آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

ڪتاب ”فوٽوگرافر جي آتم ڪٿا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو، جنهن جو ليکڪ خواجه غلام علي کوساڻي آهي. سيد عالم شاه لکي ٿو: ”غلام علي بيشڪ وڏو ۽ رجسٽرڊ اديب نه آهي پر بنيادي طور تي هُو هڪ فوٽو يا وڊيو گرافر آهي ان ڪري سندس آتم ڪٿا جو هي ڪتاب ٻه اکرن بدران نقش گري يا تصوير ڪشيءَ جو هڪ شاهڪار لڳي ٿو. ...“
Title Cover of book فوٽو گرافر جي آتم ڪٿا

” جوهي ۽ واهي پاندي جو سير“

” جوهي ۽ واهي پاندي جو سير“

سارنگ فوٽوز جي شروعاتي ڏينهن ۾، جوهي دادو جي هڪ ساٿي، ڦوٽو رُستماڻي مونکي صلاح هڻندي چيو ته هل ته توکي جوهي، واهي پانڌي ۽ ڪارو جبل گُهمايان، مان به تيار ٿي ويس، ڪئميرا کنيم ۽ اسان ٻئي نڪري پياسين، دادو کان جوهي پهتاسين، اُتان کان واهي ٻانڌي تائين وچ ۾ وڏو رڻ پٽ آهي، جيڪو سُڪل ڪلراٺي ميدانن تي مشتمل آهي. نه وڻ ٽڻ ۽ نه ڪا آبادي آهي، پيئڻ جو پاڻي به ساڻ کڻڻو پوندو . اهو رڻ پار ڪرڻ لاءِ سواري صرف پُراڻي زماني جون فوجي وليز جيپون هيون، حيرت جي ڳالهه اها ته ان هڪ جيپ ۾ سورهن سورهن ماڻهو اهڙي ته حرفت سان کڻندا هئا، جو اچرج وٺيو وڃي. اسان کي حيدرآباد جي مهمان طور اڳيان ڊرائيور جي ڀر ۾ ويهاريو ويو ۽ پوءِ سورهن ماڻهن سان سٿيل اها جيپ مسلسل اڍائي ڪلاڪ ان سڃي ۽ سڌي رڻ مان تيزي سان هلندا، سج لٿي مهل واهي پانڌي پهتاسين، جتي اسان جو پارٽي ساٿين ۽ مقامي ليڊرن محمد حسن رستماڻي، غلام مصطفي رستماڻي ۽ ٻين آڌرڀاءُ ڪيو. هڪ غريباڻي اوطاق ۾ رهياسين، ماني کاڌي ڪچهري ڪئي. صُبح جو ڪاري جبل تي هلڻ جو پروگرام هو. اهڙي هڪ جيپ ۾ اسان ڇهه ست دوست روانه ٿياسين، جنهن ڪلاڪ ڏيڍ ۾ اسان کي هڪ وڏي جبل جي هيٺان اچي لاٿو، باقي اڳيان پنڌ هلياسين. اهو ڪارو جبل هو جنهن جي مٿي چوٽيءِ تي پهتاسين ته پرئين پاسي وڏن جبلن جي وچ ۾ هڪ سرسبز نخلستان اسان جي سامهون هو، جنهن جي وچمان هڪ صاف پاڻي جي ندي وهي رهي هُئي، وڻن ۽ ساوڪن سان ڍڪيل خوبصورت وادي ڏسي دل باغ و بهار ٿي وئي. ندي جي ڀر ۾ وڏي جبل جي هيٺان هڪ وڏي غار هُئي، جنهن جي پڌر ۾ دوستن ڪئمپ قائم ڪئي. غار جي مُنهن تي رليون، اجرڪون وڇائي ويٺاسيسن، ٻه دوست لڳي ويا ماني ٺاهڻ ۾، اسان گوڏ ٻڌي ندي جي شفاف ٿڌي پاڻي ۾ وهنجڻ لڳاسين، تازا توانا ٿي آسپاس چڪر هنياسين، دوست رائيفل ۽ بندوق کڻي هليا هئا، پوءِ نشاني بازي شروع ٿي، سامهون پريان جبل جي چوٽي تي هڪ گول پٿر هو ۽ انکي نشانو ڪرڻو هو. ساٿي مصطفيٰ ماهر نشاني باز هو، اُن ٽي فائر ڪيا ٽئي نشاني تي لڳا، ٻين به ڪيا، آخر ۾ مونکي ڏنائون، مون زندگي ۾ ڪڏهين بندوق ڪا نه هلائي هُئي، سو هڪ دوست ڀر ۾ بيٺو ۽ مون نشانو ٻڌي فائر ڪيو، دوست مونکي جهلي نه بيهي ها ته مان رائيفل جي جهٽڪي سان پٺيان وڃي ڪران ها، نشانو ته ڇا لڳڻو هو، زخمي ٿيڻ کان بچي ويس. خير دوستن مڇي ۽ ماني عجيب طريقي سان تيار ڪئي. اٽو ڳوهي انکي گول پٿر مٿان ويڙهي، انکي ٽانڊي جي ڀر ۾ واري ۾ ڍڪي ڇڏيو، اهڙي طرح مڇي به گرم واري تي پچائي. ٿوري دير کان پوءِ پٿر ڪڍيائون ته ماني پچي تيار ٿي وئي