آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو: ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. ...“
Title Cover of book فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

تاثر

تاثر
ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي


غلام علي سان منهنجا تعلقات پنجيتاليهه (45) سالن کان رهندا اچن، اسان جو تعلق ته 1974ع ۾، پارٽي بنياد تي ٿيو، نُور احمد ۽ غلام علي جو ٽائيم فوٽو اسٽوڊيو هيرآباد ۾ هو جتي اسين اول نور احمد سان ملڻ ايندا هئاسين، اُتي ئي هن يار سان مُلاقات ۽ واقفيت ٿي، پوءِ نور احمد ته پارٽي جو صرف همدرد رهيو، پر غلام علي پارٽي ۾ شامل ٿي باقاعده ڪم ڪيو، آهسته آهسته اسان جا ذاتي تعلقات وڌيڪ گهرا ٿيندا ويا، اسان ٻارين ٻچي هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا رهياسين، شادين مرادين، غمين ۽ خوشين ۾ شريڪ رهياسين، غلام علي ۽ سندس ٻار اڪثر مٽيارين ايندا هُئا، اسان ساڻ گڏجي ڌهڙي ۾ دولتپور به هلندا هُئا، غلام علي جي گهرواري ڀاڀي رضيه مون کي پنهنجو ڀاءُ بنايو هو ۽ غلام علي کي منهنجي امان پنهنجو ”پٽ“ ڪيو هو، اسان جو گهر جهڙوڪر هڪڙو هو، منهنجي گهرواري مرحومه فخرالنساءَ به، ٻي ڪنهن مٽ مائٽ جي گهر وڃڻ کان لهرائيندي هُئي، پر چونداسين ادا غلام علي جي گهر ٿا هلون، ته فورن تيار ٿي ويندي هُئي، فخر النساءَ ۽ مون کي، ڀاڀي رضيه جو تيار ڪيل مڇي جو هيڊو ڀت تمام گهڻو پسند هو، فخر النساءَ اڪثر ڀاڀي رضيه کي فون ڪري چوندي هُئي ته سڀاڻي مڇي جو ڀت کائڻ اينداسين، اهڙي قُرب واري ماحول ۾ پنجويهه سال گذري ويا، اسان جا ٻار جيڪي ابتدا ۾ ننڍا هئا، سڀ وڏا ۽ جوان ٿي ويا، انهن جون شاديون ٿيون، اسان ڏاڏا ۽ نانا به ٿياسين ۽ پوڙها ٿي رٽائر به ٿي وياسين، پر اڄ به اسان جا تعلقات اُهي ئي ساڳيا آهن، آئون هن بيماري جي حالت ۾ به، جڏهن گهر ۾ ويهي بيزار ٿيندو آهيان، يا جڏهن تمام گهڻو پريشان ۽ مايوس هوندو آهيان، تڏهن فرزند رضوان شاهه منهنجي اُداس ڪيفيت ڏسي چوندو آهي ”بابا هلو ته چاچا غلام علي کان ٿي ٿا اچون.“ غلام علي جو نالو ٻُڌي مون ۾ به جهڙوڪر ساهه پئجي ويندو آهي، هڪدم چوندو آهيان، ”هلو هلو بابا سڀ ٿا هلون“. اهو سڀ ان ڪري جو، ماڻهو کي جنهن جاءِ تي عزت، احترام ۽ محبت ملندي آهي، اُتي دل به ڇڪ کائيندي آهي، جتي پنهنجائپ ۽ پيار هوندو، اُتي وڃڻ تي خوشي ٿيندي، ادا غلام علي جي ملڻ سان مون کي جيڪو اُتساهه ۽ اعتماد ملندو آهي، سچو قُرب، احترام ۽ وقار ملندو آهي، اهو منهنجا سڀ ٿڪ لاهي ڇڏيندو آهي، اسين روح رهاڻ ڪندا آهيون، ڏک سُک ونڊيندا آهيون، تڏهن مُنهنجي دل تان سڀ بار لهي ويندا آهن، اُداسي ۽ مايوسي مان نڪري خود اعتمادي سان تازو توانو ٿي خوش خوش گهر ويندو آهيان، هن يار سان ملاقات کانپوءِ، مُندل ۽ مايوس ماڻهوءَ ۾ وري جيئڻ جو اُتساهه پيدا ٿي ويندو آهي، اهو سڀ سندس سهڻي سڀاءُ ۽ نيڪ نماڻي طبيعت جو اثر هوندو آهي.
