺي حيدرآباد اچي رهيا، فيروز بابل جو ٽيو نمبر ننڍو ڀاءُ هو، جڏهين حيدرآباد لڏي آيا، اُن وقت فيروز جي عمر صرف ٻارنهن سال هُئي، جيئن ته بابل ٽي سال اڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي هُئي، انٽرنيشل هاسٽل ۾ پنهنجي مائٽ شمس خواجه ساڻ رهندو ۽ پڙهندو هو، اڪثر حيدرآباد ايندو هو ته اسان ساڻ به هلندو هو.
بابل ٻه سال اڳ سنڌي عوامي تحريڪ ۾ پليجي صاحب ۽ فاضل راهو وارن سان ڪم ڪري رهيو هو، چيني ويٽ نامي ڪهاڻيون پاڻ پڙهندو هو ۽ ڳوٺ پنهنجي ڀاءُ فيروز کي به پڙهڻ لاءِ ڏيندو هو، فيروز ننڍپڻ کان ئي غير معمولي ذهين ٻار هو، ڳوٺ ۾ هوش سنڀاليندي ڏُک پريشانيون ڏٺائين حالانڪه بابل ۽ فيروز جو والد ننڍو زميندار هو، پر وڏيرڪي سوچ رکندڙ ماڻهو هو، جنهن پنهنجي حَسين زال خوبصورت ٻارن کي ڇڏي ٻي شادي ڪئي هُئي، هي جيڪي کاڏي جي ڳوٺ ۾ ڪچي گهر ۾ رهندا هُئا، انهن وٽ ڪو نه ايندو هو ۽ خرچ پکو به ڪو نه ڏيندو هو، بابل S.R.T ۾ انسپيڪٽر جي نوڪري ڪندو هو، ڳوٺ ماءُ کي خرچ به ڏيندو هو ۽ پاڻ پڙهندو به هو، فيروز ڪچي عمر کان ڏک سٺا ۽ ڳوٺ ۾ طبقاتي فرق جا عذاب به سٺا، فيروز جا هم عمر مٽ مائٽ، سئوٽ ۽ ماسات سڀ خوشحال هُئا، جيڪي پنهنجون خواهشون پوريون ڪندا هُئا، ۽ فيروز ان طبقاتي فرق تي ڏکارو ٿيندو هو، هن کي پنهنجن انهن امير ڇوڪرن سان مزو ڪو نه ايندو هو، هن جا دوست غريب ڪولهي ڇوڪرا هوندا هُئا، بهرحال ظلم و جبر جي ان گُهٽ ۽ ٻُوسٽ ۾ هن نوخيز ۽ ذهين ترين نوجوان کي جڏهين چيني، ويٽ نامي ۽ ڪوريائي عوامي انقلابي ادب پڙهڻ لاءِ مليو، ڄڻ اُونداهي ۾ روشني جي لاٽ ٻري پئي، هن جاهلانه وڏيرڪي نظام ۽ طبقاتي فرق جي عذاب ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي قوم جي ڀوڳيندڙ اڪثريت کي ظلم مان نجات جي آس، اُميد ۽ واٽ ملي وئي، فيروز حيدرآباد ۾ اچي نور محمد هائي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ باقاعده لينن، مائو، هوچي منهه کي پڙهيو مارڪس ۽ اينگلس کي پڙهيو.
ان وقت فيروز، اياز لطيف پليجو، اسلم راهو ۽ ٻيا ڇوڪرا دوست، گڏجي عوامي انقلابي ادب پڙهندا هُئا، بابل به انهن جي تعليم و تربيت ڪندو هو، اڪثر هنن ڇوڪرن کي تقرير ڪرڻ سيکاريندو هو، هنن کي ڪو موضوع ڏئي چوندو هو ته هر ڪو واري سان اچي اُٿي بيهي ڳالهائي، اهڙي طرح هنن نوجوانن جي عوامي انقلابي تعليم و تربيت ٿيڻ لڳي، فيروز هنن سڀني ڇوڪرن ۾ وڌيڪ ذهين ۽ تيز هو، نور محمد هائي اسڪول ۾ به هوشيار شاگردن ۾ شمار هوس ۽ اسڪول جي ڊبيٽ ۾ اڪثر پوزيشن کڻندو هو، اسڪول جو مشهور استاد محترم غلام حسين بالادي صاحب، فيروز کي ڀائيندو ۽ شاباس ڏيندو هو، پوءِ جڏهين پارٽي سنڌ ۾ ٻارن جي تنظيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، سڄي سنڌ مان ٻارن کي گُهرائي ڪنوينشن ڪوٺائي سُجاڳ بار تحريڪ جو بُنياد وڌو ويو، ته اُن جو پهريون صدر ڪامريڊ فيروز علي خواجه مقرر ٿيو هو، اياز لطيف، اسلم راهو ٻيا سڀ فيروز جي اڳواڻي ۾ گڏجي هنن S.B.T کي سڄي سنڌ ۾ منظم ڪيو ۽ شاخون کوليون.