هئي. ماني پٿر تان ٽُڪر ڪري لاٿائون، اهڙي طرح واري تي پڪل مڇي ۽ ماني اسان کاڌي، جنهن جي لذت اڄ پڻ زبان جي ذائقي تي موجود آهي. اهڙي انداز سان تيار ٿيل ماني مون وري زندگي ۾ ڪو نه کاڌي، ماني کائي پو ءِ اسان وادي جا چڪر هنيا، هڪ ٻي وڏي غار اندر وڃي ويٺاسين جنهن ۾ ايڏي ٿڌڪار ۽ فرحت هُئي جهڙو ايئر ڪنڊيشن ۾ ويٺا هئاسين، دوستن ٻُڌايو ته هي غار اندر تمام وڏي آهي ۽ اندران ڪٿي سوراخ آهن، جن مان هوا داخل ٿي ٿئي ۽ غار ٿڌي ٿي رهي. دوستن ٻڌايو ته، بلوچستان جي طرف جيڪب آباد ويندڙ اُٺن جا قافلا هنن غارن ۾ ڊاٻو ڪندا، رات ترسندا آهن پوءِ اڳتي ويندا آهن، پوءِ اسان اُن غار ۾ ويهي مائوزيتنگ جا قول پڙهيا هُئا، اها منهنجي لاءِ حيرت ۽ خوشي جي ڳالهه هُئي، سنڌ جي هن دور دراز علائقي ۾ ساٿي مائوزيتنگ ۽ هوچي منهه جي قولن جون چوپڙيون پاڻ وٽ ٿا رکن ۽ پڙهن ٿا. اهو محترم رسول بخش پليجو صاحب جو پورهيو، جدوجهد جو ثمر آهي. شام جو اسان واپس آيا سين، صُبح جو شهر ۽ بازار گهمڻ وياسين، سڀ ماڻهو ساٿين جي ۽ خاص طور تي محمد حَسن رستماڻي جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪري رهيا هئا. هوٽلن ۽ دڪانن جا ماڻهو اچي هٿ ملاءِ رهيا هُئا، مون ان جو سبب پڇيو ته ڇا محمد وڏيرو آهي، يا چڱو مُڙس آهي، دوست ٻُڌايو ته نه، اسان سڀ عام غريب ۽ هٺين درجي جا آهيون، پر اصل ڳالهه اها آهي جو ٻه ٽي سال اڳ اسان جڏهين پارٽي ۾ آياسين، دوستن جون ڳالهيون، ليڪچر ٻُڌاسين ۽ ساٿين ڪتاب اسان کي ڏنا، چين ۽ ويٽنام جا، جن ۾ ڳاڙهو لالٽين جهڙيون ڳوٺاڻيون انقلابي ڪهاڻيون پڙهيوسين، تڏهين واهي پانڌي جي مُعزز ماڻهن جي هڪ شهري ڪاميٽي ٺاهي، جنهن پنهنجي سچائي ۽ نيڪ نيتي سان هن ننڍڙي شهر جو انتظام سنڀالي ورتو، اسڪول کولائي ماسترن جي ڊيوٽي يقيني بڻائي، ڇوڪرين جي اسڪول جي اهم ضروريات، واش روم، پيئڻ جو پاڻي ۽ ليبارٽري وغيره لاءِ اي ڊي او سان ملي سڀ ڪم مڪمل ڪرايا، سرڪاري اسپتال کي فنڪشنل ڪرائڻ گهٽيون پڪيون ڪرائڻ، ناليون ۽ صفائي لاءِ انتظاميا ۽ ٽائون ڪاميٽي معرفت ڪم ڪرائڻ ان کان سواءِ شهر ۾ ڪو به مسئلو ٿئي جهيڙو جهٽو ٿيندو آهي ته هاڻ ٿاڻي تي يا وڏيري وٽ وڃڻ بدران شهري ڪميٽي ۾ اهو فرياد يا مسئلو ايندو آهي، يا سنڱابندي، شادي يا طلاق، يا ڪو جائيداد جو مسئلو هُجي ته هُن مسجد جي پَڌرَ ۾ هر هفتي شهري ڪَميٽي ۽ معزز ماڻهو گڏ ٿي رات جي چانڊوڪي ۾ فيصلا ڪندا آهن، ۽ تمام فيصلا انتهائي خوش اسلوبي سان ڪيا ويندا آهن. جو ڌُريون راضي خوشي ٿيو اُٿن، ڪجهه عرصي کان پوليس وارا ۽ وڏيرو بُک مرڻ لڳا، صوبيدار بدلي ڪرائي هليو ويو، باقي جيڪي آهن سي اسان کي پيا پٽين ته، هيءِ ڪهڙِي مخلوق آهي جنهن اسان جي پيٽ تي لت ڏني آهي، هڪڙي دوست بازار ۾ اشارو ڪري مونکي چيو هو ڏسو سامهون ڌڪي تي اهو جيڪو چريو جهڙو ماڻهو ويٺو آهي، اهو وڏيرو آهي جيڪو اڳي حاڪم هو اُهو اجهو ائين پيو ڌڪا کائي.. مان اهو سڀ ڏسي حيران ۽ خوش ٿيو هُئس، مون دوستن کي شاباس ڏني... محمد حسن ۽ غلام مصطفيٰ جهڙن عظيم ڪردارن سان ٻه راتيون ڪچهريون ڪري، انهن جو پيار، محبتون ۽ خوبصورت يادون کڻي واپس آياسين.