ساٿي غلام علي 1978ع کان 1998ع تائين سرگرم پارٽي ڪارڪن ۽ ليڊر رهيو، بظاهر ته هي فوٽو گرافر هو ۽ سندس سارنگ اسٽوڊيو هيرآباد ۾ هو، جيڪو پارٽي جو هڪ ٺڪاڻو هو، اسان اڪثر گڏجاڻيون اسٽوڊيو ۾ ڪندا هئاسين، سڄي سنڌ ۾ جلسا جلوس، فنڪشن ريليون وغيره ڪندا هئاسين ته غلام علي به پنهنجن ڪيميرائن ساڻ گڏ ضرور موجود هوندو هو، سنڌ جي سمورين وڏين سياسي جدوجهد سان جهڙيل رهيو، تمام تاريخي تحريڪن ۽ احتجاجن ۾ شريڪ رهيو، ون يونٽ خلاف حيدرآباد جي تاريخي جلوسن ۾ به موجود هوندو هو، جنهن ۾ جناب حيدر بخش جتوئي، شهيد فاضل راهو وغيره به شريڪ ٿيندا هئا، ان جلوس ۾ سون جي تعداد ۾ سنڌي هاري، ڪُهاڙين، پٽڪن ۽ اجرڪن سان، جيئي سنڌ جا نعرا هڻندا حيدرآباد جي رستن تي ڳاڙها جهنڊا ڦڙڪائيندا هلندا هُئا، ان کانسواءِ لسٽون سنڌي ۾ ڇپيو، نيلام بند ڪريو، ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪن ۽ ايم آر ڊي جي جدوجهد ۾ به شريڪ رهيو، غلام علي نه صرف فوٽو گرافي ڪندو هو پر انهن جدوجهدن ۾ نعرا هڻندو تاڙيون وڄائيندو ۽ جهمريون به پائيندو هو.
عام طور ڪيمرا جي سائنسي اک، خلائن ۾ سيارن کي ڳولهي لڌو، چنڊ جون تصويرون ڪڍيون، ڌرتي جي اندر لڪل خزانا سون چاندي، تيل گئس ۽ ڪوئلو، هيرا جواهر به ڳولهي لڌا، اهڙي طرح هن ساٿيءَ به قومي عوامي انقلابي جدوجهد کي ڪيمرا جي اک سان به ڏٺو ۽ دل و دماغ جي نظر سان به پرکيو، ڪيمرا جي اک سان انهن تاريخي پروگرامن جي عظيم لمحن کي هن تصويرن ۾ محفوظ ڪيو ۽ دل جي اک سان اهي منظر دماغ ۾ ياد رکيا ۽ پوءِ انهن کي تحرير به ڪيو، انهن تحريرن مان ڪُجهه مواد ان وقت اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيو ۽ ڪجهه وري هن آتم ڪٿا ۾ بيان ڪيو اٿس.