جيئن ته بابل جي پگهار هئي 550 رپيا، گهر جو خرچ، فليٽ جي مسواڙ ٻارن جي تعليم ۽ سندن خرچ، ظاهر آهي سخت مُشڪل وقت هو، فيروز به ان صورتحال کي سمجهيو ٿي، سو ڀاءُ بابل سان صلاح ڪئي ته پاڻ بُڪ اسٽال لڳايون، جتان ڪجهه آمدني ٿيندي، مان اسڪول کان پوءِ واندو آهيان، بابل کي به اها صلاح وڻي، ڪافي ڪتاب پارٽي جا پيل هُئا، ڪجهه پبلشرن کان وٺي سگهيا ٿي، پر مسئلو هو ته اسٽال ڪئي لڳائجي، گاڏي کاتي ۾ ته ڪا ڪُنڊ به سوين رپيا مسواڙ جي هُئي، پوءِ بابل مون وٽ آيو مُنهنجو سارنگ فوٽو اسٽوڊيو مياڻي روڊ هيرآباد ۾ هو، ان جي ٻاهران پاسي کان دِڪي هُئي، بابل چيو تون اجازت ڏي ته هتي اسٽال رکون، مون چيو بسم الله، هيءِ ته پنهنجي جاءِ آهي، مسواڙ به ڪو نه ڏيڻي پوندي ڀلي ڪريو، رات جو ڪتاب کوکن۾ بند ڪري اسٽوڊيو ۾رکي ڇڏجو، ڪو مسئلو ڪونهي، پوءِ ٻنهي ڀائرن ائين ڪيو. فيروز اسڪول مان اچي ماني کائي ڏهه پندرهن ڪتاب هٿ ۾ کڻي اول ويندو هو، پٺاڻ ڪالوني جي بس اسٽينڊ تي، اُتي بسن ۽ ويگنن ۾ ڪتاب سيل ڪندو هو، ڪو پڙهيل ماڻهو ڏسندو هو ته اُن کي قائل ڪندو هو ته سائين هي ڪتاب تمام زبردست آهي، ضرور پڙهڻ گهرجي، فيروز جي شڪل صورت ايڏي پياري هئي جو ماڻهو هن کان ڪتاب خريد ڪُندا هُئا، اهڙي طرح ڏيڍ ٻن ڪلاڪن ۾ پنج ست ڪتاب وڪڻي ايندو هو، ۽ پوءِ وري اسٽوڊيو ٻاهر ڪتاب سجائي فُٽ پاٿ تي اسٽول رکي ويهندو هو، سوبه واندو نه، اسڪول جو يا ڪو نه ڪو ڪتاب هٿ ۾ هوندو هُئس جيڪو پڙهندو رهندو هو، اهڙي طرح رات تائين مڙئي پنجاهه سٺ رپيا ڪمائي وٺندو هو، فيروز هڪ بُردبار قسم جو ڇوڪرو هو، محنت مزدوري ڪرڻ ۾ عيب ڪو نه سمجهندو هو، حالانڪه هو سُجاڳ ٻار تحريڪ سنڌ جو صدر هو ۽ نور محمد هائي اسڪول جو ڄاتل سڃاتل هر دلعزيز شاگرد هو، هن کي سڀ سڃاڻندا ۽ ڄاڻندا هُئا، پر هي فخر سان سڀ ڪم ڪندو هو، پارٽي جي ميٽنگس، ڪانفرنسز ۽ دورا به ڪندو هو، ڪلاس هلائيندو هو، ليڪچر ڏيندو هو، هڪ ڀيرو ڪوريا جي آزادي جي ڏينهن تي، ڪوريا جي ڪائونسلر جنرل تقريب ڪوٺائي، جنهن ۾ فيروز به شريڪ ٿيو ۽ هن ڪوريا جي انقلاب، آزادي ۽ هنن جي انقلابي ليڊر ڪم ال سنگ تي تقرير به ڪئي، حالانڪه اُتي ڪيترن ٻين به تقريرون ڪيون هيون پر ڪائونسلر جنرل فيروز جي تقرير تي ايڏو ته متاثر ٿيو، خوش ٿيو جو نه صرف انعام ڏنو پر هن کي ڪوريا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ پڻ اهو به چيو ته، ڪوريا جي انقلاب ۽ آزادي جي جيتري هن نوجوان کي ناليج آهي، اوتري ڪنهن ڪورين نوجوان کي به نه هوندي....