غلام علي بنيادي طرح صوفيانه فڪر جو عاشق مزاج ماڻهو رهيو، ڪاروبار بزنس طرف هن جو لاڙو اصل ڪو نه هو، فنون لطيفه، علم ادب ۽ قومي عوامي ڪاز سان وابسته رهيو، زندگي جي اڪثر عملن ۾ هن جو عشق نروار ۽ نمايان رهيو، نوخيزي ۾ هن جو عشق موسيقي سان رهيو، آرڪيسٽرا ۾ شريڪ رهيو، ان کان پوءِ وري تصويرن جي فن سان عشق ڪيائين، فوٽو گرافي جي دنيا ۾ آيو ته اُن کي به ويهن سالن ۾ تاريخ جو حصو بنائي ڇڏيو،
غلام علي جيئن ته خوبصورت قدآور جوان هو، نوجواني ۾ هن يار به ٻه ٽي عشق ڪيا، جن جو ذڪر پاڻ ڪيو اٿس، خاص طور تي هڪ سنهڙي ڊگهي قد واري خوبصورت ڇوڪري جو ذڪر به آهي جنهن سان هن واقعي به عشق ڪيو هو، پر بدقسمتي سان عاشق مُراد نه ماڻي سگهيا، مُراد ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي هڪ ڳوٺاڻي سُلڇڻي ڇوڪري رضيه، جيڪا غلام علي جي سڳي ماسات هُئي، جيڪي تلهار ۾ رهندا هُئا، رضيه نوخيزيءَ کان دل ئي دل ۾ هن سان پيار ڪندي هُئي، پر هي همراهه شهري شهزادو جنهن جو ڌيان پنهنجي هن غريب ماسات ڏانهن بلڪل ڪو نه هو پر پوءِ نصيبن جا ليک ڪير ٿو مٽائي سگهي؟ نيٺ اسان جي سُلڇڻي ۽ سٻاجي ڀاڀي رضيه جي جيت ٿي، جنهن غلام علي کي بيپناهه پيار ڏنو ته هن عاشق به پنهنجي محبت جا خزانه ايمانداري سان ان تي گهوريا نتيجي ۾ هنن جي خوشگوار زندگي گذري ۽ گذري رهي آهي، سندس اولاد ٻن نياڻين ۽ ٻن فرزندن ماشاءَ الله اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، چار ئي ٻار هن وقت پنهنجي ٻارن سان گهرن ۾ خوش آهن، هن جو عشق بيٺل پاڻي نه هو، بلڪه موج ۾ وهندڙ درياءَ هو جيڪو گجگوڙ ڪندو فن فڪر ۽ آرٽ جا بندر وسائيندو اڳتي هلي پنهنجي ڌرتي ماءُ، قوم وطن ۽ ماروئڙن سان محبت جي زمينن کي سيراب ڪندو، اڳتي هلي علم و ادب جي سمنڊ ۾ سمائجي امر ٿي ويو.
غلام علي مجموعي طور هڪ سچو محبت وطن ماڻهو رهيو آهي، 45 سال اڳ، هُن قوم وطن پارٽي ۽ ليڊرشپ سان جيڪو عشق ڪيو، اهو اڄ تائين قائم آهي، اڄ به محترم رسول بخش پليجو صاحب هن جو محبوب رهنما آهي، ان جي فڪر ۽ نظريات تي ڪار بند آهي، هن وقت جناب اياز لطيف پليجو صاحب جي اڳواڻي ۾ اسان سڀ عمل ۾ آهيون، اسان کي هن نوجوان دانشمند ۽ بهادر رهنما ۾ تمام گهڻيون اُميدون آهن. بحرحال غلام علي اسان جو پيارو ۽ سچو ساٿي جنهن مجموعي طور هڪ ڪامياب ۽ خوشگوار زندگي گذاري آهي.
اصل ۾ مون کي ڪتاب جي مصنف کان وڌيڪ ڪتاب تي ئي ڪجهه لکڻ گهرجي ها پر فن ۽ فنڪار جو پاڻ ۾ ائين تعلق هوندو آهي، جيئن گل ۾ خوشبو ۽ چنڊ ۾ چانڊاڻ جو اهڙي طرح فن سان گڏ فنڪار جي به وڏي اهميت آهي، غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. تحرير ۾ سادگي، اسلوب ۾ دلڪشي ۽ واقعات ۾ ايمانداري ۽ سچائي جو اهڙو نمونو ڄڻ ڪر پينٽنگ ڪئي هجي جيڪو يقينن سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو اضافو آهي، هن نه رڳو پنهنجي جيوت جو ذڪر ڪيو آهي پر ان سان گڏ، سياسي، قومي ۽ ادبي تحريڪن جو به تفصيلي احوال ڏنو آهي جيڪو مستقبل جي مورخ کي هڪ حوالي ۽ Reference جو ڪم ڏيندو. خدا کيس صحت ۽ سگهه ڏيئي جو آتم ڪٿا جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي.

سيد عالم شاهه