ڪجهه عرصي بعد بابل هڪ پراڻي بس قسطن تي وٺي اُن کي هلائڻ جو ڪم شروع ڪيو، تڏهين هنن بُڪ اسٽال ختم ڪري ڇڏيو، فيروز به هاڻ مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج ۾ داخلا ورتي، هاڻ هو شاگرد سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو هو، فيروز تمام دور رس فڪر و نظر رکندڙ نوجوان هو، هو مخالف پارٽين جي نوجوانن سان ڇتيون بحثون به ڪندو هو، انهن کي غلط به ثابت ڪندو هو ۽ هنن سان دوستيون به رکندو هو، مخالفن سان به محبت ڪندو هو، چوندو هو هي به وطن ۽ قوم لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، هي به اسان جا ڀائر ۽ ساٿي آهن. سترهن سالن جي عمر ۾ فيروز باقاعده هڪ نظرياتي ليڊر ٿي اوڀري رهيو هو. هن جو مطالعو، مشاهدو ۽ عملي جدوجهد هن کي ڪُندن بنائي ڇڏيو هو. هن تعليم سان گڏ پاڻ کي قوم، وطن ۽ مظلوم عوام لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، هو پنهنجي پوري سچائي ايمانداري سان پارٽي جون ذميداريون پوريون ڪندو هو، ٻي هر ڪم کان وڌيڪ اهميت پارٽي ڪمن کي ڏيندو هو، نه ڏسندو هو سردي گرمي نه بُک نه ڊئو نه طبيعت يا صحت جي پرواهه ڪندو هو، حالانڪه هو به ابرو مُڙس سنگل باڊي هو، بيمار به ٿي پوندو هو پر جدوجهد ۾ لڳو رهيو. هاڻ هن جي عمر 18 ارڙهن سال ٿي هُئي، هو هڪ حَسين خوبرو نوجوان ٿي اُڀري رهيو هو، باشعور ذهين ۽ پُروقار ليڊر جا آثار نمايان ٿيندا ويا، سڀني کي هن نوجوان ۾ وڏيون اُميدون هُيون ته هي يقينن منزلون ماڻيندو... انهن ڏينهن سخت سردي هُئي، هيل سيارو به زور هو، فيروز به مسلسل سنڌ جا دورا ڪري رهيو هو، تازو ٺٽو يا بٺورو ۾ ليڪچر ڏئي آيو هو، بُخار به هُئس، ٻه ڏينهن گهر ۾ آرام ڪيائين ۽ بجاءِ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ جي گهر ۾ گوريون کائيندو رهيو، هن جو بخار ٿورو گهٽيو ته همراهه لاڙڪاڻي ۾ هڪ تمام اهم ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ تيار ٿيو، هُن جي ماءُ ۽ بابل به جهليو ته طبيعت ٺيڪ ناهي نه وڃ. پر ڪامريڊ بيماري کي اهميت ڪو نه ڏني، لاڙڪاڻي ويو، ڪانفرنس اٽينڊ ڪئي پر اُتي هن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي، حيدرآباد پهتو ته ماڳئي نازڪ حالت ٿي وئي، بابل هن کي سول هاسپيٽل وٺي ويو، ڊاڪٽرن هن کي فورن داخل ڪري ڇڏيو، بابل وارا غريب ماڻهو هُئا، پرائيويٽ اسپتالن ۾ وڏن ڊاڪٽرن کي ڪو نه ٿي ڏيکاري سگهيا، فيروز کي ساوڪ جو زبردست حملو ٿيو هو، سول اسپتال جي ناقص انتظام ۽ ٽيسٽن جي سُست طريقي ڪار ۽ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي جي ڪري، سنڌ جي هن ذهين باصلاحيت نوجوان جي وفات ٿي وئي. اُن وقت اسپتال ۾ بابل سان گڏ مان به هُئس، هن اوچتي واقعي سان اسان ٻئي چڪرائجي وياسين، اسان کي يقين نه پيو اچي ته ائين به ٿي سگهي ٿو، بابل ته درد و غم ۾ وٺجي ويو، فيروز جي بيجان جسم کي ڀاڪر پائي روئيندو رهيو، خير مون بابل کي سنڀاليو، هن کي آٿت ڏنم پر هاڻ اسان جي لاءِ مسئلو اهو ته گهر وارن کي ڪيئن ٻُڌايون، ماءُ جي پنهنجي حسين نوجوان جگر جي ٽڪڙي جي جُدائي جي خبر ٻُڌي هُن جي ڇا حالت ٿيندي، ڀينرن ڀائرن کي ڪيئن سنڀاليو، بابل کي اها پريشاني هُئي، پوءِ بابل فيصلو ڪيو ته في الحال گهر وارن کي نٿا ٻڌايون ۽ ڪنهن طرح گهر وارن کي فورن ڳوٺ روانو ڪريون ۽ پوءِ پاڻ هتان ميت کڻي سڌو ڳوٺ هلون، پوءِ اُتي گهر وارن کي ٻڌائجي انهن کي ڳوٺ ۾ سنڀالڻ وارا مٽ مائٽ به هوندا، هتي ته اسان اڪيلا آهيون ڪير سنڀالڻ وارو به ڪونهي ۽ پوءِ اسان ائين ئي ڪيو. بابل ڪنهن بهاني سان گهر وارن کي وٺي ڳوٺ روانو ٿيو، پٺيان مان فيروز جو مڙهه ايمبولينس ۾ کڻائي ڳوٺ پهتس، بس پوءِ ته قيامت هُئي، ڪربلا هُئي، واويلا هُئي، ماءُ ۽ ڀينرون جو پاڻي کان ٻاهر مڇي تڙپي ائين تڙپڻ ۽ ڦٿڪڻ هو، صورتحال بيان کان ٻاهر آهي. فيروز جي وفات جي خبر سڄي سنڌ ۾ جهنگل جي باهه وانگر پکڙجي وئي، پري پري کان ماڻهو اچڻ لڳا، قومي عوامي انقلابي پارٽين جا ليڊر، شاگرد مزدور ۽ ڪيئي پارٽين جا ڪارڪن ۽ فيروز جا دوست ڳوٺ پهتا، ڪامريڊ فيروز شهيد کي قومي اعزاز سان رُخصت ڪيو ۽ هُنجي شان ۾ اُتي ٻه ڏينهن اجلاس هلندا رهيا، جنهن ۾ ڪامريڊ فيروز کي خراج عقيدت پيش ڪندا رهياسين.
ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته ڪامريڊ فيروز پنهنجي وطن لاءِ جان ڏني، پارٽي جي فرض ادائي خاطر، پنهنجي بيماري جي پرواهه نه ڪئي ۽ سخت سردي ۾ لاڙڪاڻي ويو، جتان وڌيڪ بيمار ٿي آيو ۽ ان ئي بيماري جي ڪري هُن جي وفات ٿي، نجات جي راهه ۾ جدوجهد ڪندي جان قربان ڪئي...... بهرحال هُنجي وفات قوم جو به نقصان هو، هو جنهن رفتار سان اڳتي وڌي رهيو هو، هُنجي غير معمولي ذهانت، وسيع مطالعي سان هُنجي اُٿڪ ٻُڌائي رهي هئي ته هي نوجوان يقين عروج ماڻيندو، ڪنهن آله مقام تي پهچندو، اسان سڀني کي وڏيون اميدون هيون پر افسوس زماني جي بيقدري ، ادارن جي ناقص ڪارڪردگي، ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ غربت سبب هيرن جهڙو قيمتي جوان ضايع ٿي ويو.